Tuesday 2 May 2023

Sindh in history today (2nd May). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {2nd May} & my Good Wish. ************* EVENTS FROM SINDH HISTORY (2nd May) By: Dr. Pathan ** 1839ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ انگريز سرڪار جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر ميرن جي عملدار منشي ڄيٺانند کي خط لکي ٻڌايو ته هنن ننگرپارڪر جي جڳت سنگهه جي ڀاءُ ڍولڻ کي پڪڙيو آهي، جيڪڏهن مير نور محمد خان چاهي ته اهو ڏوهاري سندس حوالي ڪري سگهجي ٿو، پوٽينجر منشي ڄيٺانند کي اهو به لکيو ته هو ميرپورخاص واري مير شير محمد خان ٽالپر کان پڇي ڏسي ته ڇا انهيءَ جي اها مرضي اهي ته انگريز سرڪار هن سان الڳ معاهدو ڪري. ** 1848ع ۾اڄوڪي تاريخ تي ڪڇ جي پوليٽيڪل ايجنٽ سنڌ جي ڪمشنر کي گذارش ڪئي ته سنڌ ۽ مارواڙ جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ ان جي سرڪاري طور تي منظوري ڏني وڃي. ** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جيڪب آباد ۾ مولانا تاج محمود امروٽي جي صدارت هيٺ خلافت ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، هن ڪانفرنس ۾ رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي پنهنجون ڊگريون، سرڪار طرفان مليل اعزاز ۽ خطاب واپس ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ان کانسواءِ پنهنجي زرعي زمين جي ڍل ۽ آبياني ڏيڻ کان نابري وارڻ جو به اعلان ڪيو، اڳتي هلي انهيءَ قدم تي سرڪار مٿس ڪيس مڙهيو ۽ حاضري جو نوٽيس موڪليو پر هن ان جي جواب ۾ لکيو ته افغانستان هجرت ڪري وڃڻ بعد هاڻي هو انگريز سرڪار جو راڄ نه آهي، ان ڪري مقرر ڪيل تاريخ تي ڪورٽ ۾ حاضر نه ٿيندو. ** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي تيونس ۽ مراڪش جي آزادي لاءِ پاڪستان جيڪا ڪولمبو ڪانفرنس ۾ قرارداد پيش ڪئي، ان کي منظور ڪيو ويو. ** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي فوج ۽ فضائيه جي ٻارنهن آفيسرن کي غداري جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات اعلان ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽو خلاف بين الاقوامي سازش ٿي رهي آهي ۽ اسان ساڻس گڏ آهيون، ٻئي طرف سعودي عرب جي سفير رياض الخطيب مخالف ڌر جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جيڪي حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن. ** 1998ع ۾ گوهر ايوب خان پرڏيهي وزير جي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي، جنهن بعد سرتاج عزيز کي نئون پرڏيهي وزير ۽ اسحاق ڊار کي ناڻي جو وزير بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ذريعن جو چوڻ هو ته هن جا وزيراعظم نواز شريف سميت ڪجهه وزيرن سان اختلاف پيدا ٿيا هئا.ٻئي پاسي ساڳئي ڏينهن تي جسٽس وجيهه الدين کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور هن ساڍا 13 هزار پاڻمرادو نوٽيس ورتا. ************* اڄوڪي ڏينهن 2 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 2 مئي 1911ع شاعر داتا ولادت علي شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 مئي 1924ع جديد سنڌي ڪهاڻي جي اھم شخصيت جمال ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 2 مئي 1939ع سياستدان پي ڪي شاهاڻي (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي. 2 مئي 1954ع ليکڪ علي نواز ڦل جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 مئي 1955ع اديب ضياء شاهه (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 2 مئي 1960ع سگهڙ قائم الدين سهتو جو جنم ڏينهن آهي. 2 مئي 1961ع ليکڪ فدا ڪلوئي (ڪنڊيارو) جو جنم ڏينهن آهي. 2 مئي 1969ع ويسٽ انڊيز جي مشهور ڪرڪيٽر برائن لارا جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 2 مئي 1967ع فريڊم فائيٽر سريچند ميوارام (پڊ عيدن) ديهانت ڪري ويو. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Most of people, those avoid to reciprocate and don't like to reply & response are in complex, and think that their silence is giving good impression about their great personality. But, in real they are not silent. Because, their attitude and behavior speak loudly. Their silence determines their degree of hatred. They are not applying Universal, Natural and Human laws in accepting and respecting love and beauty. They never believe in relation and connection. They believe in self-interest and selfishness.] “ خود-ڪلامي، خود-زباني؟ سندء ڪهاڻي ؟“ تنهنجا رويا عمل ۽ نيتون سڀ ڳالهائين، تون چپ آھين تہ ڪيئن چپ آھين؟ مٽ سجائي ماٺ ۾ بہ آھين پر پنهنجئ خاموشئ سان ناد نفرت جا وڄائين، سرت سچ سونهن سان ۽ علم عقل هوش سان جهيڙو پر ساڃھ-وند سڏائين. نہ فرشتو نہ ماڻھون نہ پاڇو نہ سلام نہ دعا نہ وفا ايثار تون ڪجھ ناهين. ************* SINDH (I including Pakistan) IN HISTORY TODAY (2nd May) Research By Dr.Durabat Muhammad Pathan. EVENTS: 1838: Colonel Pottinger, Political Agent of the East India Company Government, in Sindh, approaches Munshi Jethananad, an influential Court-man and officer of Mirs of Hyderabad to help him to request Mir Sher Muhammad of Mirpurkhas either he will like to have a separate Treaty or, will sign the joint Treaty with Mirs of Hyderabad. He also wants to inform Mir Sher Muhammad that Dhoolaji, brother of Jagatsing of Nagarparkar has been seized and would be sent to Hyderabad, if Mir Noor Muhammad desires so. This may kindly be kept in mind that Dhoolaji was wanted for his criminal activities. 1848: Political Agent of Cutch requests the Sindh Commissioner for demarcation and approval of boundary between Sindh and Marwar. 1896: BEGNING OF THE POLITICAL CONFERENCES IN SINDH: 2nd of May 1896 was the Day, when first ever political Conference, known as "9th Bombay Provincial Conference" was held at Karachi. It was attended by 150 delegates besides a large number of visitors, even Judges and other officers from Police and Health Departments. Prior to this eight conferences were held in various cities of the Bombay Presidency and most of them were attended by political figures from Sindh. This was first and last Conference , held under the banner of "Bombay Provincial Conference" as it was followed by "Sindh Provincial Conferences" latter on. These Annual Conferences were held at Jacobabad, Sukkur, larkano, Hyderabad and Karachi. The credit goes to Gul Hayat for collecting and uploading on its Website, more than thousand pages on and about those conference. Where as most of historian even not know about that important source on political history of Sindh. 1942: All-India Congress Committee in its resolution says that it can not agree any proposal which aims at disintegrating India by giving liberty to any territorial unit to secede from Indian Union or Federation. 1970: Pakistan and Turkey decide to establish a joint trade Commission to further develop trade between both countries. 1994: Karachi violence toll rises to rises to 20. MQM-sponsored strike enters third day. Troops called out.

No comments:

Post a Comment