Monday 12 December 2022

Sindh in history today (13th December). By. Dr.Pathan

Good wish & Sindh (including Pakistan) history [13th December.] ************* Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 13 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 13.12.1838: ڪمپني حڪومت اڄ پاٽينجر هٿان ميرن تي واضح ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ جتي به اسان جي ماڻھن ۽ مال کي نقصان پهتو ته ان لاء حڪمران ئي ذميوار هوندا [ياد رهي ته سنڌ جو عوام فرنگين جي نيتن کي پرکي چڪو هو, ان ڪري کين جتي موقعو ملندو هو ته ڌارين کي بيعزتو ڪري ڦريندا هئا] 13.12.1839: سنڌ جي حڪمرانن نفسياتي طور فرنگين کي معتبر ۽ منصف تسليم ڪرڻ شروع ڪيو. خيرپور واري مير نصير ۽ مير علي مراد جو ڪن ڳوٺن جي مالڪئ بابت اختلاف ٿيو. اسان جي حاڪمن حڪمرانن فرنگي سفارتڪار کي گذارش ڪئي ته تون اهو فيصلو ڪر. 13.12.1840: حيدرآباد درٻار بابت اڄوڪي فرنگين جي جاسوسئ وارئ رپورٽ ۾ لکيو ويو آھي مير صوبدار خان اسان کي درٻار ۾ وٺي ٿي ويو, پر ماڻھن جي اهڙي پيھ هئي جو اسان کي اتان واپس وٺي ويو ۽ دربار جي ٻئي ڪمري ۾ ويهاريائين. اتي به ماڻھون گهڻا هئا. سيد زين العابدين اتي اچي مليو ۽ ٻڌايائين ته مير هن ڪمري ۾ جلد اچي اوهان سان ملندا. ٿورئ دير بعد مير مير محمد, نصير خان, مير شھداد خان ۽ مير حسين علي آيا. اسان طرفان کين پٽڪن ۽ لونگين جو تحفو ڏنو ۽ ٻڌايوسين ته انگريز سرڪار سان ياري رکڻ ۽ معاهدي ڪرڻ تي اسان جي سرڪار اوهان اهو تحفو ڏنو آھي. [هئ هئي ته مختصر ڳالھ ۽ ٿورن لفظن ۾ بيان ڪري پئي سگهجي ته ميرن سان ملي کين پٽڪا ٻڌراياسين. پر جاسوس جيڪو ڏٺو ۽ محسوس ڪيو, اهو سمورو احوال نوٽ ڪيائين.] 13.12.1842: گورنر جنرل ايلبرو فيروزپور مان نيپيئر کي لکيو ته خوشي ٿي ته ميرپوري مير سان معاهدو ڪري ڇڏيئي. خيرپوري مير منھنجي خيال ۾ ان وقت تائين خاموش رهندا ۽ معاهدي ڪرڻ کان لنوائيندا, جيسيتائين کين حيدرآبادي ميرن جي عمل ۽ ردعمل جي خبر پئي. حيدرآبادي مير وڏي غور سان افغانستان جون حالتون جاچي رهيا آھن ته ڏسجي ته اٺ ڪهڙي پاسي ٿو ليٽي. هو ان کان پوء ئي معاهدي ڪرڻ بابت فيصلو ڪندا. توکي پنهنجئ فوج جي چرپر کي تيز ڪري, ميرن کي ذھني دٻاء ۾ رکڻ گهرجي. جيترو جلد سبزل ڪوٽ ۽ ڀنگ ڀاڙا بهاولپور جي نواب کي ڏينداسين, اوترو جلد اسان کي ميرن سان ڏاڍ مڙسئ سان معاهدي ڪرڻ ۾ مدد ملندي. 13.12.1842: اتر سنڌ بابت جاسوسي رپوٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته خيرپوري ميرن عنايت علي خان ۽ لالا سکنداس کي مٺياڻئ موڪليو هو ته جيئن ميجر آئوٽرام جي پهچڻ تي سندس آڌرڀاء ڪن پر مير محمد حسين کين ان ڪري واپس گهرائي ورتو ته انگريزن کي ايترو معتبر سمجهيو وڃي. خيرپوري ميرن حيدرآڀادي ميرن کي نياپو ڪيو ته انگريز روهڙئ تي قبضي ڪرڻ جي تيارئ ۾ آھن. خيرپور واري مير نصير جنگي تياري شروع ڪئي آھي ۽ هن جا ماڻھون چندو گڏ ڪري رهيا آھن. خيرپور ۾ انديشو ڏيکاريو پيو وڃي انگريز گهوٽڪئ طرف پيش قدمي ڪندا. ان لاء ميراڻي عورتن ۽ ٻارن کي راجستان واري رڻ طرف محفوظ ھنڌ پهچائجي. 13.12.1934: نواب غيبي خان جي جاگير ٽيڪس جو وڏو حصو لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ بورڊ کي ملندو هو. سرڪار اڄ غيبي خان کان وصول ٿيندڙ جاگير ٽيڪس ۾ مجموعي تور تي گهٽتائي ڪئي. 13.12.1947: بنگالين اردوء کي قومي ٻولئ طور قبول ڪرڻ کان ٺڦ انڪار ڪيو ۽ نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان ۾ وڳوڙ شروع ٿيا. 13.12.1953: اها خبر عام ٿي ته پنجاب ۾ قاديانين خلاف وڳوڙ ڪرائڻ ۾ مسلم ليگ جو هٿ هئو. پر جماعت اسلامي انھن جهيڙن ۾ نالو ڪمايو. 13.12.1971: پاڪستان جي ڊپٽي پرائيم منسٽر ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير ذوالفقار علي ڀٽي اڄ اقوام متحده کان مطالبو ڪيو ته پاڪستان جي استحڪام کي بچايو ۽ ٻاهرين مداخلت بند ڪرايو. *************** 13 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 13 ڊسمبر 1934ع اسڪالر ڊاڪٽر غلام علي سانگي جو جنم ڏينهن آهي. 13 ڊسمبر 1936ع ليکڪ تلسي منگهاڻي جي پيدائش ٿي. 13 ڊسمبر 1938ع ليکڪ ۽ مصور فتاح هاليپوٽي جو جنم ڏينهن آهي. 13 ڊسمبر 1944ع سگهڙ محمد ملوڪ عباسيجو جنم ڏينهن آهي. 13 ڊسمبر 1946ع شاعر محمد هاشم حاجن جو جنم ڏينهن آهي. 13 ڊسمبر 1961ع جوهي سان تعلق رکندڙ ليکڪ ابن لائق سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 13 ڊسمبر 1963ع قنمبر سان تعلق رکندڙ ليکڪ خادم حسين رند جي پيدائش ٿي. 13 ڊسمبر 1968ع نئين ديري جي صحافي جاويد سولنگي جو جنم ڏينهن آهي. 13 ڊسمبر 1985ع شاعر شاهجهان سُميل جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 13 ڊسمبر 1749ع مذهبي اسڪالر مفتي عبدالله مهيسر جي وفات ٿي. 13 ڊسمبر 1965ع سياستدان سيٺ پرتاب راء ديهانت ڪري ويو. 13 ڊسمبر 1989ع صوفي شاعر فقير علي گوهر شر جي وفات ٿي. 13 ڊسمبر 2003ع سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل شمس سومرو جو لاڏاڻو ٿيو. 13 ڊسمبر 2008ع ناليواري شاعر تاجل بيوس جي ڪراچي ۾ وفات ٿي 1. Good Wish: Dr.Pathan wishes you Good Day. [If you are even Avtar or open book of vision, wisdom & love, so what? You will be accepted and respected as per requirements of people. You cannot claim your status or command hearts. You have to mind your business only] تان جو ھجین تون عشق علم جو اوتار، ھلی نہ ھوت سان ھو مرضئ جو مختیار. چاھی تان سمجھی برہ بار گھٹو آزار، ساجن جو سنسار نرالو نینھن سلام کان. 2. Events from Sindh (including Pakistan) history: *************** 1838: 'Native Chiefs will be held responsible with respect to our or people’s property plundered with crossing their territories.' Govt. of India asks Colonel Pottenger to inform Sindh rulers.  1939: Sindh rulers start underestimating themselves and their dignity. Aliens are invited to indulge in their matters. Ross Bell , Political Agent decides the dispute between Mir Ali Murad Khan and Mir Nasir Khan of Khairpur relating to the right of possession over five villages.  1931: Preaching Committee is constituted by JUI of Jacobabad consisting of Moulvi Nabi Bux Oodi, Moulvi Muhammad Ismail, Moulvi Dur Muhammad and Moulvi Abdul Latif. The committee will preach teaching of Islam on every first Eriday in various villages of the district. 1934: Jageer cess is minimized from Rs. One to eight Annas for Nawab Ghaibi Khan Chandio. He is paying this cess to the District Local Board Larkano. 1947: Adoption of Urdu as official language is not acceptable to Bengalis. Language - roits erupts in many cities of the East Bengal (East Pakistan). So many are injured. 1951: Muhammad Ayub Khuhro refuses to tender resignation as Sindh Chief Minister. He was asked by the Sindh Governor. 1953: 'Muslim League was responsible and involved in air agitation against Ahmadis. 1971: Pakistan's Deputy Prime Minister & Foreign Minister Z.A.Bhutto demands U.N protection to preserve unity of Pakistan and stopping foreign intervention.

No comments:

Post a Comment