Sunday 4 December 2022

Sindh in history today (4th December). By. Dr.Pathan

4th of December. ************* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 4 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 4.12.1838: اڄ خط لکي ڪرنل پاٽينجر حيدرآباد ويل ليفٽيننٽ برنس کي هدايت ڪئي ته تون حيدرآباد نه ڇڏ ۽ حڪمرانن سان معاهدي بابت ڳالهاء ۽ هو جيڪڏهن ڪن شقن تي وضاحت گهرن ته ڳالهين ۾ ھنن کي مطمعن ڪر. 4.12.1842: لارڊ ايلنبرو اڄ نيپيئر کي لکيو ته تون ڀلي مير رستم علئ سان ڳالهيون هلاء. پر, منھنجو خيال آھي ته توڏي وڌيڪ فوج موڪلي تنھنجا هٿ مضبوط ڪنداسين ته خيرپوري يا حيدرآبادي مير معاهدي ڪرڻ ۾ پوء ڪا ٽال مٽول نه ڪندا. 4.12.1857: ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي هنن منصوبن تي ڪم شروع ڪرائڻ جي اجازت ڏني: 1). آگبوٽن ذريعي ڪراچئ کان ملتان تائين آمدرفت ڪرڻ, 2). ڪراچئ کان ڪوٽڙئ تائين ريل رستو ٺاهڻ لاء ”سنڌ ريلوي" ۽ "ايسٽ انڊيا ڪمپني" جي ۾ ٺيڪي ڏيڻ بابت ڳالهيون مقرر ڪرڻ ۽ 3). سيوهڻ تائين ريلوي لائين جي سروي ڪرائڻ. 4.12.1920: دهلئ ۾ ”جميعت العلماء ھنڌ" جو اجلاس ٿيو. سنڌ مان مولانا تاج محمود امروٽئ, قاضي شمس الدين احمد, حاجي محمد ۽ عبدالخالق مورائي شرڪت ڪئي. هن اجلاس ۾ حڪومت خلاف "عدم تعاون تحريڪ" هلائڻ بابت ٺھراء پاس ڪيو ويو. 4.12.1947: پاڪستان قائم ٿئي اڃا مهينا مس گذريا آھن. اڄ پڌرو ڪيو ويو ته هڪ لک پناهگير پنهنجو وطن ڇڏي هتي اڄوڪي هڪ ڏينھن ۾ پهچي ويا آھن. 4.12.1965: پاڪستان جي دفاع وارئ وزارت جنگ بابت انگ اکر پڌرا ڪيا ته پاڪستان جا 1033 ماڻھون/فوجي ۽ انڊيا جا 9500 فوجي ماريا ويا, پاڪستان جا 2171 ۽ انڊيا جا 11000 فوجي زخمي ٿيا, پاڪستان جا 630 فوجي لاپتا آھن, جنگ ۾ پاڪستان جون 165 ۽ انڊيا جون 475 ٽينڪون تباه ٿيون ۽ پاڪستان جا 14 ۽ انڊيا جا 110 جيٽ جهاز تباه ٿيا. 4.12.1988: ممتاز علي ڀٽي کي ڊفينس آف پاڪستان رولس مطابق گرفتار ڪيو ويو. 4.12.1971: صدر جنرل يحيا انڊيا سان جنگ جوٽڻ جو باظابطه سرڪاري طور تي اعلان ڪيو. 4.12.1992: پيپلز پارٽئ طرفان ملتان کان لاهور تائين لانگ مارچ ٿيو. *************** 4 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 4 ڊسمبر 1904ع فريڊم فائيٽر مينگهه راج لالا (روهڙي /اجمير) جو جنم ٿيو. 4 ڊسمبر 1925ع موسيقار ۽ گلوڪار هيرو هنڱوراڻي (ڪراچي / حيدرآباد دکن) جو جنم ڏينهن آهي. 4 ڊسمبر 1931ع شاعر علي محمد الهراسي جو جنم ڏينهن آهي. 4 ڊسمبر 1939ع اسٽيج ڊرامن جي ڊائريڪٽر ۽ ليکڪ جڳديش لاچاڻي (پير ڳوٺ / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 4 ڊسمبر 1939ع سياستدان سيد حسين شاهه بخاري جو جنم ڏينهن آهي. 4 ڊسمبر 1940ع اداڪار، موسيقار ۽ بانسري نواز سنتوش گاگومل ڀاڳيا(ڪراچي احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 4 ڊسمبر 1974ع شاعر ۽ نثر نگار سردار شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 4 ڊسمبر 1979ع دادو سان تعلق رکندڙ ليکڪ جاويد اختر جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 4 ڊسمبر 1963ع مذهبي اسڪالر حافظ عبدالحامد ٿريچاڻي جي وفات ٿي. 4 ڊسمبر 1972ع ليکڪ ۽ پبلشر ميلارام منگترام واسواڻي جي ديهانت ٿي. 4 ڊسمبر 1998ع سياستدان ۽ اڳوڻي وزير محمد اسماعيل جي وفات ٿي. 4 ڊسمبر 2000ع هاري اڳواڻ، ڪميونسٽ ڪارڪن ۽ شاعر ڪامريڊ باقر سنائي جي وفات ٿي. 4 ڊسمبر 2012ع لوڪ فنڪاره زينت امان شيخ جو لاڏاڻو ٿيو. Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. 1. Good Day Wish: Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. 1. Good Wish Dr. Pathan wishes you Good Day. [ It is difficult task to see self and see our own face without mirror. Dear! I am your mirror, peep into my eyes and look at my heart, see yourself. You will believe that you are most beautiful. Dear! I know your beauty & love, vision & wisdom and kindness & cooperation. You are my dear. You are my ideal and you are second to none.] جي پاڻ نہ پسين پاڻ کي تان ڏس منهنجي اکين سان پاڻ, محبت شفقت خدمت عظمت جو تون ئي آھين مانڊاڻ, آئون ناهيان اڻڄاڻ, سڃاڻان ٿو توء سرت سونهن سلام کي. 2. Events from Sindh history (including Pakistan) 4th December ************** EVENTS 1920: The meeting of the Jamiat -ul- Ulema is held at Delhi. kazi Shamsuddin Ahmad, Haji Muhammad, Abdul Khaliq Morai and Moulana Taj Mahmood Amroti represent Sindh. In this meeting Fatwa (Religious Judgment) was issued in favour of the Movement of Non - co - Operation launched against the Government. 1835: Colonel Pottenger directs Lieutenant Burns to remain at Hyderabad if Mir Noor Muhammad proposes as he might seek some clarifications about suggested treaty between Sindh Govt. And the East India Co. 1857: The Bombay Govt. authorizes Sindh Commissioner: (a) for completion of communication between Karachi and Multan, (b) finalization of contract between the East India Co. And Sindh Railway Co. for construction of Railway line between Karachi and Kotri and (c) conducting of survey of Railway line to Sehwan. 1947: More than one lac refugees reach Pakistan. 1953: The World Bank agrees to finance Pakistan's Sui Gas Power Project. Pakistan to get? 100,00. 1965: Pakistan Defense Ministry Spokesman releases the figures about war losses of India and Pakistan: KILLED (Pakistan 1,033 and India 9500), WOUNDED (Pakistan 2171 and India 11000), MISSING (Pakistan 630 and India not known), TANKS (Pakistan 165 and India 475) and AIRCRAFT (Pakistan 14 Sabre Jets and India 110). 1968: Mumtaz Bhutto is arrested under DPR. 1971: President Gen.Yaha declares war with India, asks forces to advance strike and destroy enemy. 1992: Multan to Lahore PPP Long March takes place without Benazir Bhutto. She is stranded in Karachi due to non - availability of flight.

No comments:

Post a Comment