Tuesday 13 December 2022

Sindh in history today (14th December). By. Dr.Pathan

Good wish & Sindh (including Pakistan) history [14th December.] ************* Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 14 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 14.12.1840: آمريڪي سياح مسٽر ميسن سنڌ ۾ سئر سفر لاء آيو ته انگريزن جون ننڊون حرام ٿي ويون. ڪمپني سرڪار اڄ اتر سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ راس بيل کي لکيو ته همراه جي چرپر ۽ سرگرمين تي ڪڙي نظر رکو, متان هي اسان جي دشمنن لاء جاسوسي ڪندو هجي. 14.12.1842: نيپيئر اڄ سکر مان پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته ظاهرئ طور ميرن اسان جي معاهدي کي قبول ڪيو آھي, پر منهنجئ معلومات مطابق هو اسان سان جنگ جوٽڻ لاء فوجي گڏ ڪري رهيا آھن. اسان سنڌوندي ٽپڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھيون, هڪ طرف ٻيڙيون گهٽ آھن ۽ ٻئي طرف ندئ ۾ پاڻي گهٽ آھي. ان ڪري تڪليف ٿئي ٿي. منھنجي نيت آھي ته ڀنگ ڀاڙي ۽ سبزل ڪوٽ تي چڙھائي ڪريان ۽ اهو به گمان آھي ته ميرن طرفان مذاهمت به ٿئي. پر ان کان ڊجڻ اجايو آھي. مون وٽ ايتري فوج آھي جو هنن کي منھن ڏئي ويندي. لاهور جي اخبار ۾ سبزل ڪوٽ فتح ڪري بهاولپور جي مير ڏيڻ وارو اوهان جو بيان ڇپيو آھي. 14.12.1842: مير رستم خان ۽ خيرپور واري مير نصير خان نيپيئر کي الڳ الڳ خط لکيا. جن جو تت اهو آھي ته اسان فرنگين سان وڙھڻ لاء ڪا به تياري نه پيا ڪريون. اسان انگريزن جو خيرخواه دوست آھيون ۽ رهنداسين. 14.12.1849: قلات ۽ سنڌ جي سرحد بابت ٻنھي ملڪن وچ ۾ وڏي عرصي کان تنازعو رهيو. آخر ڪار اڄ طئي ڪيو ته جيسيتائين ۽ جيڪا زمين سنڌ ڪئنال جي پاڻئ تي آباد ٿئي ٿي, اهو علائقو سنڌ جو آھي ۽ جتي ان ويجهو علائقو باراني آبادي ڪري ٿو, سو قلات جو علائقو آھي. 14.12.1918: سنڌ جي ڪانگريس سرڪار جي انهئ ٺڳئ ۽ چال جي مخالفت ۽ مذمت ڪئي ته ميونسپالٽين ۾ سرڪار وڏي تعداد ۾ پنهنجا ميمبر ٿاڦي مڪاني حڪومت تي پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪري ٿي. ڇوته ٿاڦيل ميمبرن جو ڪن ميونسپالٽين جي چونڊيل ميمبرن کان به ٽپي وڃي ٿو. 14.12.1936: حيدرآباد ۾ سر شاهنواز ڀٽي جي صدارت ۾ عوامي ميڙاڪو ٿيو, جنهن ۾ سر حاجي عبدالله هارون, ميران محمد شاه ۽ حسين بخش شاه خطاب ڪيو. بعد ۾ گڏجاڻي ڪري "سنڌ يونائيٽيڊ" پاران سنڌ ليجسليٽو اسيمبلئ جي چونڊن ۾ بيهڻ لاء اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون. 14.12.1954: ون-يونٽ بابت سرڪاري ڪانفرنس ٿي, جنھن ۾ صوبائي گورنرن, وڏن وزيرن, وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي. 14.12.1957: آء.آء.چندريگر مرڪز ۾ حڪومت ٺاهي نه سگهيو ته صدر اسڪندر مرزا اڄ فيروز خان نون کي حڪومت ٺاهڻ لاء. ھن ملڪ جي ستين حڪومت جوڙي ورتي. *************** 14 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: *************** 14 ڊسمبر 1879ع ليکڪ منوهرداس ڪوڙومل (ڀريا/انڊيا) جي پيدائش ٿي. 14 ڊسمبر 1889ع ڪنڊياري سان تعلق رکندڙ سياستدان شاهنواز پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي. 14 ڊسمبر 1924ع باليووڊ جي مشهور اداڪار راجڪپور جي پيدائش ٿي. 14 ڊسمبر 1928ع ليکڪ گوبند ڀاٽيا (لاڙڪاڻو/ ممبئي) جي پيدائش ٿي. 14 ڊسمبر 1931ع اردو شاعر جون ايليا جي پيدائش ٿي. 14 ڊسمبر 1938ع اداڪار ۽ گلوڪار پرمانند پارواڻي (حيدرآباد / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 14 ڊسمبر 1968ع صحافي جاويد سولنگي جو جنم ڏينهن آهي. 14 ڊسمبر 1970ع صحافي ۽ ڪالم نگار امداد سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 14 ڊسمبر 1971ع شاعر قدير انصاري (ڳاڙهي موري) جو جنم ڏينهن آهي. 14 ڊسمبر 1973ع شاعره شبنم سيلرو جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: ************** 14 ڊسمبر 1877ع صحافي مرزا مخلص علي علوي (ملتان / سنڌ) جي وفات ٿي. 14 ڊسمبر 1950ع نامياري نثر نويس، محقق، نقاد ۽ لطيف جي رسالي تي ڪم ڪندڙ غلام محمد شهواڻي جو انتقال ٿيو. 14 ڊسمبر 1984ع شاعر مستانو محمد شاهه انتقال ڪري ويو. 1. Good Wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Only you are my ideal and lovely beloved. Because, you are not only beautiful, but source of beauty. You are beauty & love and vision & wisdom. You are my Master and I can't dare to claim as your friend.] تنهنجي هٿ سوين سج سچ ۽ سونهن جا تون ئي منهنجو يار, توکي ڪونہ سڃاڻي سگهندو انا-پرست نفرت-وند ڪوئي اغيار, تون ئي آھين سردار, منهنجي تن من روح وجود ۽ سلام سندو. 2. Events from Sindh (including Pakistan) history: *************** 1840: Ross Bell, Political Agent, Upper Sindh is asked by his Govt. to keep eye on activities and movement of Massan, an American Tourist on visit of Sindh  1849: Major Jacob, accepts the claim of Khan of Kelat over certain land. It is agreed that the boundary of Sindh territory had been defined by the extent to Indus water reaches in canals and that lands beyond the limit to which the Indus water never attains but which are watered solely by rain or by streams from Cutchee and are occasionally cultivated, belong to Kelat. 1918:Hyderabad District Congress Committee condemns and opposes nomination of a large proportion on city Municipality, because the nominated members in large number will control and influence the decisions of elected people at large and will be ruling by nomination. 1936: The public meeting is held at Hyderabad with Sir Shahnawaz Bhutto as its president. Sir Haji Abdullah Haroon, Syed Miram Muhammad Shah and Syed Hussain Bux Shah spoke on the occasion and threw light on the formation, scope and importance of Sindh United Party. Prior to the public meeting, the party leadership decided to invite applications for party tickets to contest election for Sindh Legislative Assembly. The party will contest on 30 seats, it was also declared. 1947: The Pakistan Constituent Assembly mourns demise of the Quaid -i- Azam. 1954: Official One Unit Conference starts. It is attended by central ministers, all Governors and Chief Ministers and Head of States. 1957: I.I.Chundrigar fails to form Government. The President, Iskandar Mirza asks Feroz Khan Noon to for Pakistan's 7th Government.

No comments:

Post a Comment