Friday 9 December 2022

Sindh in history today (10th December). By.Dr.Pathan

Good wish & Sindh history [10th of December.] ************* Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* ******** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 10 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 10.12.1836: پاٽينجر اڄ وڪر پهتو ته ٺٽي ۽ مغلڀين جي گورنرن سندس استقبال ڪيو. ھنن پاٽينجر کي پارت ڪئي وئي ته اوهان جي اچڻ ۽ اسان جي اچي اوهان سان ملڻ واري ڳالھ کي مخفي رکجو جيئن ماڻھن کي ڪا خبر نه پئي. 10.12.1841: انگريز اڃان ملڪ جا مالڪ ڪونه ٿيا هئا. پر ڪم مالڪن وانگر ٿي ڪيائون. هنن اڄ "سبئ" جو مالي آمدني شاه شجاع لاء مخصوص ڪئي ۽ اتي فوجي چوڪي به بڻائي. 10.12.1939: مولانا عبيدالله سنڌئ سنڌ ۾ ”جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي" جوڙي. کڏي واري مولانا محمد صادق ۽ ٻين هم خيال ديني عالمن سندس مدد ڪئي. مولانا سنڌئ جي وطن واپسئ کان اڳ سنڌ "مسلم ليگ" ۽ "ڪانگريس" جي ڪئمپن ۾ ورهائجي چڪي هئي. ان ڪري وطن جي آزادئ ۾ ملڪ کان ٻاهر جواني گذاري هن وڏي ڄمار ۽ وڏي تجربي واري مدبر ۽ مفڪر کي گهٽ ٻڌو ويو ۽ هن جي پارٽي فقط سندس چند دوستن ۽ معتقدن تائين محدود ٿي وئي. 10.12.1947: پاڪستان کي قائم ٿئي فقط چار مهينا مس گذريا. پر انڊيا مان پناهگيرن جا لشڪرن مٿان لشڪر اچڻ شروع ٿي ويا. جهڙوڪ هو پاڪستان قائم ٿيڻ جي انتظار مان هئا. اڄ سرڪار پڌرو ڪيو ته 28 آگسٽ کان اڄوڪئ تاريخ وچ ۾ 34680000 پناهگير پهتا هئا ۽ اڄ 5 لک ٻيا به پهچي ويا. 10.12.1966: ڪجھ وقت اڳ نوابزادي نصرالله ۽ ملڪ غلام جيلانئ کي ڊي.پي.آر تحت گرفتار ڪيو ويو هو. اڄ کين آزاد ڪيو ويو. 10.12.1972: ڀٽي حڪومت خلاف پنجاب ۾ وڳوڙ شروع ٿيا ته لاهور ۾ قلم 144 لڳايو ويو ۽ ڪيترن شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو. 10.12.1992: نواب شريف ملڪ جي وزير اعظم هئڻ واري حيثيت ۾ مخالف ڌر کي سڏ ڏنو ته اچو ته هڪ هنڌ ويهي پنھنجي اختلافن تي ڳالهيون ڪيون. پر مخالف ڌر اڄ سندس آڇ ٿڏي ڇڏي. *************** ڏينهن 10 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: ************** 10 ڊسمبر 1910ع ميهڙ سان تعلق رکندڙ شاعر ضياء الدين ايس بلبل جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1911ع اسڪالر، ليکڪ ۽ اديب ڪلياڻ آڏواڻي(حيدرآباد/بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1913ع ليکڪ آسانند بجلاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1928ع ليکڪ آشا درگاپوري عرف ٻولچند تيرٿداس تارواڻي(ٽنڊو محمد خان / جئپور) جو جنم ٿيو. 10 ڊسمبر 1943ع نصيرآباد سان تعلق رکندڙ سگهڙ قمر الدين سيال جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1943ع ليکڪ بنسي خوبچنداڻي(سکر / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1954ع فلمي اداڪاره بابره شريف جي پيدائش ٿي. 10 ڊسمبر 1955ع جهونا ڳڙهه سان تعلق رکندڙ شاعر رميش ڪمار کلونا جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1956ع شاعر غلام مصطفى اياز جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1962ع ليکڪ عبدالرحمان سيال جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1962ع شاعر منير شاهه مخمور جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1963ع اسڪوائش جي اڳوڻي عالمي چيمپيئن جهانگير خان جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1971ع شاعر رفيق سانول جو جنم ڏينهن آهي. ************** وڇوڙو: *************** 10 ڊسمبر 1942ع شاعر محمد طالب سومرو جي وفات ٿي. 10 ڊسمبر 1944ع شاعر مير غلام الله شاهواڻئ جي وفات ٿي. 10 ڊسمبر 1959ع شاعر سيد پيرل شاهه پيرل جي وفات ٿي. 10 ڊسمبر 1994ع سنڌي مرثيا نگار سيد ثابت علي شاهه ثالث جو انتقال ٿيو. 10 ڊسمبر 2003ع عالم، اديب ۽ محقق علامه غلام مصطفى قاسمئ جو انتقال ٿيو. 10 ڊسمبر 2018ع دادوءَ سان تعلق رکندڙ ناميارو شاعر انور قمبراڻي وفات ڪري ويو 1. Good Wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Don't be, what I am. Don't be happy with me. Be, what you are and be happy with your self. I am love and not beauty. You are beauty & peace and vision & wisdom. Promote it, share it. Forget me, but you can't be forgotten at all. Be proud of your self, but don't be proud of your ego, attitude of hatred and behavior of discrimination, my dear.] مون ساڻ ڀل پڪائي ڪر پر تون پاڻ سان سچائي ڪر, مون کي ڇڏي تون سرت سچ سونهن وٽ رسائي ڪر, وسرڻ جو ناٿين جاني ڪوشش نہ تون اجائي ڪر, مون ساڻ ڀل وڏائي ڪر, پر پيار سان نہ جدائي ڪر. 2. Events from Sindh (including Pakistan) history : 1836: On his arrival at Vikkur , Colonel Pottenger is received by the Governors of Thatto and Mugebin. Mirza Bakar represent Hyderabad Govt. Colonel Pottenger is asked that as per desire and instructions of Hyderabad Govt. he must keep secret the fact of his visit to Sindh. 1841: The financial control of Sibi is handed over to Kutche and its revenue has been reserved for Shah Suja. Also military stations are established at Sibi and Dhadhar. 1939: Moulana Obedullah Sindhi forms 'Jamina Narbda Sindh Sagar Party'. Moulana Muhammad Sidiq of Khada and so many Religious Scholars join this party. The party differs with the Congress and Muslim League in their program and policies. 1947:5, 00,000 Indian Muslim migrants reach Pakistan. The number of migrants before 28 August to 10 December is 34, 680, 000. 1966: Nawabzada Nasurullah, Sardar Shoukat Hayat and Malik Ghulam Jilani detained since February under DPR are released. 1971: Indian aircrafts drop four 1,000 Lbs bombs in Karachi. 1972: Section 144 is imposed in Lahore. A number of students are held. 1985: National Assembly passes Political Parties Amendment Bill of 1985 indemnifying certain martial law regulations and orders. 1992: Opposition parties reject Prime Minister Nawaz Sharif's invitation for APC.

No comments:

Post a Comment