Friday 9 December 2022

Sindh in history today (9th December). By. Dr.Pathan

Good wish & Sindh history [9th of December.] ************* Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. *** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 9 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 9.12.1838: سنڌ ۾ فرنگين کي سفارتڪارئ جون سهولتون مليو ته "ريزيڊنٽ ان سنڌ" انھن ۾ وڏو عهدو هوندو هو ۽ اهو حيدرآباد ۾ رهندو هو. هن دور ۾ انھئ عهدي تي پاٽينجر مقرر ٿيل هو. هن زماني ۾ خيرپوري ميرن سان سفارتڪاري ڪندڙ عملدار وري شڪارپور ۾ رهندو هو. هنن ڏينھن ۾ اليگزينڊر برنس انھئ عهدي تي هو. اڄ هو پاٽينجر کي لکي ٿو ته حيدرآبادي ميرن جي اسان سان پئي ئي نه ٿي ۽ اهو تون ڏسندو ۽ محسوس ڪندو هوندين. اسان هتي پنهنجي فوج لاء اٺ خريد ڪريون ٿا ته حيدرآبادي مير مسئلا پيدا ڪن ٿا. تو ته مهرباني ڪري مير نور محمد کان اٺن خريد ڪرڻ لاء پروانا ته وٺي ڏنا, پر انھن پروانن کي هتي جهڙوڪ ماڻھون مڃن ئي نه ٿا. هو لکي ٿو ته اسان جيڪا به خريداري ڪريون ٿا, اها به غير محفوظ آھي ۽ ڪن هنڌن تي ڦر لٽ جا واقعا به ٿيا آھن. انھئ صورتحال لاء حيدرآبادي ميرن تي ئي الزام هڻي سگهجي ٿو. هو خيرپوري ميرن کي اسان خلاف مڇرائن ٿا. مون خيرپوري ميرن کي ٻڌائي ڇڏيو آھي سندن حڪمرانئ جي حدن اندر اسان سان اهڙو ويل ٿيندو ته ان جا ذميوار هو هوندا ۽ سندن خلاف گورنر جنرل کي شڪايت ڪئي ويندي. 9.12.1842: نيپيئر اڄ سکر مان پنهنجي گورنر جنرل کي خط لکي ٻڌايو آھي ته مون اسٽينلئ کي معاهدي تي ڳالهيون ڪرڻ لاء حيدرآباد موڪليو آھي. پڪ آھي ته مير چون چران ڪرڻ کان سواء معاهدي کي مڃي وٺندا. هنن طرفان ڏينھن وقت ڪو حملو ٿي نه ٿو سگهي ڇو ته ٽن ٽن ڪلاڪن کان پوء ڀنگ پي نشي ۾ ڌت رهن ٿا. اڄوڪي ڏينھن تي نيپيئر خيرپوري ميرن کي به لکي ٿو ته اوهان جي تعبيداري اوهان کي انگريزن جي عنايتن حاصل ڪرڻ جو سبب ٿيندي. اسان اوهان جا دوست آھيون ۽ اوهان به دوست هجڻ جي عملي ثابتي ڏيو. 9.12.1850: سنڌ, خيرپور رياست کان سواء فرنگين جي ور چڙھي ته افراتفرئ جي انھئ ماحول ۾ جابلو قبيلن, جهڙوڪ مرين ۽ بگٽين جو مڪو مچي ويو. اهي سنڌ ۾ ڦرلٽ ڪري واپس ڀڄي ويندا هئا يا سندن حڪومت هٿان پڪڙجي قيد ٿيڻو پوندو هو. اڄ مري قبيلي جي ڇهن ماڻھن کي سرڪار پڪڙي قيد ڪيو. [ياد رهي ته مري ۽ بگٽي قبيلي جي ڏوهاري ماڻھن کي ڪئمپن ۾ رکيو ويندو هو ۽ اتي سندن ذھني تربيت ڪئي ويندي ۽ پوء انھن کي سنڌ جي سماج جو حصو بڻايو ويندو هو. ڪن صورتن ۾ انھن قبيلن وچ ۾ قبائلي جهيڙا ڪرائي سندن طاقت ختم ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي ويندي هئي] 9.12.1937: سنڌ اسيمبلئ ۾ قائم ڪيل "ڊيموڪريٽڪ ڪوئليشن پارٽئ" جي گڏجاڻئ ۾ سنڌي مسلمانن لاء انگريزئ ۾ اخبار جاري ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو ويو. واه واه هر ڪنهن ڪئي, پر کيسي مان ڏوڪڙ ڪڍڻ ڪنهن کان به ڪونه ٿيو. ان ڪري ڳالھ اڌوري رهجي وئي. *************** 9 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 9 ڊسمبر 1922ع سگهڙ ۽ شاعر هدايت علي سونهارو جو جنم ڏينهن آهي. 9 ڊسمبر 1939ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ صحافي شيخ عزيز جو جنم ڏينهن آهي. 9 ڊسمبر 1946ع هندستان جي ناليواري سياستدان سونيا گانڌي جو جنم ڏينهن آهي. 9 ڊسمبر 1946ع باليووڊ اداڪار شتروگهن سنها جو جنم ڏينهن آهي. 9 ڊسمبر 1952ع جماعت اسلامي سان تعلق رکندڙ سياستدان لياقت بلوچجي پيدائش ٿي. 9 ڊسمبر 1970ع موري سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻ الطاف سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 9 ڊسمبر 1974ع گلوڪار راحت فتح علي خان جو جنم ڏينهن آهي. 9 ڊسمبر 1988ع باليووڊ اداڪاره ديا مرزا جو جنم ڏينهن آهي. ************** وڇوڙو: ************** 9 ڊسمبر 1753ع سنڌ جي اڳوڻي حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙو جي وفات ٿي. 9 ڊسمبر 1874ع اردو جي مرثياگو شاعر مير انيسجو انتقال ٿيو. 9 ڊسمبر 1931ع مذهبي اسڪالر مولانا صاحبڏنو ڀٽو جي وفات ٿي. 9 ڊسمبر 1958ع بزرگ سوامي اٽلرام جي ديهانت ٿي. 9 ڊسمبر 1958ع ليکڪ الهه بچايو سمون انتقال ڪري ويو ************* 1. Good Wish Dr.Pathan wishes you Good Day. [Keep in mind that your sincerity & sacrifice and beauty & love cannot be counted, and you will be accepted & respected partially as desired or required by others. Though, it is the state of affairs at every where, but do not disappoint your vision & wisdom. Be source of peace & prosperity and love & beauty for all and for ever] قبولیندء ۽ قرب ڪندء، پر پرين فقط جزوي طور، محبت ۽ مجبورئ منجھ، لھندء نہ ڪا پرگھور، پر پوء بہ سمجھي مور، ھل پيو سرت سلام سان. 2. Events from Sindh (including Pakistan) 1850: The Govt. of British Sindh is worried about law and order situation on its western frontier. Marri and Bugti tribes are treated as high risk and today six men of the Marri tribe are captured on the Frontier. 1916: In well attended gathering organized by the D.J.Sindh College Literate and Debating Society, Dr.J.Fitzgerald delivers lecture on the topic of 'Young India'. Dr. was the scholar and writer of international name and fame. He translated 'Rubbayat Umar Khayam' into English. 1937: The Working Committee of the Democratic Coalition Party decides to found/start daily English Paper from Karachi, but it proved to be desire and not determination.

No comments:

Post a Comment