Monday 5 December 2022

Sindh in history today (5th December). By. Dr.Pathan

Good wish & Sindh history [5th of December.] ************* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 5 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 5.12.1846: انڊين نيوئ جي ڪمانڊر اڄ ”انڊس فلوٽيلا" کي اجازت ڏني ته ڀلي آگبوٽن کي واپاري ۽ تجارتي مقصدن لاء به ڪراچئ ۽ ملتان وچ ۾ ھلايو وڃي. 5.12.1857: اپر سنڌ جي پوليٽيڪل سپريڊنٽ اڄ ڪمشنر کي خط لکي ٻڌايو ته سندس ضلعي (جيڪب آباد) ۾ سنڌئ کي دفتري ٻولئ طور استعمال ڪئي پئي وڃي. 5.12.1922: سنڌ جي مختلف شھرن ۾ اتان جي مقامي "خلافت ڪميٽين" طرفان گڏجاڻيون ٿيون, جن ۾ فرنگي سرڪار جي ترڪئ بابت پاليسئ جي ندا ڪئي وئي ۽ عوام کي هوشيار ڪرڻ لاء جلسن سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. 5.12.1964: وفاقي وزير ذوالفقار علي ڀٽي ڪشمير کي انڊيا ۾ ضم ڪرڻ وارئ انڊيا جي ڪوشش جي مذمت ڪئي ۽ اعلان ڪيو ته پاڪستان آزادئ واري تحريڪ ۾ ڪشميرين کي ڪڏهن اڪيلو نه ڇڏيندو. 5.12.1971: سوويت يونئن پاڪستان کي انتباه ڪيو ته هلندڙ جنگ ۾ انڊيا کي اڪيلو نه ڇڏبو ۽ ان جو ڀرپور ساٿ ڏبو. 5.12.1978: سپريم ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽي کي اجازت ڏني ته نواب محمد احمد قتل ڪيس ۾ ڀلي پاڻ به ڪيس جي ٻڌڻئ وقت ذاتي طور تي حاضر ٿئي. 5.12.1981: آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ F-16 جهازن جي خريدارئ بابت معاهدي تي دستخط ڪيا ويا. *************** 5 ڊسمبرتي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 5 ڊسمبر 1860ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ سياستدان ولي محمد حسن علي جو جنم ٿيو. 5 ڊسمبر 1898ع اردو جي ناليواري شاعر جوش مليح آباديجو جنم ڏينهن آهي. 5 ڊسمبر 1909ع سياستدان سوڀراج موٽواڻي (لاڙڪاڻو / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 5 ڊسمبر 1931ع آرٽسٽ پريم چند ٺاڪر (شڪارپور / الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي. 5 ڊسمبر 1937ع شاعر الهڏنو سوز هالائي جو جنم ڏينهن آهي. 5 ڊسمبر 1959ع سماجي ورڪر نور محمد ڪانگو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 ڊسمبر 1962ع شاعر غلام حسين مسڪين جو جنم ڏينهن آهي. 5 ڊسمبر 1972ع ليکڪ يحيى منير جي پيدائش ٿي. 5 ڊسمبر 1980ع شاعر عبدالجبار ثاقب چاوڙو جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 5 ڊسمبر 1858ع سر جان جيڪب جو انتقال ٿيو. 5 ڊسمبر 1963ع پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم حسين شهيد سهروردئ جو انتقال ٿيو. 5 ڊسمبر 1958ع اردو جي ناليواري ليکڪ ۽ مزاح نگار احمد شاهه پطرس بخاري جو انتقال ٿيو. Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* 1. Good Wish Dr. Pathan wishes you Good Day. [life without love and death without cause are useless. It is beause, when heart is not using inner eyes to see truth and reality and Self. Dear! Accept and respect your soul & self so as you can be yourself and can own cause, love & beauty] حیاتي ھوتن سواء، مماتي مقصد بنا نہ بڻاء، من منھنجا! تون ایئن ڪفر ته ڪین ڪماء. سرت سان، سوچن لوچن کي سمجھاء، ڏسي سارو ڏیھ ، پوء جئ ۾ جھاتي پاء، پرین، پاڻ ۽ پیار پرچاء،ساري سلام سان. *************** 2. Events from Sindh history (including Pakistan) 5th December ************** 1846: Superintendent of Indian Navy, Bombay sanctions vessels of Indus Flotilla for conveyance of merchandise. It was first time to make vessels available for non - military purposes. 1857: Political Superintendent Upper Sindh intimates the Commissioner that Sindhi had been universally adopted as the language of records in all Departments. 1922: A public meeting is held by the local branch of Khilafat Committee. Speakers condemn British policy regarding Islam, Muslims and Turkey. 1963: Politician of his own right, ex - Chief Minister of East Bengal and Freedom Fighter Hussain Shaheed Suhrwardi breaths his last. 1964: Federal Minister Z.A.Bhutto denounces the Indian move towards final integration of Jamu & Kashmir with Indian Union. 1971: Soviet warns Pakistan against its dangerous course in war with India, saying that USSR cannot remain indifferent to the situation. 1974: Peshawar T.V starts functioning. 1978: The Supreme Court allows Z.A.Bhutto to appear in person in the court during the hearing of Nawab Muhammad Ahmad murder case. 1981: Pakistan signs a 'Letter of offer and agreement' with United Sates for the sale of six F - 16 Jets to Pakistan. 1992: U.S President George Bush thanks Nawab Sharif for sending troops in Somalia. Talks on Phone.

No comments:

Post a Comment