Wednesday 15 February 2023

Sindh in history today (16th February). By.Dr. Dur Muhammad Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {16th February} & My Good Day Wish. ************* “واقعاتي تاريخ“ جي حوالي سان سوچڻ ۽ لوچڻ بابت اوهان کي سنڌ جي تاريخ جو سنهو: 16.2.1839: پاٽينجر اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي هڪ تفصلي خط لکيو آھي, جنهن ۾ ھو لکي ٿو ته مير نور محمد خان نياپو ڪيو آھي ته منوڙو ٻيٽ اوهان انگريزن کي آيو ۽ اهو ڀلي موٽائي نه ڏيو. پر منهنجي اها ڳالھ هتي ڪنهن سان نه ڪجان. 16.2.1856: ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر جي گذارش قبول ڪندي فيصلو ڪيو ته ڪو ڄاڻو تجربيڪار فوٽو گرافر سنڌ ۾ مقرر ڪبو, جيڪو سنڌ جي شاندار عمارتن جا فوٽو ڪڍندو ته سنڌ جي فن عمارتسازئ کي تصويرن ذريعي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪجي. 16.2.1857: سنڌ جي ڪمشنر صوبائي حڪومت کان شڪاپور ۾ انگريزي اسڪول کولڻ جي منظوري ۽ مالي مدد وٺڻ لاء اڄ لکپڙھ ڪئي. 16.2.1857: سنڌ جي ڪمشنر ممبئئ جي صوبائي سرڪار کان اجازت گهري ته سنڌ جي ٻيلن کي واڍئ ۽ قبضن کان بچائڻ لاء نئين انتظامي جوڙڪ ڪري, سڌئ طرح ڪمشنر جي نگرانئ ۾ رکجن سندس ماتحت ” ٻيلن لاء اسسٽنٽ ڪمشنر“ مقرر ڪجي. 16.2.1969: ايوبي حڪومت ملڪ مان امرجنسي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ته مخالف ڌر وارن مطالبو ڪيو ته هاڻي سمورا سياسي قيدي آزاد ڪيا وڃن ته پوء سرڪار سان ڳالهيون ڪبيون. 16.2.1971: ذوالفقار علي ڀٽي شرط رکيو ته قومي اجلاس ۾ تڏهن وڃبو, جڏهن شيخ مجيب سان سندس ڇهن پوائنٽن واري سياسي فارمولا تي ڳالهيون ڪامياب ٿين. 16.2.1972: صدر ذوالفقار علي ڀٽي بلوچستان ۾ قائم عطاالله منيگل جي حڪومت ڊاٿي ۽ نئشنل عوامي پارٽئ سان واسطو رکندڙ ٻن گورنرن (بلوچستان وارو گورنر غوث بخش بزنجي ۽ سرحد جي گورنر ارباب سڪندر حيات) کي لاهي, اڪبر بگٽئ کي بلوچستان ۽ اسلم خٽڪ کي سرحد جو گورنر مقرر ڪيو. مفتي محمود احتجاج طور سرحد جي وڏ-وزارت تان استعيفا ڏني. 16.2.1977: ذوالفقار علي ڀٽي جو اڳوڻو سياسي عاشق اصغر خان اڄ چيو ته چونڊن جا نتيجا ڀلي ڀٽي ۽ سندس پارٽئ جي حق ۾ اچن, پر ڀٽي جي اختيار جو هي آخري سال آھي. ( مطلب ته فيصلو ٿي چڪو هو ته هاڻي ڀٽي ۽ سندس اقتدار جي پڄاڻي ٿيندي). 16.2.1993: نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم کي ايندڙ ويهن سالن تائين برقرار رکڻ جو فليصلو ڪيو ويو. 16.2.1996: ڪراچئ جي ڪورنگي ٽائون ۾ ايم ڪيو ايم جي ورڪرن جي پوليس سان چڪري ٿي ۽ نتيجي ۾ 8 ايم ڪيو ايمي دهشتگرد ماريا ويا. ************* 16فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 16 فيبروري 1916ع تعليمي ماهر غلام رضا ڀٽو پيدا ٿيو. 16 فيبروري 1920ع صحافي ۽ ايڊيٽر محمد عظيم مهر جو جنم ڏينهن آهي. 16 فيبروري 1929ع موسيقار، گلوڪار ۽ شاعر ڪشنچند ”غافل“ (سکر / مدراس) جو جنم ڏينهن آهي. 16 فيبروري 1929ع شاعر مرزا سلطان بيگ (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 16 فيبروري 1934ع صحافي ۽ شاعر پروانو ڀٽي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 فيبروري 1934ع سگھڙ حسين بخش شر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 فيبروري 1938ع شاعر قادر بخش ”قلندر“ جو جنم ڏينهن آهي. 16 فيبروري 1941ع شاعر ”نواز“ عباسي جو جنم ڏينهن آهي. 16 فيبروري 1948ع ليکڪ دوست علي ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي. 16 فيبروري 1948ع ليکڪ ۽ ريڊيو انائونسر وينا شرنگي (شهدادڪوٽ / دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 16 فيبروري 1955ع اداڪاره راجني تيجاني (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 16 فيبروري 1984ع شاعر آسي بدر چنا جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 16 فيبروري 1914ع بزرگ پير هدايت الله شاهه راشدي لاڏاڻو ڪري ويو. 16 فيبروري 1928ع فريڊم فائيٽر هرچند راءِ وشنداس ديهانت ڪري ويو. 16 فيبروري 1938ع سياستدان ڀوڄ سنگهه پهلاجاڻي (سکر) ديهانت ڪري ويو. 16 فيبروري 1965ع شاعر نور محمد شاهه ”نورل“ وفات ڪري ويو. 16 فيبروري 1966ع صوفي شاعر سنت رگهومل چوهڙ مل ديهانت گذاري ويو. 16 فيبروري 1988ع ناليوارو صحافي ۽ ليکڪ رشيد ڀٽي(سکر) لاڏاڻو ڪري ويو. 16 فيبروري 1997ع جوهي سان تعلق رکندڙ شاعر راهي چنا گذاري ويو. 16 فيبروري 2016ع ناميارو اديب پروفسر فتح الله صديقي لاڏاڻو ڪري ويو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [If heart is not there in mind, then it is impossible to understand sorrows of souls. If there is no beauty & love in mind, then there will be neither peace, nor progress in hearts and society. In such a situation, people strive to know others, but never self and situation] جي ناھي دل دماغ اندر، تان پوء من مطلب سندو محتاج، دوکي دلبي فریب سواء، رانول سمجھي ڪين رواج، سو سورن منجھ سماج، جو پري سونھن سرت سلام کان.‏‎ ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY. EVENTS: 1847; The Collector of Hyderabad is directed by the Sindh Government to resolve the issue of Boundary line between Hyderabad Collect orate and Khairpur state and it should be kept in mind that land is exchanged on equal terms of produce. 1915: It was proposed by Moulana Obedullah Sindhi to revolt against British Government throughout united India, on this date. He sent that secret message and was disclosed to the police in Punjab. With the result that Moulana Muhammad Sadiq of Khada was arrested and was sentenced to rigorous imprisonment. So many other peoples were also arrested. This initiate is known as ‘Tahreek Reshmi Roomal’ in the history of our Freedom Movement. 1935: ‘Anti-Separation Conference’ is held at Hyderabad. But, it was too late now. Muslim Upper Class has won the political game and Sindh as to be separated from the Bombay Presidency. 1974: The Governor of Punjab, keeping in view the possibility of outbreak of communal violence, promulgates an ordinance to empower the Punjab Government to deal with communalists with Iron hand. 1954: Treaty of Friendship is signed between Turkey and Pakistan. Both countries will cooperate in spheres of politics, economics and culture. 1968: International Arbitral Tribunal awards to Pakistan 350 square miles against claim over 3500 square miles in the north part of the disputed Rann Jo Kutch. 1974: Two-day Islamic Foreign Ministers Conference begins in Lahore. 1996: Seven are killed in Karachi violence

No comments:

Post a Comment