Friday 30 December 2022

Sindh in history today (31st December). By.Dr.Pathan

Good wish & Sindh history [ 31st December] ************* ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ اڄ سال جي آخري تاريخ آھي. آئون سڄو سال اوهان جي حاضري ڀريندو ۽ سنڌ جي تاريخ ٻڌائيندو رهيس. جيسيتائين سسئ ۾ ساه آھي, اها خدمت ۽ محبت جاري رهندي ۽ ان ۾ ڪا گهاري ڪانه پوندي. اڄ تاريخ مان 31 ڊسمبر جو ورق کڻي, ڪن اهم واقعن, ولادتن ۽ وفاتن بابت معلومات اوهان سان ونڊيان ٿو. *************** ڪجھ اهم واقعا *************** 31.12.1838: ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل اڄ پاٽينجر کي لکيو ته ميرن روين ۽ سنڌ جي ماڻھن جي انگريز دشمنئ کي ڌيان ۾ رکي فيصلو ڪيو ويو ته اسان جي فوج ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻھون جيئن خير سان سنڌ مان گذري افغانستان وڃن, انھن جي رستي روڪ کي روڪڻ کي ختم ڪرڻ لاء پاڻ کي "مددي فوج" سنڌ ۾ رکڻي پوندي ۽ ان لاء سنڌ جي مختلف هنڌن تي فوجي چوڪيون قائم ڪرڻيون پونديون. پر انھن جو خرچ ميرن کان وٺبو. گورنر جنرل پاٽينجر کي تاڪيد ڪري ٿو ته ميرن کان شاه شجاع لاء ڦوڙي وٺڻ ۾ دير نه ڪر ۽ ميرن کي سمجهاء ته هو جيڪا شاه شجاع جي مالي مدد ڪن ٿا, ان مان کين تڏهن وڏو فائدو ملندو, جڏهن هو بادشاه ٿيندو. ان وقت سندس ميرن لاء دل ٿڌي هوندي ۽ ميرن خلاف ڪو وڏو قدم نه کڻندو. 31.12.1920: نواب شاه ۾ مولوي حاجي عزيزالله جي صدارت هيٺ خلافت جو جلسو ٿيو. تقريرن ڪندڙ خلافتي ڪارڪنن خلاف ڪات ڪهاڙا کڻڻ تي فرنگي حڪومت جي دل تي مذمت ڪئي ۽ تحريڪ ۾ حصي وٺڻ تي جيل جي سزا ڪاٽيندڙن جي وطن دوستئ تي سندن واکاڻ ڪئي. سنڌ جا سوين ماڻھون انگريز حڪومت سان مهاڏو اٽڪائي آزادئ جي تحريڪ دوران جلين ۾ ويا. دين-ڀائي جيڪي پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوء ھتي لڏي آيا, ڇا انهن اهڙو رڪارڊ اوهان اڳيان پيش ڪيو آھي جنهن مان ثابت ٿئي ته هو يا هنن جا وڏا ڪڏهن جيل به ويا. 31.12.1921: انگريزن جي دور ۾ ڪراچئ ۽ حيدرآباد کان پوء سکر شهر ادبي ۽ صحافتي سرگرمين جو وڏو مرڪز رهيو. هتان کوڙ ساريون اخبارون به نڪتيون. اڄ سکر مان "سوراج“ نالي روزاني اخبار جاري ٿي. اخبار جو پهريون ايڊيٽر چوئٿرام وليڇا هو. هن کان پوء ڀوڄراج اجواڻي ان جو ايڊيٽر ٿيو. هئ اخبار ڪانگريس جو پاسو کڻندي هئي. 31.12.1930: ڪالھ کان ميهڙ ۾ خلافت جو ميڙاڪو ٿيو. هن يارهين سالياني جلسي جو اڄ آخري ڏينھن هو. ميهڙ ھن وقت به ناميارن قلم ڌڻين جو شهر آھي. اهي ميهڙ ۾ خلافت تحريڪ تي وڏو ڪتاب لکي سگهن ٿا. يارهن ٻارهن سالن ۾ ميهڙ ۾ ساليانا جلسا ٿيا. اڄ ھنن مسئلن ۽ موضوعن تي ٺھراء پاس ڪيا ويا: 1). قاضي عارف ۾ مسجد جي صحن کي ڊاهڻ جي مذمت, 2). الجزائر جي مسلمانن سان همدردي, 3). تعلقي ۾ ٻوڏ ۽ ماڪڙ جي متآثر ٿيلن لاء سرڪار کي واهر ڪرڻ جي گهر. 31.12.1936: سنڌي مسلمان سياستدان عهدن تي پاڻ ۾ چڙي پيا. ان ڪري سر غلام حسين هدايت الله ۽ سندس سياسي ساٿي محمد ايوب کهڙو "سنڌ يونائيٽيڊ پارٽئ" کي ڇڏي اچي پنهنجي "سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي" ٺاهيائون. 31.12.1936: سکر ۾ ڀائي پرمانند جي صدارت هيٺ ”سنڌ هندو ڪانفرنس" ٿي. هن ڪانفرنس ۾ سنڌ کي صوبائي خودمختياري ملڻ کان پوء سنڌ ۾ ھندن جي سياسي ۽ سماجي حيثيت تي بحث ڪيو ويو ۽ ٺھراء پاس ڪيا ويا. 31.12.1971: ڀٽي اڄ ”پاڪستان ايٽامڪ انرجي ڪميشن" پنهنجي ذاتي چارج ۾ ورتي ته جيئن هو ملڪ لاء ائٽم بم ٺھرائي سگهي. 31.12.1972: نئين آئين جو مسودو قومي اسيمبلئ ۾ پيش ڪيو ويو. 31.12.1973: ڀٽي اڄ پپرئ ۾ ملڪ جي پهرين اسٽيل پلانٽ جو افتتاح ڪيو. 31.12.1985: جولاء 1977 ۾ ضياء الحق طرفان لڳايل مارشل لا کي لاٿو ويو. *************** {31 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 31 ڊسمبر 1892ع موسيقار آسر فقيرجو جنم ڏينهن آهي. 31 ڊسمبر 1914ع ٽنڊي الهيار سان تعلق رکندڙ ليکڪ گُل محمد شاهه رضوي جو جنم ڏينهن آهي. 31 ڊسمبر 1919 ع تي محقق عبدالڪريم سنديلي جي جنم جي تاريخ آھي. 31 ڊسمبر 1930ع گلوڪار داس موٽواڻي (ڪوٽڙي/بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 31 ڊسمبر 1943ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر خليفي صبغت الله سومري جو جنم ڏينهن آهي. 31 ڊسمبر 1950ع اداڪار راجڪمار جهامناڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 31 ڊسمبر 1958ع وڪيل ۽ وزير اياز سومروجو جنم ڏينهن آهي. 31 ڊسمبر 1967ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ صحافي سيد معظم بخاري جي پيدائش ٿي.[وڇوڙو:] 31 ڊسمبر 1944ع شاعر، فريڊم فائيٽر ۽ صحافي ابو شوڪت حمزه جي وفات ٿي. 31 ڊسمبر 1985ع تعليمدان پروفيسر اڪرم انصاري لاڏاڻو ڪري ويو. 31 ڊسمبر 1993ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالحئي گهوٽو انتقال ڪري ويو. 31 ڊسمبر 2008ع اداڪار سهراب مشوري ڪينسر وگهي لاڏاڻو ڪري ويو. Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* 1. Good Wish: Dr.Pathan wishes you Good Day. [People having vision & wisdom of accepting & respecting, loving & serving others without discrimination are in trouble in our society. Dear! Play your role. Teach us how to face and discourage ego, hatred & discrimination. How to respect sincerity. Why to accept sacrifices and how to promote peace, love and beauty? Dear! Believe that you are beauty and love. Let the people accept you and understand your vision & wisdom ] تننهنجي برہ بخشي جنهن کي نوابي، ملي تنهن کي تو بن خوابي بي تابي، سو تنھنجئ سونھن سبب بٹیو ثوابي، تنهنجي نينهن ڪيس اکيون عقابي, سندن سوچن لوچن ۾ اچي نہ خرابي، پر ڪفر جا عادي, پري سندء پيار کان. 2. Events from Sindh (including Pakistan) 1916: Prem Mandli of Karachi celebrates its 2nd Annual Day. This NGO was formed by Hindus that rendered valuable social services for years and for creating social awareness arranged so many lecture programs. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1920: In a public meeting held at Nawabshah with Moulvi Haji Azizullah in chair pays regard to Khilafat Leaders of Sindh for their sacrifices made in political field. The meeting was arranged by the local branch of Khilafat Committee to condemn Government policy regarding Turkey, Islam and masses. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1930: It is the second day of the 11th Annual Khilafat Conference held at Mehar. Today, handsome number of resolutions is passed on very important subjects such as deteriorating situation of economy, critical situation of flood-affettees, ever increasing land and Agricultural tax and damaging of Mosques in Sindh, particularly of Qazi Arif village Mosque. (Source: Ibid). 1936: Two important political events took place today those indicate ‘politics of divided Thome and hearts’. The first event pertained to Muslim Politics encircled with serious differences and division on minor issues. Sir Ghulam Hussain Hidayatullah and Khan Bahadur Muhammad Ayub Khuhro are not given share of leadership in the Sindh United Party as desired by them. Hence, they left the meeting to form their own political party namely Sindh Muslim Political Party. Another event took place at Sukkur, where ‘Sindh Hindu Conference’ is held under the presidency of Bhai Parmanand in which political situation and development after the separation of Sindh from Bombay Presidency is reviewed and new line of action is discussed. This event misguided Hindus to create separate camp in the Sindh politics. 1955: The Soviet leaders during their recent visit to India did everything to increase dissension and fan the flames of tension and bitterness between India and Pakistan, says the Foreign Minister, Hamid-ul-Haq Choudhri. (Source; Newspapers). 1973: Prime Minister Z.A,Bhutto lays the foundation stone of the country’s first Steel Plant at Pipri (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1985: Zia-Martial law imposed in 1977 goes, amended Constitution is revived. (Source: Newspaper

No comments:

Post a Comment