Sunday 11 December 2022

Sindh in history today (12th December). By.Dr.Pathan

Good wish & Sindh (including Pakistan) history [12th December.] ************* Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* ******* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 12 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 12.12.1838: پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي لکيو ته جيتوڻيڪ مون وٽ 25 لک فرنگي روپيا آھن, هتان جو سڪو مٽاسٽا ۾ واپاري نه ٿا ڏين. ان ڪري خريد فروخت ڪرڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي. سنڌي واپارين ۽ دوڪاندارن جي ته اهڙي روش آھي ئي آھي, پر اسان جي سفارتخاني جي عملدارن ۽ ملازمن جي عزت ۽ جان به هر وقت خطري ۾ ھوندي آھي. ڇو ته سنڌ جو عوام ڌارين جو ازلي دشمن آھي. الله خير ڪندو ۽ مون پنهنجي ماڻھن کي انھئ خطري کان باخبر رکيو آھي. 12.12.1838: پاٽينجر ممبئي حڪومت کي لکيو ته اسان سنڌ ۾ سنڌوندئ ذريعي آگبوٽن تي پنهنجو خزانو, اسلحو وغيره ڏکڻ سنڌ کان اتر سنڌ طرف کڻي وينداسين. خشڪي رستو ڪم آڻڻ ۾ خطرو آھي [ته متان سنڌي عوام اسان کي لٽي ڦري] 12.12.1838: ڏکڻ سنڌ بابت فرنگين جي جاسوسئ وارئ رپورٽ ۾ لکيو ويو آھي ته فرنگين جي منشئ چوئٿرام پاٽينجر طرفان مير نصير خان ۽ مير حسين علي خان سان ملاقات ڪئي. مير حسين علئ کيس پاٽينجر لاء نياپو ڏنو ته تون مون لاء چاچي جهڙي حيثيت رکين ٿو. اسان جو منشي جڏهن مير شھداد خان سان مليو ته هن کيس چيو ته هتان جلدي واپس وڃ. ڇو ته تنھنجي جان کي خطرو آھي ته عوام توتي مڇريو ويٺو آھي. تون هتان ڀڄي جان بچاء. 12.12.1849: خانڳڙھ (جيڪب آباد) ۾ پاڻئ جي وڏي ٽينڪ هئي. اتر سنڌ جي پوليٽيڪل سپريڊنٽ (جان جيڪب) اڄ خط لکي سرڪار کان انھئ ٽئنڪ تي ڪم ڪرڻ لاء 500 روپين جي مالي مدد لاء لکيو ۽ مير علي مراد کي لکيو ته تون هن ٽئنڪ تي ڪم ڪرڻ لاء پنهنجا ماڻھون ڏي. [جيڪب عوامي ڀلائئ وارن ڪمن ۾ ايڏي دلچسپي ورتي جو ماڻھن جون دليون جيتي ويو ۽ شهر جو نالو ئي جيڪب آباد رکيائون] 12.12.1857: ممبئي سرڪار اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي منظوري ڏني ته ڀلي تعليم کاتي لاء ليٿوگرفڪ پريس خريد ڪري.[ياد رهي ته تعليم کاتي جي انچارج ميجر گولڊسمڊ اهڙي گذارش ڪمشنر کي ڪئي هئي. انھئ پريس مان"سنڌ سڌار" اخبار ڇپبي هئي. اها اخبار پوء ”سنڌ سڀا" تنظيم جي حوالي ڪئي وئي] 12.12.1896: ڪراچئ ۾ ”ٿياسافيڪل سوسائٽي" قائم ٿي. 12.12.1924: ممبئئ جو گورنر ٻن ڏينھن جي دوري تي لاڙڪاڻي آيو. عوامي نمائندن, ميونسپالٽئ ۽ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ ھن کان آبپاشئ لاء پاڻي ۽ مسلمانن لاء نوڪرين جي گهر ڪئي. 12.12.1931: ڳوٺ ھاشم سومري ۾ ”سنڌ آزاد پارٽئ" جي شاخ کولي وئي ۽ محمد فضل سومري کي صدر, آخوند عبدالڪريم کي نائب صدر ۽ خالقڏني سومري کي سيڪريٽري چونڊيو ويو. 12.12.1946: سنڌ ليجسليٽو اسيمبلئ لاء ٿيل چونڊن جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا. مسلم ليگ 34 سيٽون کٽيون, هڪ سيٽ آزاد اميدوار کٽي. ڌانڌلي ڪري جي.ايم.سيد کي قاضي اڪبر کان هارايو ويو. [جي.ايم.سيد پوء ٽريبيونل جي فيصلي جي نتيجي سيٽ کٽي] *************** 12 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: ************** 12 ڊسمبر 1886ع فريڊم فائيٽر تاراچند گجرا جو جنم ڏينهن آهي. 12 ڊسمبر 1895ع فريڊم فائيٽر ۽ صحافي وشنو شرما (دادو/انڊيا) جي پيدائش ٿي. 12 ڊسمبر 1912ع شاعر حاجي علي بخش جمالي جو جنم ڏينهن آهي. 12 ڊسمبر 1922ع ليکڪ رام نولراء گيان ڀاڳچنداڻي (سکر/احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 12 ڊسمبر 1923ع شاعر راز بلڙائي جو جنم ڏينهن آهي. 12 ڊسمبر 1928ع لطيف جي راڳي غلام حيدر نظاماڻي جو جنم ڏينهن آهي. 12 ڊسمبر 1929ع ليکڪ چوئٿرام گانڌي (دادو/احمدآباد) جي پيدائش ٿي. 12 ڊسمبر 1929ع لاڙڪاڻي جي صحافي غلام تقي جعفري جو جنم ٿيو. 12 ڊسمبر 1931ع شاعر سيد عبدالرحمان اظهر جو جنم ڏينهن آهي. 12 ڊسمبر 1948ع اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان افتخاري محمد چوڌريجي پيدائش ٿي. 12 ڊسمبر 1948ع پٿوري جي صحافي لونگ خان مڱريو جو جنم ڏينهن آهي. 12 ڊسمبر 1952ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ مترجم ۽ ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر عطاءَالله ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 12 ڊسمبر 1962ع شاعر گوهر گُل ٻرڙو جو جنم ڏينهن آهي. 12 ڊسمبر 1971ع دادو سان تعلق رکندڙ ليکڪ بهزاد سنڌي جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: ************** 12 ڊسمبر 1048ع سائنس جي دنيا ۾ ابو سڏجندڙ ابو ريحان البيروني غزني ۾ وفات ڪري ويو. 12 ڊسمبر 1884ع مذهبي اسڪالر قاضي مينو عبدالباقي جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 1897ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد يعقوب لغاري جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 1914ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ راڳي ۽ سوشل ورڪر ڀاڳت روپچند ديهانت ڪري ويو. 12 ڊسمبر 1942ع حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 1955ع شاعر ۽ سياستدان سيد گُل محمد شاهه گُل جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 1957ع نوابشاهه سان تعلق رکندڙ فريڊم فائيٽر محمد عثمان شيخ جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 1960ع حڪيم قاضي شمس الدين (نوشهروفيروز) جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 1964ع بزرگ خواجه عبدالغفار پير مٺا سائين جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 1967ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد ابراهيم شڪارپوري جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 1983ع صوفي الهه بخش سهڻا سائين جو انتقال ٿيو. 12 ڊسمبر 1985ع مذهبي اسڪالر ۽ صحافي مولوي خير محمد نظاماڻي جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 2000ع سياستدان بيگم شائسته اڪرام الله جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 2007ع اداڪار الياس ڪاشميري جي وفات ٿي 1. Good Wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Don't be, what I am. Don't be happy with me. Be, what you are and be happy with your self. I am love and not beauty. You are beauty & peace and vision & wisdom. Promote it, share it. Forget me, but you can't be forgotten at all. Be proud of your self, but don't be proud of your ego, attitude of hatred and behavior of discrimination, my dear.] مون ساڻ ڀل پڪائي ڪر پر تون پاڻ سان سچائي ڪر, مون کي ڇڏي تون سرت سچ سونهن وٽ رسائي ڪر, وسرڻ جو ناٿين جاني ڪوشش نہ تون اجائي ڪر, مون ساڻ ڀل وڏائي ڪر, پر پيار سان نہ جدائي ڪر. 2. Events from Sindh (including Pakistan) history: *************** 1838: Col. Pottenger suggests his Govt. and Commander -in- Chief that Indus is most useful means of communication if steamers are used for military purpose. 1857: The Bombay Govt. accords permission to Sindh Govt. for purchase of Lithographic Press for use of Educational Department and establishment of newspaper in Sindhi. The credit goes to Major Goldsmid who was officer in charge of the Department. Education Department established 'Sindh Sudhar' newspaper in Sindhi and the same paper was handed over to the 'Sindh Sabha' NGO in 1884 and Sadhu Hiranand became its editor. 1896: The Theosophical Society is formed in Karachi. It influenced the Sindh politics and society for years. 1924: The Governor of Bombay is on two - day visit of Larkano. Larkana branch of Sindh Muhammadan Association, Larkana Municipality and Larkana District Board presented their Representation and request for supply of required water for irrigation, employement opportunities for Sindhi Muslims, advancement of education, etc. 1931: The branch of 'Sindh Azad Party' is opened at village Hashim Soomro and Muhammad Fazul Soomro , Akhund Abdul Karim and Khaliq Dino Soomro are elected President, Vice President and Secretary respectively. 1946: Results of the election for Sindh Assembly Legislative are announced. 34 seats go to Muslim League. One to an Independent and G.M.Syed is defeated by Qazi Muhammad Akbar. G.M.Syed latter on challenged the result in Tribunal.

No comments:

Post a Comment