Saturday 10 December 2022

Sindh in history today (11th December). By.Dr.Pathan

********* Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* ******* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 11 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 11.12.1840: اڄ انگريز جاسوسن ڏکڻ سنڌ بابت هڪ رپورٽ لکي. هن وڏئ رپورٽ ۾ تمام گهڻا تفصيل ڏنا ويا آھن. اڄوڪي رپورٽ ۾ ميرن جي فوتگئ وقت رسمن تي روشني وڌي وئي آھي. 11.12.1931: ضلعي جيڪب آباد جي "جميعت العلماء" جي گڏجاڻي مولانا نبي بخش اودئ جي صدارت ۾ ٿي, جنھن ۾ مولانا عبدالڪريم چشتئ ۽ مولانا ابو محمد عبدالله جوشيليون تقريرون ڪيو. هڪ ٺھراء پاس ڪري سرڪار کان مطالبو ڪيو ويو ته حيدربخش جتوئئ جي ڪتاب تي ”فرياد سنڌ" تي بندش مڙھي وڃي. 11.12.1949: اڄوڪئ تاريخ تي 65 هزار پناهگير پنهنجو وطن ڇڏي هتي پهتا. 11.12.1954: سنڌ جي تاريخ جو اڄ ھڪ ڪارو ڏينھن هو. جن مسلمان سياستدانن سنڌي هندن سان وڙھي ناراض ڪري سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪرايو ۽ ڪراچئ کي پاڪستان جي وفاقي حڪومت حوالي ڪرڻ خلاف آواز اٿاريو, تن سنڌ کي ٿالهئ ۾ رکي مغربي پاڪستان جو حصو بڻائي "ون-يونٽ“ جو ڳٽ سنڌين جي ڳچين ۾ وڌو. ان سلسلي ۾ سنڌ ليجسليٽو اسيمبلئ جو اجلاس حيدرآباد ۾ ٿيو, جنھن ۾ 98 ميمبرن "ون-يونٽ" جي حق ۾ ووٽ ڏنو. عبدالستار پيرزادو ۽ قاضي فضل الله غير حاضر رهيا, جڏهن ته غلام مصطفا ڀرڳڙئ, عبدالحميد جتوئئ, پير الاهي بخش ۽ شيخ خورشيد احمد (غير سنڌي) "ون-يونٽ" واري ٺھراء جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. 11.12.1984: جماعت اسلامئ فيصلو ڪيو ته آمر جنرل ضياء الحق سان غير مشروط سياسي سهڪار ڪيو ويندو ۽ رفرينڊم ۾ کيس ووٽ ڏبو. 11.12.1988: غلام اسحاق خان کي ملڪ جو صدر چونڊيو ويو. پيپلز پارٽئ هن کي مڪمل حمايت ملي. [پيپلز پارٽئ جي حمايت سان غلام اسحاق ۽ فاروق لغاري پاڪستان جا صدر ٿيا, ٻنھي پيپلز پارٽئ جون حڪومتون ڊسمس ڪيون] *************** ڏينهن 11 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 11 ڊسمبر 1913ع سياستدان محمد امين کوسي جو جنم ڏينهن آهي. 11 ڊسمبر 1922ع باليووڊ جي ناليواري فلمي اداڪار دليپ ڪمار / محمد يوسف جي پشاور ۾ پيدائش ٿي. 11 ڊسمبر 1934ع سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 11 ڊسمبر 1939ع سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) ديدار حسين شاه جو جنم ٿيو. 11 ڊسمبر 1956ع اداڪاره سنيتا نارواڻي جو جنم ڏينهن آهي. 11 ڊسمبر 1957ع صحافي مظهر علي لاشاري جو جنم ڏينهن آهي. 11 ڊسمبر 1959ع هالا سان تعلق رکندڙ شاعر نياز حسين نياز ميمڻ جي پيدائش ٿي. 11 ڊسمبر 1960ع پروفيسر ڊاڪٽر امداد سهتو جي سيٺارجا ۾ پيدائش ٿي. 11 ڊسمبر 1986ع سجاول سان تعلق رکندڙ نوجوان شاعر مشتاق سعيد جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 11 ڊسمبر 1926ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻ ديوان همت راءِ آڏواڻي ديهانت ڪري ويو. 11 ڊسمبر 1984ع شاعر ۽ صحافي محمد يعقوب نياز وفات ڪري ويو. 11 ڊسمبر 1985ع ملهه ۽ ريسلنگ جي راند سان واسطو رکندڙ پهلوان انب شيدئ جو انتقال ٿيو. 1. Good Wish: Dr. Pathan wishes you Good Evening. [ It is very difficult to please and make believe beloved and heart. Both, know nothing except to give tough time. I can't change myself and dear can't get rid of ego, hatred and discrimination. Situation created by beloved and heart is terrible: love is looking forward for beauty and mind for peace] نہ من ۽ نہ مان ٿياسين ڪو ماڻهو, ان لاء سرت ۽ سونهن بڻيا بيڪار, مڃائڻ محبن ۽ پاڻ کي دل لاء آزار, جت انا نفرت ۽ متڀيد جو وهنوار, ات ايندو ڏکيو بهار ڪو بره سندو, 2. Events from Sindh (including Pakistan) history: *************** 1931: The District Jacobabad Jamiat -ul- Ulema demands ban on Hyder Bux Jatoi's book 'Faryad -i- Sindh'. The meeting is held with Moulana Nabi Bux Oodi and addressed by Moulana Abu Muhammad Abdullah and Moulana Abdul Karim Chishti of Shikarpur. 1947: 65,000 Indian Muslim migrants reach Pakistan. 1949: Liaquat Ali Khan, Prime Minister of Pakistan, while addressing public gathering at Mardan asks people to make the country more strong as no one can dare to think about harming it 1954: It is blackest day in the political history of Sindh. Politicians, those opposed the move to hand over Karachi to Central Govt. , are bent upon to hand over whole of Sindh ! The session of Sindh Legislative Assembly is held at Hyderabad and resolution favouring the plan to weld West Pakistan Province into a single unit is passed with 98 votes. Abdul Sattar Pirzado and Qazi Fazulullah remained absentee, whereas Ghulam Mustafa Bhurgri, Abdul Hameed Jatoi, Pir Illahi Bux and Shaikh Khurshaid Ahmad voted against One Unit.  1984: JI Chief Mian Tufail and Shora decide to support Gen.Zia in refrendum. 1988: Ghulam Ishaq Khan is elected as president. Got full support from PPP.

No comments:

Post a Comment