Friday 17 February 2023

Sindh in history today (18th February). By. Dr. Dur Muhammad Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {18th February} & My Good Day Wish for YOU. ************* ******* دعائن, نيڪ تمنائن ۽ سلامن کان پوء اوهان کي تاريخ جو نياپو ڏيان ٿو. ان لاء 18 فيبرورئ جي حوالي سان تاريخ مان ورق کڻي اوهان جي حضور ۾ حاضر ٿيو آھيان. تاريخ ان ڪري پڙھڻ, ٻڌڻ ۽ سمجهڻ ضروري آھي ته اها قدرن, نظرين ۽ اصولن جا خد و خال ٺاهيندي آھي ۽ اها قوم جي ترقئ يا تنزل جي رفتار ٻڌائيندي آھي. تاريخ ٻڌائيندي آھي ته قوم تي ڪڏهن ۽ ڇو مصيبت ايندي آھي ۽ قوم پنهنجي وڃايل مزاحمتي قوت ڪيئن حاصل ڪندي آھي. سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اسان ۽ اسان جون حالتون صدين کان بدليون ناهن. نه ڄاڻان ڪڏهن اسان مزاحمت ۽ مدافعت جي سگھ وڃائي چڪا آھيون. سنڌي حڪمرانن کي ڌارين انھئ ڪري شڪست ڏني جو هر دور ۾ انھن پاڻ ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ بدران اختلافن ۽ شڪن جو شڪار ٿيا. ان کان سواء حاڪمن پنهنجي عوام کي پاڻ کان پري رکيو ۽ جنگيون انھئ پاڻ اڪيلا ٿي وڙيا ۽ شڪست کاڌائون. صورتحال اڄ به ساڳي آھي. سياسي اتحاد جو عالم اهو آھي ته مٿي ۾ وار گهٽ آھن, پر سياسي پارٽيون وڌيڪ آھن. ڪيترا سياستدان عوام کي پنهنجي ڪرڻ بدران دشمن-نوازئ تي ڳنڍ ٻڌي بيٺا آھن. زور رڳو نعرن تي آھي,مگر مزاحمت ۽ قرباني جو نالو نشان به ڪونهي. ************* توجھ طلب واقعا ************* 18.2.1832: پاٽينجر ۽ سندس سرڪار وچ ۾ کوڙ ساري خط و ڪتابت ٿي, انھن جو اختصار هي آھي: 1). ميرن تو لاء کوڙ مسئلا پيدا ڪيا, پر جس هجئي جو تو پنهنجو ڪم ڪري ورتو, 2). رنجيت سنگ سان سنڌوندي واپاري ۽ فوجي مقصدن لاء ڪتب آڻڻ بابت ڳالهيون ڪاميابئ طرف وڌي رهيون آھن. 18.2.1843: نيپيئر اڄ مياڻئ منجهان پنهنجي گورنر جنرل کي ڪالهوڪي لڙائئ جو احوال تفصيل سان لکي موڪليو. هو لکي ٿو ته مان اڃان هالا ۾ ھئس ته خبر اٺ ھزار ٻروچن ميجر آئوٽرام جي ڪئمپ تي حملو ڪيو, پر هو پاڻ بچائڻ ۾ ڪامياب ويو. مان 16 فيبرورئ تي مٽيارئ روانو ٿيم. 17 تاريخ تي پره ڦٽئ وقت مياڻئ ۾ جنگ جي ميدان ۾ پهچي حملو ڪيم. ڪيترن ميرن جي ويڙھ ۽ بهادري ڏسي مان حيران ٿي ويس. ٻنھي طرفن جي وڏي جاني نقصان کان پوء نيٺ اسان جنگ کٽي ورتي. ان کان پوء مير رستم خان, مير نصير خان, مير ولي محمد خيرپوري, مير نصير خان خيرپوري, مير شھداد خان ۽ مير حسين خان پاڻ اچي پيش پيا ۽ مون اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيائون. اسان جا 256 جوان مري ويا ۽ ميرن جا 5000 ماڻھون مري ويا. سڀاڻي حيدرباد جو قبضو وٺندس. 18.2.1843: قابض, ڪاذب ۽ غاذب نيپئر اڄ مير شير محمد کي خط لکيو ته "تنھنجو خاص نمائندو سيد امام بري تنھنجو نياپو کڻي آيو آھي ته ڪالهوڪئ جنگ ۾ تو ڪو به حصو نه ورتو ۽ تنھنجي فوج ميرپور جي حدن کان ٻاهر پير نه رکيو. تو اهو ٺيڪ ڪيو. هاڻي توکي چوان ته گڏ ڪيل فوج کي ڇڙ و ڇڙ ڪر. جي تو ايئن نه ڪيو ته آئون قهر بڻجي اچي ڪڙڪندس." 18.2.1847: سنڌ سرڪار حيدرآباد جي ڪليڪٽر کي هدايت ڪئي ته مير علي مراد خان سان ملي ڳوٺن ۽ پرڳڻن جي مٽاسٽا جي مامري تي ڳالهاء ته جيئن ان سان حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ ۾ بهتر انتظام رکي سگهجي. 18.2.1948: سر شاهنواز خان ڀٽو جهوناڳڙه اسٽيٽ جو ديوان هو. هن ڪوشش ورتي ته اها رياست پاڪستان ۾ شامل ٿئي. هن ٿورو خزانو به اتان پاڪستان موڪليو. رياست انڊيا پنهنجي قبضي ۾ ورتي ته پاڪستان دانھن کڻي اقوم متحده ۾ ويو. اڄ انھئ تي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ بحث ٿيو. نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ ھئ آھي ته جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جي پاڪستان ۾ حڪومت قائم ٿي ته هن سنڌ ۾ لڏي آيل جهوناڳڙه جي نواب کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو هو. 18.2.1949: نئين ملڪ ٺھڻ بعد وفاق سنڌ ۾ حڪومتن مٿان حڪومتون بدلايون. اڄ يوسف هارون سنڌ جو وڏو وزير ٿيو. 18.2.1969: جڏهن ايوب جي اقتدار جي ٻيڙي ٻڏڻ لڳي ته هن پنهنجي اقتدار کي بچائڻ ۽ پنهنجي خلاف هلندڙ تحريڪ کي ختم ڪرائڻ لاء نوابزادي نصرالله خان کي ميڙ منت ڪئي ته سياستدان گڏ ڪري ڏي ته ساڻن ڳالهيون ڪيان. کوڙ ڪائنچ قميص سبرائي تيار ٿيا. پر شيخ مجيب, مولانا ڀاشانئ ۽ ذوالفقار علي ٺڦ انڪار ڪيو ته ايوب سان ڪا ڳالھ ٻولھ ڪجي. 18.2.1979: "ڀٽي جي جان بخشئ جون کوڙ ساريون رحم جون اپيلون مليون آھن. پر انھن تي آئون اڪيلو ڪو فيصلو ڪري نه ٿو سگهان. پنهنجي فوجي ساٿين ۽ وزيرن سان صلاح ڪرڻي پوندي." - جنرل ضياء الحق جو ردعمل. 18.2.1984: سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي جي ڪاروباري ڪميٽي جي گڏجاڻي شهيد سومرو جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ غلام قادر گل ملاح، اسير ملاح، شهيد سومري ۽ هاشم شوري شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪري محمد نواز عباسي ۽ غلام رسول شوق جي ميمبرشپ منظور ڪري کين سنگت جو باقاعده ميمبر ڪيو ويو ۽ ڪوٽڙي جي نوجوان ۽ نئين ٽهيءَ جي ليکڪن جي رهنمائي لاءِ مهيني ۾ هڪ ڀيرو سنگت جي گڏجاڻي ۾ برک اديبن کي گهرايو ويندو. ان کان علاوه قادر بخش طالباڻي جي والد مولانا عبدالحق رباني، استاد بخاري جي والده ۽ نشرناٿن شاهي جي نياڻي جي وفات تي ڏک ظاهر ڪري همدردي جو اظهار ڪيو ويو. 18.2.1984: سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي هفتيوار گڏجاڻي رمپا پلازه ڪراچي ۾ عابد خاناڻي جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ شاهه محمد پيرزادي، الطاف احمد ۽ غلام عباس جلباڻي غزل تنقيد لاءِ پيش ڪيا. جڏهن ته عابد خاناڻي، رئوف نظاماڻي، شڪور نظاماڻي، محمد بخش سومرو، شبير سومرو، روشن لاشاري، اسلم، جاويد ڀٽي ۽ صادق تنقيد ۾ حصو ورتو. 18.2.1984: سنڌي ادبي سنگت ملير جي گڏجاڻي مصطفيٰ لاکي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ عبداللطيف دادلاڻي مضمون، فيض الله گوپانگ ۽ محمد رحيم خاصخيلي ڪهاڻي پڙهي. تنقيد ۾ جان محمد، غلام سرور عباسي، مشتاق خواجه، حبيب الله ابڙي، محبوب حسين، عبدالستار ۽ ٻين حصو ورتو. 18.2.1996: بينظير اڄ قادرپور گئس فيلڊ جو افتتاح ڪيو. [سنڌ ۾ ڪيترن ماڳن مان گئس ملي آھي. پر اسان جي اقتصادي ماهرن انھن سمورن هنڌن بابت ڪا تفصيلي رپورٽ ڪانه ٺاهي آھي ته روزانو ڪيتري گئس نڪري ٿي, سنڌ کي استعمال لاء مجموعي طور ڪيترئ گئس جي ضرورت آھي, جتان جتان گئس لڌي آھي اتي اتي سنڌ جي بيروزگارئ جو ڪيترو مسئلو ختم ٿيو آھي. گئس نڪرڻ سان سنڌي سماج ۽ معيشت تي ڪهڙا اثر پيا آھن. اسان جا دانشور ۽ سياستدان ڳالهيون ته وڏيون ڪندا آھن, ذھن بدلائيندڙ تحقيقي ڪم نه ڪندا آھن ۽ نه وري ڪرائيندا آھن] ************* {18فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 18 فيبروري 1907ع ليکڪ چنچلداس آريا سپوت (نوابشاهه / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 فيبروري 1927ع ليکڪ ڪرشن کٽواڻي (ٺارو شاهه) جو جنم ڏينهن آهي. 18 فيبروري 1931ع هند ۽ سنڌ جي ناليواري ليکڪ ۽ اديب ٺاڪر چاولاجو جنم ڏينهن آهي. 18 فيبروري 1933ع ليکڪ رام گيانچنداڻي (ٺارو شاهه / نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 18 فيبروري 1940ع شاعر غلام حسين شاد جو جنم ڏينهن آهي۔ 18 فيبروري 1958ع ڊانسر مڌو بخشاڻي (بڙودا) جو جنم ڏينهن آهي۔ 18 فيبروري 1974ع شاعر ذوالفقار راز (سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي۔ 18 فيبروري 1976ع گلوڪارسعيد احمد تنيو (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي۔ 18 فيبروري 1984ع ليکڪ رضوان مهيسر جو جنم ڏينهن آهي۔ 18 فيبروري ميڊيا سان تعلق رکندڙ مهتاب علي نور جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 18 فيبروري 1989ع درويش سوامي اٽل رام(لاڙڪاڻو) ديهانت ڪري ويو. 18 فيبروري 1936ع صوفي شاعر سيد علي اصغر شاهه راشدي (پير ڳوٺ) جو لاڏاڻو ٿيو. 18 فيبروري 1942ع شاعر هادي بخش مسڪين جو انتقال ٿيو. 18 فيبروري 1942ع صوفي شاعر فتح الدين شاهه مسڪين لاڏاڻو ڪري ويو. 18 فيبروري 1967ع شاعر ۽ سياستدان مولوي احمد علي مجذوب لاڏاڻو ڪري ويو. 18 فيبروري 1977ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولانا عبدالرحمان ضيائي وفات ڪري ويو. 18 فيبروري 1986ع ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ عزيز سلام بخاري لاڏاڻو ڪري ويو. 1. Dr.Pathan wishes you Good Day. [If it is impossible for you to love human beings, make it possible by honouring and respecting yourself. If it is impossible for you to believe others, make it possible to believe yourself. Try to understand self. Dear! You are beauty and you are love. Most of time dare to share fragrance of human vision & wisdom] محبت نہ ڪجي پر ماٹھپي مان نہ وڃجي، اسان کي نہ بہ سھي پر پاڻ کي ئي مڃجي.‏‎ ‎ ڪنهن چيئي هئ زندگي سڪونجو نالو ٿي؟ رات هجي انڌوڪار هجي پر ٿڪ نہ ڀڃجي. ************ 2.SINDH IN HISTORY TODAY (18th FEBRUARY) EVENTS: 18th February 1843: Charles Napier writes to Mir Sher Muhammad of Mirpurkhas that ‘ Syed Imam Bari, your deputy, came to me with a message from you, that your Highness is the friend of the British, and you did not march with your army beyond your own territory in this fight; therefore, I approve of your Highness’s message. And now it is necessary that you should disperse your troops you have with me, and so keep no one with you (in shape of army); and if I find that your Highness has any collected, I shall attack them. If you disperse your troops, and keep no one with you, I shall reckon you just the same as before;- friend and ally of the British’. 1847: Secretary to Government of Sindh asks Collector of Hyderabad to wait upon the Ruler of Khairpur with view to arranging for an exchange of land adjoining Sadhuja in place of such scattered in the Hyderabad Collect orate. 1929: G.M.Syed intends to implement his ‘Goth Sudhar’ (Village- improvement) Program. It includes to improve literacy rate, to encourage Home Industry, to open Night Schools, to organize peasants, to include womenfolk in social and economic uplifting . Today, Weekly ‘Muslam’ of Mirpurkhas carries this idea. 1931: The Branch of Sindh Azad Party is opened at Karam Khan Nizamani of Taluka Hala and Moulvi Khair Muhammad, Hamid Khan and Hussain Khan are elected as the President, Secretary and Treasurer. 1947: Moulana Abul Kalam Azad, Central Education Minister announces Educational Policy for United India. It includes the setting up of a ‘National Museum’, the allocation of funds for ‘Research’ and development of ‘Archeological studies’ and the use of broadcasting and films for the purpose of mass education.[In Pakistan, none of indicated fields have still been included in the scheme of education]. 1949: Yousif Haroon takes over as the Sindh Chief Minister. 1969: Shaikh Mujeeb refuses to participate in govt-opposition talks. Dhaka, Karachi and other cities are in grip of marches and demonstrations. People are determined to get rid of Ayub. 1979: For clemency pleas for Z.A.Bhutto, I have to consult military council and cabinet, says Zia.

No comments:

Post a Comment