Wednesday 8 February 2023

Sindh in history today (9th February). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY [9th February] & My Good Wish for YOU. ************** **** توجھ طلب واقعا *************** 9.2.1839: هن زماني ۾ فرنگي فوج ٽن طرفن کان سنڌ ۾ آئي. بحري فوج سمنڊ ذريعي ڪراچئ کان, خشڪي فوج ڀڄ کان ۽ خشڪي خواھ بحري فوج فيروزپور کان. اڄ فيروزپور کان پهتل فوج جو انچارج گورنر جنرل کي ٻڌائي ٿو ته اسان روهڙئ طرف وڌڻ شروع ڪيو آھي ۽ اتان درياه ٽپي نون ڏينھن ۾ شڪارپور پهچي وينداسين ۽ سموريون فوجون اتي گڏ ٿينديون. ياد رهي ته هن فوج درياه تي ٻيڙين جي پل ٻڌي هئي. 9.2.1842: نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ هئ آھي ته فرنگين اڃان سنڌ تي قبضو ڪونه ڪيو آھي. حڪومت ميرن جي آھي ۽ مير نصير خان حيدرآبادي شڪارپور جو ڌڻي هو. هن پوء مفت ۾ شڪارپور انگريزن کي ڏني ته جيئن هو اتي پنهنجي فوج گڏ ڪن. شڪارپور کين اڃان سرڪاري طور تي ملي به ڪانه هئي ته فرنگين بيگاري واه جي کوٽائي شروع ڪرائي. مگر مبارڪپور ۽ روپ پور ۾ مير.نصير جي ماڻھن صفر هٻشئ ۽ ٻين ڪاردارن واه جي کوٽائي ڪندڙن کي نڪ ۾ دم ڏنو. اڄ ليفٽيننٽ پوسٽن اها دانھن سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ کي لکي موڪلي. 9.2.1843: نيپيئر جي داٻن ۽ ڌمڪن جي نتيجي ۾ سنڌ جي سمورن ميرن حيدرآباد ۾ آئوٽرام سان ڪاله کان ڪانفرنس شروع ڪئي,جيڪا چار ڏينھن هلي. ان جو احوال آخري ڏينھن واري ڪانفرس جو ذڪر ڪرڻ وقت ڏبو. 9.2.1846: سنڌ ۾ فرنگين جي حڪومت قائم ٿي ته هنن سنڌوندئ مان دفاعي, فوجي ۽ واپاري فائدن ونڻ لاء وڏي پئماني تي آگبوٽ سروس هلائڻ جو فيصلو ڪيو. اڄ ”انڊس فلوٽيلا" جي ڪمانڊر سنڌ جي گورنر کي گذارش ڪئي ته ڪوٽڙئ ۾ ڪوئلي جي ڊيپو کولڻ جي اجازت به ڏيو ۽ مالي مدد به ڪيو. ياد رهي ته آگبوٽن ھلائڻ لاء فرنگين جهرڪن ۽ ڪوٽڙئ ۾ وڏا پتڻ ٺاهيا هئا. 9.2.1951: پاڪستان ۾ پهرين آدمشماري ٿي. آدمشماري گهڻ-قومي ملڪ ۾ سياڻيون قوتون انگ اکر ڪوڙا شامل ڪرائي ذريعن وسيلن ۽ ٻين فائدن کي ڪوڏارين سان پاڻ ڏي ريڙھنديون آھن ۽ ڪنهن به لساني يا سماجي گروه کي ٿورائئ ۾ بدلائي سگهنديون آھن. سنڌي ماڻھن ڪيترو عرصو آدمشمارئ ۾ دلچسپي نه ورتي ۽ نقصان برداشت ڪيائون.. هاڻي شعور وڌي چڪو آھي ۽ جلد ٿيندڙ آدمشمارئ ۾ انھئ شعور جو پتو پوندو. 9.2.1955: سنڌ جي عدليه سونهري اکرن ۾ پنهنجي تاريخ لکي. پاڪستان ٺھڻ کان پوء هئ پهريون مثال هو ته گورنر جنرل جي فرمان کي درست نه ڄاڻندي آئين ساز ايمبلئ جي صدر مولوي تميزالدين جي انھئ فرمان خلاف پٽيشن ٻڌڻ لاء منظور ڪئي. ياد رهي ته گورنر جنرل آئين ساز اسيمبلئ کي ٽوڙڻ جو فرمان جاري ڪيو هو. 9.2.1969: شاگردن جي ملڪي اتحاد اڄ اپيل جاري ڪري سياستدانن کي گذارش ڪئي ته اهي صدر ايوب سان ٺاه جون ڳالهيون نه ڪن. ڇو ته هن جي اقتدار کي ايئن طول ملي ويندو. جڏهن ته ان جي تڪڙي تڏا ويڙھ ٿيڻ گهرجي. 9.2.1979: ڪيترن عالمي اڳواڻن اڄ جنرل ضياء الحق کي ذوالفقار علي ڀٽي جي جان-بخشئ لاء رحم جي اپيل ڪئ. 9.2.1990: سنڌ ۾ پيپلز پارٽئ جي حڪومت هئي ۽ اھا ايم ڪيو ايم کي قبول ڪونه هئي. انھن شھري دهشتگردئ کي چوٽ چاڙھيو. اڄ ڪراچئ ۾ 64 ماڻھون ماريا ويا. *************** {9فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 9 فيبروري 1904ع اديب گوڌومل بيلاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 9 فيبروري 1915ع اديب موتي لاتي بداڻي (سيوهڻ / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 9 فيبروري 1928ع اديب چندر ناري سنگهاڻي (ڏيپارجا / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي۔ 9 فيبروري 1975ع اديب همدم لاشاري جو جنم ڏينهن آهي۔ [وڇوڙو:] 9 فيبروري 1935ع اديب گوڌومل بيلاڻي ديهانت ڪري ويو. 9 فيبروري 1942ع اديب سيد جمال شاهه بخاري جو انتقال ٿيو. Dr. Pathan wishes you Good Day. TRANSLATION OF MY POETRY. [People, even your dear beloved will never care to what extent you are sincere to them. You have to remain one sided in loving, respecting and serving them. Because, beauty has owned you as you have owned people without discrimination. Dear ! Hope, but not expect. Give, but avaid to take.] رکین تان رک رانول سان، تون من یڪ طرفي یاري، خلق جي خواري ۽ دل آزاري، وڌ بار برہ جو باري، اھا حیاتي عظمت واري، جنھن ۾ ادب انسان جو.‏‎ ‎ ************** SINDH (Including Pakistan) IN HISTORY TODAY (9th FEBRUARY) EVENTS 9th February 1920: The Larkana Khilafat Conference ends on the third day. Haji Abdullah Haroon and Muhammad Khan are elected President and Secretary of the Adhoc Sindh Khilafat Committee. 1927: Pir Mithal Shah Rashdi of Tullah presides over debate between Hindus and Muslim on the topic of ‘Religious and historical validity of Veds’. On the first day, Hindus throw light on historical and religious importance of Veds. The debate took place for three days. Moulana Delhvi, Moulana Din Muhammad Wafai, Moulana Abdul Karim Chishti, Seth Khudadad Khan Surahio, Nazar Ali Agha participated in the debate. The debate started and ended in friendly atmosphere. 1929: Jamshed Mehta forms ‘Rural Reconstruction forum’ so as to develop rural areas at par with urban areas. G.M.Syed playes vital role in the move. 1933: Seth Govindas, arrested in connectionwith the Independence celebrations is sentenced to one year’s imprisonment and fine of Rs.200 in default to three months additional imprisonment. 1947: The Working Committee of the All India Hindu Maha Sabha passes a resolution maintaining that ‘ the Constituent Assembly as it is, is a properly constituted legal body with full sovereign power and authority and competent to frame the political constitution of Akhand Hidustan’. The Committee further urges the Princes to join the Constituent Assembly giving adequate representation to their own people and to introduce Responsible Government in their own States. 1951: The first ever census begins in Pakistan. 1955: The Full Bench of the Sindh Chief Court unanimously allows the petition of Moulvi Tamizuddin, President of the Constituent Assembly of Pakistan , challenging the proclamation of October 24,1954. 1969: All-Parties Student’s Action committee appeals to opposition leaders not to hold talks with Ayub as Nation wants to get rid of him. 1971: India warns Pakistan that refusal to handover the hijackers can lead to a conflict. 1979: world leaders appeal for clemency for Z.A.Bhutto. 1990; Death toll rises to 64 in wave of violence in Karachi. 1992: Nawaz sharif warns PDA against making an assault on President House.

No comments:

Post a Comment