Sunday 26 February 2023

Sindh in history today (27th February). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {27th February} & Good Day Wish. چو ته تاريخ جو مطالعو ڪريون: ** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي حڪومت سنڌ ۾ ريلوي جي پٽڙي وڇائڻ ۽ ٻيڙي سروس تي ڪم شروع ڪري ڏنو، سنڌ جي ڪمشنر کي چيو ويو ته هو سنڌو درياءَ ۾ فيري سروس هلائڻ جي حوالي سان قدم کڻي. ** 1884ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي مان نڪرندڙ اخبار ”سنڌ گزيٽ“ جنهن جو نالو بعد ۾ روزاني گزيٽ رکيو ويو، ان پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ بمبئي حڪومت جي سنڌ جي ترقياتي رٿائن خاص طور تي پورٽ، اسٽيم ٽرام وي بابت بيحسي واري رويي جي مذمت ڪئي، اهڙي تنقيد کانپوءِ آهستي آهستي اها راءِ قائم ٿي ته سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ٿيڻ گهرجي. ** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي سوشل سروس ليگ نالي جماعت جي مئنيجنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته تعليم کاتي جي اختيارين کي ٺهراءُ موڪليو ويندو ته سنڌي ٻولي کي بي اي ۽ ايم اي جي امتحانن ۾ ٻيو نمبر ٻولي طور لاڳو ڪيو وڃي، جيئن گجراتي، مراٺي ۽ ٻين ٻولين کي لاڳو ڪيو ويو آهي. ** 1944ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ سنڌي سڌار سوسائٽي ۽ بزم مشاعره طرفان ادبي تقريب ۽ مشاعرو ڪرايو ويو، جنهن جي صدارت مولانا علي انور ڪئي، هن ادبي پروگرام ۾ وڏي تعداد ۾ سنڌي اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. ** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اينٽي قادياني موومينٽ جي ايڪشن ڪاميٽي جي 11 ميمبرن مطالبو ڪيو ته سر ظفرالله خان کي وزارت مان هٽايو وڃي. ** 1967ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو ايوب خان جي ڪنوينشن مسلم ليگ کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو، هن هڪ نئين عوامي پارٽي ٺاهڻ تي غور ويچار ڪيو، جنهن کانپوءِ هن اڳتي هلي پاڪستان پيپلزپارٽي جو قيام عمل ۾ آندو. ** 1989ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم بينظير ڀٽو افغانستان جي حوالي سان چيو ته اتان جي نگران حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو معاملو وقت کان اڳ جي ڳالهه آهي، ان معاملي تي اڳتي هلي غور ڪيو ويندو. ** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چين پاڪستان کي ايٽمي پاور پلانٽ فراهم ڪرڻ جي تصديق ڪئي Dr.Pathan wishes you Good Day. [My Heart! Do not be disappointed if you find empty minds without vision & wisdom of human-love & respect. Be happy that you hate hatred and love beauty. Share it without discrimination] منجھ نہ من موڳو نہ ٿي، جي مروت محبت ماٹھن ۾ ناھي، تو وٽ سا جي سرس سرت، سونھن ۽ سچائي سان آھي، تون افسوس ۽ انا جا بت ڊاھي، متڀید بنا ونڊ سلامن سان. ************* 2.SINDH IN HISTORY TODAY (27th FEBRUARY) 1844. 1857: The Government of Bombay is taking steps for Railway communication and Boat service. The Sindh Commissioner is requested to take measures for investigating on the subject of boat traffic on the Indus. 1884: The Karachi Paper, Sindh Gazette (Later on known as the Daily Gazette) in its editorial condemns the apathy and lukewarm response of the Bombay Government to development schemes of Sindh pertaining to Port, the Steam Tramway etc. Such type of criticism by local and vocal press paves way for formation of opinion to get rid of Bombay presidency. 1922: The meeting of the Managing Committee of the ‘Karachi Social Service League’ it is resolve to send resolution to educational authorities demanding that ‘ the Sindhi language be recognized as a Second Language for B.A and M.A Degree Examinations in the same way as Gujrati, Marathi and Kanares are recognized’. 1944: Moulana Ali Anwar presides over literary and poetic sitting organized by Sindhi Sudhar Society and Bazim Mushara at Larkano. 1953: Eleven members of the Action Committee of the Anti-Qadyani Movement demand removal of Sir Zafarullah Khan from ministry. 1967: Z.A.Bhutto decides to quit Conventional Muslim League and intends to form his own political party. 1989: Recognition of interim Afghan Government would be premature, says Benazir Bhutto. 1991: China confirms the supply of nuclear power plant to Pakistan.

No comments:

Post a Comment