Tuesday 14 February 2023

Sindh in history today (15th February). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {15th February} & My Good Wish. .................. ****** توجھ طلب واقعا ************* 15.2.1843: آئوٽرام ۽ ٻيا فوجي حيدرآباد 15 ميل اتر ۾ ٻن آگوبٽن ۾ سوار هئا ته حيدرآبادي ميرن جي ماڻھن انھن تي توبن سان حملو ڪيو, جيڪو ڪلاڪن جا ڪلاڪ هليو. نتيجي ۾ فرنگين جا ٽي ماڻھون مري ويا, ڏه زخمي ٿي پيا ۽ پنج ماڻھن جو پتو نه پيو ته ڪاڏي ويا. 15.2.1843: نيپيئر اڄ هالا مان آئوٽرام کي لکي ٿو ته مان ڪالھ هالا پهتو آھيان ۽ جلد حيدرآباد اچڻ چاهيان ٿو. تون ڪنهن مير کي ڪو دلاسو يا زبان نه ڏجان. هنن لاء مهلت جو وقت ختم ٿي ويو. مان حيدرآباد پهچي هنن تي ايئن ڪڙڪي پوندس جو سندن وهم گمان ۾ به نه هوندو. 15.2.1851: ٺٽي ضلعي جو سونڍن ۾ جاچ پڙتال کان پوء رايو قائم ڪيو ويو ته هتي لوه ٺاهي سگهجي ٿو. آمريڪي واپارئ گارڊنر ايسٽ انڊيا ڪمپنئ کان اجازت ۽ سونڍن ۾ زمين گهري. ڪراچئ جي ڪليڪٽر ۽ ڪمشنر وچ ۾ چڱي خاصي خط و ڪتابت ٿي. ممبئي جي گورنميٽ ڪمپني حڪومت جي هدايت تي اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته هن ڳالھ کي اڳتي چوريو ۽ گارڊنر جي هر ممڪن مدد ڪندو. 15.2.1960: ڪالهوڪي بنيادي جهموريت وارن ميمبرن ذريعي ڪوڙي اليڪشن ۾ کٽڻ جي خوشئ ۾ صدر ايوب اعلان ڪندي قوم کي ڏٽو ڏنو ته مان جلد آئين ٺاهڻ لاء ھڪ ڪميشن ٺاهي ويهاريندس. 15.2.1969: ايوب خلاف تحريڪ هلائڻ دواران گرفتار ٿيلن مان اڄ ذوالفقار علي ڀٽي, رسول بخش ٽالپور, ولي خان, اجمل خٽڪ ۽ شيخ اياز کي آزاد ڪيو ويو. 15.2.1989: سوويٽ يونئين افغانستان خالي ڪري ويو ۽ انديشو ڏيکاريائين ملڪ ۾ وڏي پئماني جي رت ڇاڻ ٿيندي. 15.2.1996: پوليس سان مقابلو ڪندي ايم ڪيو ايم جا چار ورڪر اڦٽ مري ويا. ************* { 15 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 15 فيبروري 1887ع شاعر ڀاون علي شاهه “ساقي”جي پيدائش ٿي. 15 فيبروري 1919ع ليکڪ ۽ تعليمدان عبدالرحيم ڏيٿو جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1919ع بزنيس مين منگهارام ونجاڻي (درٻيلو / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1923ع ليکڪ عبدالله گنڌرو جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1925ع صحافي شيخ علي محمد جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1930ع شاعر ۽ گلوڪار آزاد صوفي(خيرپور / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1932ع اداڪار رام لهيجا (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1933ع شاعر غلام قادر ”سوز“ سومرو پئدا ٿيو. 15 فيبروري 1935ع تعليمي ماهر ڊاڪٽرمير نور محمد ٽالپر جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1935ع شاعر ۽ صحافي ڪرشن لال پرديپ (ڳڙهي ياسين / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1938ع محقق، تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ سيد حاڪم علي شاهه بخاري(دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1941ع مٽياري سان تعلق رکندڙ سياستدان سيد ذاولفقار علي شاهه ڄاموٽ جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1948ع شاعر احمد حسين احمد جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1948ع دادو سان واسطو رکندڙ ليکڪ سنڌو ميراڻي جي پيدائش ٿي. 15 فيبروري 1951ع صحافي فتح چند ڪالرا (جيڪب آباد) جي پيدائش ٿي. 15 فيبروري 1952ع سگهڙ سگهڙ محمد صديق ساريو جي پيدائش ٿي. 15 فيبروري 1955ع ليکڪ مشتاق پهنور جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1960ع شاعر پرڪاش سيوڪ آهوجا (الهاس نگر / پونا) جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1964ع ليکڪ صدف حسيني (دادو) جي پيدائش ٿي. 15 فيبروري 1965ع ميهڙ سان تعلق رکندڙ ليکڪ اظهر هيسباڻي جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1966ع ليکڪ ذوالفقار باڊاهي جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1972ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ بهادر صحافي شهيد اميربخش بروهي جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1973ع شاعر اياز لاکير جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1974ع شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ محقق احسان دانش جو جنم ڏينهن آهي. 15 فيبروري 1976ع سنڌ سلامت جي ميمبر ۽ کل مُک ماڻهو غلام مرتضى وساڻ جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 15 فيبروري 1869ع اردو جي ناليواري شاعر مرزا اسد الله غالب جي وفات ٿي. 15 فيبروري 1881ع آخوند اميد علي ٿانوي (هالا) جي وفات ٿي. 15 فيبروري 1928ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ فريڊم فائيٽر هيرانند آڏواڻي ديهانت ڪري ويو. 15 فيبروري 1935ع ٽکڙ سان تعلق رکندڙ فريڊم فائيٽر سيد حاجي حاڪم شاهه جي وفات ٿي. 15 فيبروري 1967ع تعليمي ماهر رحيم بخش شيخ لاڏاڻو ڪري ويو. 15 فيبروري 1979ع مذهبي اسڪالر مولوي عبدالهادي چانڊيو لاڏاڻو ڪري ويو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [My Dear! I have found beautiful colours of Morning and wonderful freshness of beauty in you. I believe that your vision and wisdom is second to none. I have knocked your door to pray for my share. Empower us, guide us and help us, please] ‏تون ئي سونھن صبح سندي، ‏ تون ئي آھین صبح-سلام. ‏تو کان سونھن سندو انعام، ‏پیو طلبیان جانب جيئڻ لاء. ************* SINDH (including Pakistan)IN HISTORY: EVENTS 1843: Charles Napier writes to Major Outram from Hala that ‘I reached this ground yesterday. Do not pledge yourself to anything whatever. I am in full march to Hyderabad, and will make no peace with Amirs. I will attack them instantly, whenever I come up to their troops. They need send no proposals. The has passed, and I will not receive their messages.’ 1910: The construction work of the Hassan Ali House in Sindh Madressah is completed by the contractor Essa Khan. The work was started in 1909. 1920: Thre-day All-India Khilafat Conference starts at Mombai. It is presided over by Rais Ghulam Muhammad Bhurgri and is attended by Moulana Abdul Bari of Firangi, Moulana Abu-ul-Kalam Azad, Moulana Zafar Ali Khan, Dr.Saifuddin, Hasrat Mohani and Muhammad Ali Jinnah. 1931: Branches of Sindh Azad Party are opened at Shikarpur, Thul and Village Moulvi Abdullah Leghari. I Shikarpur Haji Moula Bux (President), Moulvi Fazlullah (Vice President), Moulvi Abdul Karim Chishti (Secretary), Khair Muhammad Faqir (Treasurer) are elected as office bearers. In Thul Abdul Rahman Sarki and Moulvi Abdul Karim are elected as President and Treasurer respectively. In Village Moulvi Abdullah, Moulvi Muhammad Hassan (President), Suleman Khan (Secretary) and Ghazi Khan (Treasurer) are elected as office bearers. 1934: In the meeting of the All-India Muslim Conference, His Highness he Agha Khan gives his nominates Nawab Sir Muhammad Ahmad Saeed Khan of Chatri as Chairman and Seth Haji Abdullah as Secretary of the Party. 1965: US Assistant Secretary of state for Near East & South Asia, Talbot describes Kashmir dispute as an ‘emotional issue’. 1969: Z.A.Bhutto, Wali Khan, Rasool Bux Talpur, Ajmal Khatak & Shaikh Ayaz are released. 1979: Supreme court stays Z.A.Bhutto’s execution to hear review plea from February 24.

No comments:

Post a Comment