Tuesday 6 December 2022

Sindh in history today (6th December). By. Dr.Pathan

Good wish & Sindh history [6th of December.] ************* Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 6 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 6.12.1842: هنن ڏهاڙن ۾ فرنگين سنڌ ۾ ميجر ڪلائبورڊ جي سربراهئ ۾ "جاسوسئ جو شعبو" قائم ڪيو ته جيئن سنڌ جي حڪمرانن ۽ عوام جي فرنگي-دشمن چالن تي نظر رکجي. اڄوڪي رپورٽ م لکيو ويو آھي ته مير رستم علئ پنهنجو پٽ حيدرآباد ڏياري موڪليو آھي ته جيئن انگريزن جي آڇيل معاهدن بابت ويچار ونڊي هم خيالي قائم ڪجي. خيرپوري ميرن دريا خان جلباڻئ ۽ لالا وشنداس تي ڪم رکيو آھي ته اهي معاهدن تي فرنگين سان ڳالهيون ڪن. مير رستم علئ جو ننڍو پٽ مير علي اڪبر امام واه ۽ سبزل ڪوٽ موڪليو ويو ته جيئن هو ٻارن ۽ عورتن کي راجستان جي رڻ طرف موڪلي سگهي. مير محمد حسين کليو کلايو فرنگين خلاف باه ڀڙڪائي رهيو آھي ۽ جنگ لاء جوان گڏ ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي ٿو. 6.12.1857: اپر سنڌ جي پوليٽيڪل سپريڊنٽ ڪئپٽن ميرويدر ڪاردار خير شاه جي سهڪار سان بيگاري ڪئنال ۾ واڌ آڻڻ بابت هڪ منصوبو بڻايو هو. ان منصوبي کي نه فقط سرڪار منظور ڪيو, بلڪ ان کي پسند به ڪيو ويو. 6.12.1920: رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي نوٽيس ڏنو ويو ته حڪومت-دشمن سياسي سرگرمين بابت صفائي پيش ڪرڻ لاء جڊيشل ڪمشنر جي ڪورٽ ۾ پيش ٿي. پر هو ڪورٽ اڳيان پيش نه ٿيو ۽ جواب ڏياري موڪليائين ته مان افغانستان لڏي ويو آھيان ۽ هاڻي افغاني شھري آھيان ۽ مون تي ڪيس هلائي يا نوٽيس ڏئي نه ٿا سگهو.[ياد رهي ته هي پهريون سنڌي سياستدان هئو, جنھن پنهنجا القاب واپس ڪيا هئا] 26.12.1947: پاڪستان ۽ انڊيا ٻه ملڪ جڙيا ته وڏي پئماني تي انڊيا جا مسلمان پنهنجو وطن ڇڏي پناهگير ٿي سنڌ/پاڪستان اچڻ لڳا. انھئ لڏپلاڻ ٻنھي ملڪن ۾ عورتن ڀڄائڻ جي تعداد ۾ تشوشناڪ حد تائين اضافو ڪيو. ٻنھي ملڪن گڏجي فيصلو ڪيو ته انھئ وڌندڙ ڏوه کي گهٽائڻ لاء گڏجي ڪوششون ورتيون وينديون. 6.12.1950: وفاقي حڪومت پنهنجي سمورن کاتن/ڊپارٽمينٽس کي هدايت ڪئي ته اردوء کي دفتري ٻولي بڻايو. 6.12.1964: فاطمه جناح ۽ جنرل ايوب صدارتي چونڊ جي حوالي سان مختلف شھرن ۾ خطاب ڪيا. جنرل ايوب سبز باغ ڏيکايا ته ملڪ کي مثالي ترقي وٺرائبي. فاطمه جناح وري پنهنجين تقريرن ۾ ايوب-شاهئ جا پول پڌرا ڪيا. *************** 6 ڊسمبرتي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: ************** 6 ڊسمبر 1940ع گلوڪار، اداڪار ۽ ليکڪ سنتوش ڀاڳيا (ڪراچي/احمدآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 6 ڊسمبر 1940ع اداڪارمانو گيهاڻي (نوابشاهه/بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 6 ڊسمبر 1962ع شاعر حنيف عاطر جو جنم ڏينهن آهي. 6 ڊسمبر 1963ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ شاعر جواد جعفري جو جنم ڏينهن آهي. 6 ڊسمبر 1968ع صحافي ۽ ليکڪ اعجاز مهرجو جنم ڏينهن آهي. 6 ڊسمبر 1971ع شاعر ساقي ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 6 ڊسمبر 1989ع ڪرڪيٽر ناصر جمشيد جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 6 ڊسمبر 1934ع فريڊم فائيٽر پريتم داس آڏواڻي جي ديهانت ٿي. 6 ڊسمبر 1943ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سياستدان علي گوهر لاهوري جي وفات ٿي. 6 ڊسمبر 1952ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد صادق ڪڇي جي وفات ٿي. 6 ڊسمبر 1968ع مذهبي اسڪالر مفتي غلام حسين وليدائي جو لاڏاڻو ٿيو. 6 ڊسمبر 1983ع شاعر شيخ عبدالرزاق راز جي وفات ٿي. 6 ڊسمبر 1986ع ليکڪ عبدالرحيم ڏيٿو جي وفات ٿي. 6 ڊسمبر 2000ع ناليواري قوال عزيز ميان جو انتقال ٿيو. 6 ڊسمبر 2000ع ريڊيو آرٽسٽ ۽ صداڪار عبدالحق ابڙولاڏاڻو ڪري ويو. 6 ڊسمبر 2012عصدارتي اوارڊ يافته الغوزو نوازالهه بچايو کوسو لاڏاڻو ڪري ويو 1. Good Wish Dr.Pathan wishes you Good Day. [We are different because of our approaches & attitudes. They make, or not make us for traditions, customs and ideologies. They make us to believe, or not that traditions, customs and ideologies are of the people, for the people and by the people. They define us as a slave or an independent. They make us to believe or not in love & beauty and peace & prosperity. Dear! Let approaches be your and not imposed by society] ھئ تان آھي فرق فڪر سوچ جو، جنهن مان جڙي عیب ثواب، پاڻ نہ قبولن جي سرت سان، تن لاء ریتون رسمون قید عذاب، پر آھي ماٹھو اھو ئي نواب، جو سمجھي سچ سونھن سلام کي. 2. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (6th DECEMBER) EVENTS: 1857: Captain Merewether, Superintendent Upper Sindh with the help and cooperation of Kardar Khair Shah prepared project for enlargement and extension of the tail of the Begari Canal. It is not only approved by the Bombay Govt., but is declared as the first and most important irrigational work by British Govt. in Sindh. 1920: Rais -ul- Muhajreen Jam Muhammad Junijo was supposed to appear before the court of Judicial Commissioner, but he refuses to comply with Notice on the plea that he is no more citizen of British India and as he has migrated to Afghanistan. Hence, he is not bound to obey orders of the British Govt. 1947: Cases of abdication of migrant women and children are taking place at large scale. Both India and Pakistan are worried about it. Today, both countries agree to control the situation and rescue abdicated women and children. 1950: Pakistan Govt. directs all federal/central offices to adopt Urdu as language of official correspondence. 1951: The Security Council of the U.N.O asks India and Pakistan to resolve Kashmir issue on their own. 1964: Fatima Jinnah and President Ayub, both presidential candidates are busy in addressing public gatherings. Ayub promises for developed Pakistan in future and Fatima Jinnah is attacking Ayub govt. s anti - people and anti - democracy polices.

No comments:

Post a Comment