Thursday 8 December 2022

Sindh in history today (8th December). By. Dr.Pathan

Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* 1. Good Wish Dr.Pathan wishes you Good Day. [Whoever will disown him/herself, cannot be owned by others. It is self-dodging to believe that personal sorrows & longings can be resolved as public problems. Nobody can redress your personal & private issues except you and your own vision & wisdom, beauty & love and trust & sacrifice] ڪو پنھنجو ڪري نہ ڪري، پر پاڻ کي پنھنجو ڪجي ضرور، دک درد جو آھي پنھنجو، سو تان ٻئي جو ڪڏھن ٿئي نہ سور، اھو ئي ماٹھو ٿئي مجبور، جو نہ سمجھي سرت سونھن سلام کي. *********** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 8 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 8.12.1839: سنڌ جي صورتحال, سنڌ ۾ فوج رکڻ ۽ افغانستان تي چڙھائئ بابت ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل 1838 کان "منٽس" لکيا. اهي "منٽس" ايترا ته ٿيندا جو هڪ ڪتاب ٿي سگهن ٿا. انھن "منٽس" ۾ سنڌ جي تاريخ جو خزانو موجود آھي. اهي برطانيه جي “انڊيا آفيس لائبررئ" يا دهلي جي "نهرو آرڪائيوز" ۾ موجود ٿي سگهن ٿا. انھن مان ڪجھ يا ڪن "منٽس" جا اقتباس گل حيات ۾ موجود آھن. اڄ گورنر جنرل سنڌ ۾ پنهنجي فوج ڪٺي ڪرڻ بابت تفصيلي "منٽس" لکيا آھن. هو لکي ٿو ته ڪراچئ تي قبضي ڪرڻ کان پوء انھئ قبضي کي قائم رکڻ لاء ٺٽي ۾ فوجي ڇانوڻي ٺاهبي ۽ بکر جي قلعي کي ڳالهين ذريعي پنهنجي ڪم ۾ آڻڻ لاء حاصل ڪيو ويندو. ڪجھ فوج سکر ۾ رکي ويندي 8.12.1840: فرنگين جي فوج جڏهن خشڪئ رستي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ لڳي ته فرنگين کي ميرپور سرڪار سان ڳالهيون ڪرڻيون پيون ته جيئن فوج کي انھئ ملڪ مان لنگهڻ وقت ڪا روڪ ٽوڪ نه ٿئي. اڄ پاٽينجر پنهنجي گورنر جنرل کي هڪ تفصيلي خط لکيو ته مير شير محمد جو ڀاء مير شير محمد تي دٻاء رکي رهيو آھي ته انگريزن سان دوستي يا معاهدو نه ڪر. هو لکي ٿو ته مون سيٺ نائون مل هوتچند کي ميرپور موڪليو آھي. کيس ميرپور درٻار سڌي رسائي ڪانه ٿي پر سندس هڪ مائٽ ھن جي مدد ڪئي. اهو مير شير محمد جو دٻاري آھي ۽ کيس نائون مل سان ملڻ تي راضي ڪري ويو. ممبئئ کان ايندڙ فوج کي مون حڪم ڏنو آھي ته اها ان وقت تائين ميرپور جي حدن ۾ رهي, جيسيتائين گجرات کان ايندڙ فوج انھئ سان اچي ملي. ممبئئ فوج جو ميرپور ۾ ھجڻ جو اسان کي فائدو ملندو ۽ مير شير محمد ڊپ ۾ اسان سان ڳالهين ڪرڻ تي راضي ٿي ويندو. 8.12.1918: اسان جا وڏڙا سرڪار-پرستئ ۾ انوکا مثال قائم ڪندا هئا. ڪرسئ تي ويٺل کي ته رسائئ ۽ لاپو ڏئي راضي رکندا هئا, پر جيڪو ڪرسي ڇڏي ويندو هو ته ان جي به پچر ڪونه ڇڏيندا هئا. ممبئئ جو گورنر رٽائير ٿيو ته سکر جي "انجمن اسلام احباب وطن" طرفان گڏجاڻي ڪري سندس شان ۾ تعريف جا ڍڪ ڀريا ويا. [ياد رهي ته جڏهن لارڊ رپن وائسرائئ جي عهدي تان لٿو ته هن کي “شڪرگذارئ وارو مان پتر" ڏيڻ لاء ”سنڌ سڀا" فيصلو ڪيو هو ۽ ان فيصلي ڪري "سنڌ سڀا" ۾ اختلاف پيدا ٿيا هئا ۽ ان جي نتيجي ۾ اها پارٽي ٽٽي پئي] 8.12.1922: ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ مقامي خلافت ڪميٽئ طرفان جلسو ٿيو, جنهن ۾ حڪومت طرفان عوام کي آزارڻ واري پاليسئ جي مذمت ڪئي وئي ۽ عوام کي تاڪيد ڪيو ويو مذھب ۽ سياست ۾ دلچسپي وٺو ۽ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏيو. [هي منهنجي ڳوٺ جو واقعو آھي. منهنجو ڏاڏو حاجي خدا بخش به مکيه خلافيتين مان هڪ هئو] 8.12.1947: سرڪار پڌرو ڪيو ته يارنھن هزار ۽ پنج سو پناهگير انڊيا ڇڏي اڄوڪي ڏينھن هتي پهتا. 8.12.1948: قلات ۾ شھزادي عبدالڪريم تي اهو الزام ڏئي گرفتار ڪيو ويو ته هو ڪميونسٽ انقلاب آڻڻ لاء ڪوششون ڪري رهيو هو. 8.12.1971: اقوام متحده جي جنرل اسيمبلئ ٺھراء پاس ڪري پاڪستان ۽ انڊيا کي جنگ بند ڪرڻ جي صلاح ڏني. 8.12.1977: ولي خان ۽ نئشنل عوامي پارٽئ جا قيدي اڳواڻ آزاد ڪيا ويا. اهي 34 مهينا حيدرآباد جيل ۾ رهيا ۽ مٿن ملڪ-دشمنئ جو ڪيس هليو. 8.12.1993: ملڪ جي وزير اعظم بينظير ڀٽو ۽ ايران جي صدر اڪبر هاشمي رفسنجاڻئ جي وچ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ فيصلو ٿيو ته ايران مان پاڪستان تائين گئس پهچائڻ لاء پائيپ لائين وڇائي ويندي, پاڪستان ۾ ايران آئل ريفائنري لڳائيندو ۽ زاهدان-ڪامران سيڪشن تي ريلوي لائين وڇائي ويندي. *************** جنم ڏينهن: *************** 8 ڊسمبر 1916ع سماج سڌارڪ ڊاڪٽر چمن داس ڇاٻلاڻي (خيرپور / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1927ع موري سان تعلق رکندڙ شاعر نديم انصاري جو جنم ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1930ع گلوڪار رامچند راهيجا (شڪارپور/بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1935ع باليووڊ جي مشهور فلمي اداڪار ڌرميندرجو جنم ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1940ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سگهڙ گل محمد ڪنڀر جي پيدائش ٿي. 8 ڊسمبر 1944ع باليووڊ جي مشهور اداڪاره شرميلا ٽيگورجو جنم ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1948ع سيتا ڳوٺ سان تعلق رکندڙ شاعر عبدالله شاهه آزاد جو جنم ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1948ع شاعر روشن علي مفتون جو جنم ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1959ع ليکڪا ۽ آرڪيلاجسٽ مستور فاطمه بخاري جو جنم ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1954ع شاعر عبدالله شاهه آزاد جي پيدائش ٿي. 8 ڊسمبر 1956ع سگهڙ محمد زمان باجاري جي پيدائش ٿي. 8 ڊسمبر 1957ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سماجي ڪارڪن حميده ستار ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 8 ڊسمبر 1907ع ٽکڙ سان تعلق رکندڙ بزرگ خواجه عبدالرحمان مجددي جي وفات ٿي. 8 ڊسمبر 1958ع شاعر مينهل فقير مهر (طيب) جي وفات ٿي. 8 ڊسمبر 1968ع سوامي پريمداس ناٿن ديهانت ڪري ويو. 8 ڊسمبر 2008ع ناليوارو ٽي وي اداڪار يعقوب زڪريادل جي دوري سبب گذاري ويو. 8 ڊسمبر 2014ع برک ڏاهو، ليکڪ، اديب، سياسي اڳواڻ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ديهانت ڪري ويو 2. Events from Sindh (including Pakistan) history : 1918: In its meeting the 'Anjuman Islam Ahbab Watan', Sukkur, resolve to send letter of Thanks to Ex - Governor of Bombay for his valuable services for Sindh.  1922: A public meeting is held at Khair Muhammad Arija by the local branch of Sindh Khilafat Committee. Speaker asks people to take care of their kids with special reference to their education and take active part in politics religiously. 1947: Eleven thousand five hundred Indian Muslim migrants reach Pakistan. 1948: Shahzada Abdul Karim and others are arrested for doing underground work for Communist Revolution in Kalat. 1952: India rejects the Anglo - American proposal to demilitarize Kashmir. 1954: The Muslim League stands divided on the issue of Agricultural and Land Reforms. 1971: U.N.O General Assembly approves by an overwhelming majority, a resolution calling for immediate cease - fire in Indo - Pak war and withdrawal of troops to their frontiers. 1977: Wali Khan and other NAP Leaders are released from Hyderabad Jail after 34 months detention 1993: Benazir Bhutto, Prime Minister of Pakistan and Akbar Hashmi Rafsanjani, President of Iran discuss political and economic cooperation including a natural gas pipeline from Iran to Pakistan , setting up oil refinery in Pakistan and installation of Railway line between Zahdan - Kamran Section.

No comments:

Post a Comment