Monday 22 May 2023

Sindh in history today (23rd May). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {23rd May} & Good Day Wish. ************* ******** توجه طلب واقعا ************* 23.5.1839: ڪمپني حڪومت سنڌ ۾ مقرر ڪيل پوليٽيڪل ايجنٽ کي خوش خبري ڏني ته شاه شجاع قنڌار تي قبضو ڪري چڪو آھي ۽ هن جي پيش قدمئ جو سنڌ جي صورتحال تي اثر پوندو. 23.5.1842: آئوٽرام اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته مان جلد ڪوئٽيا وڃي رهيو آھيان ته جيئن پتو لڳايان ته مير نصير خان ۽ سندس نالي ڀائي خيرپوري ڪهڙيون اسان خلاف سازشون ڪري رهيا آھن ۽ ان جو هتي ڪهڙو اثر پيو آھي. ڪئپٽن برائون کي اتان لاء هدايتون ڏئي جلدي موٽي ايندس. 23.5.1843: سنڌ تي فريب ۽ ڏاڍ سان قبضو ڪندڙ نيپيئر اڄ گورنر جنرل کي خط لکي ٻڌائي ٿو ته درٻار لڳائي سنڌ جي اپر ڪلاس کان آڻ مڃرائڻ لاء مان اڃا حيدرآباد ئي ڪونه پهتس ته مون کان اڳ اتي سنڌ جا 8000 سردار پهچي چڪا هئا. ولي چانڊيو پنهنجي 80 وڏيرن سان حاضري ڏيڻ لاء پهتل هو. 23.5.1846: سنڌ جي فرنگي حڪومت وڏن شھرن ۾ ”بازار ماسٽر" مقرر ڪيا هئا, جيڪي شين جي اگهن, چور بازارئ ۽ امن امان جي صورتحال تي نظر رکندا هئا. اڄ ممبئي سرڪار کين پنهنجو جاري ڪيل سرڪيولر ڏياري موڪليو ته جيئن انھئ مثال کي آڏو رکي "بازار ماسٽر" ڏوهين کي اتي جو اتي ڦٽڪن هڻڻ جي سزا ڏئي سگهن. 23.5.1932: ملير جي فرسٽ ڪلاس جاگيردار سردار ڄام بجار خان جي صدارت ۾ حاجي پير بخش بلوچ جي باغ ۾ گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ 600 ماڻھون شريڪ ٿيا. گڏجاڻئ ۾ ”ملير زميندارس ائسوسيئيشن ائنڊ موٽر بس سروس ڪمپني" جوڙي وئي. فيصلو ڪيو ويو ته ڪمپنئ جي موڙي 50 هزار هوندي ۽ شيئر 10 روپين جو هوندو. وڌ ۾ وڌ 10 شيئر وٺي سگهبا. اهو به فيصلو ڪيو ويو ته 12 بسون خريد ڪيون وينديون ۽ اهي ڪراچئ ۽ ملير وچ ۾ ھلائبيون. 23.5.1955: ملڪ جي بانئ جي ڀيڻ فاطمه جناح ڳڻتئ جو اظھار ڪيو ته ملڪ ۾ بيروني اثر رسوخ وڌي رهي آھي ۽ اهو ملڪ لاء ھاڃڪار ثابت ٿيندو. 23.5.1971: پاڪستان ۾ سرڪاري طور تي ڪميونسٽن تي ڪات ڪهاڙا کڻي, 1953 ۾ ڪمينسٽ پارٽئ تي پابندي وڌي وئي هئي. اڄ اها پابندي هٽائي وئي. 23.5.1979: داموندر لعل مورجاڻئ جي ايڊيٽرئ ۾ انڊيا جي احمدآباد مان "سماج سڌار" نالي هفتيوار اخبار جاري ٿي. 23.3.2009: شڪارپور سنڌي ادبي سنگت اڄ قمر شھباز جي ياد ۾ تعزيتي گڏجاڻي ڪئي. ممتاز منگئ, ضياء الدين سومري, سعيد سومري, عديل مهر, همير چانڊيئي, خليل مورياڻئ ۽ مسعود ابڙي مرحوم شاعر جي شخصيت ۽ شاعرئ تي روشني وڌي. {23 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 23 مئي 1577ع مذهبي اسڪالر ابو محمد هالائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 مئي 1902ع ليکڪ عبدالله چنا (زينت چنا جو مڙس ۽ ڪامورو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 مئي 1923ع اسٽيج ڊائريڪٽر ناٿن راج پنٽو (خيرپور / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 مئي 1935ع شاعر غلام حيدر ”حيدر“ جو جنم ڏينهن آهي. 23 مئي 1951ع ليکڪ ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر هريش ڪاڪواڻي (اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 23 مئي 1955ع گلوڪار ڪمليش گنگواڻي (دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 23 مئي 1902ع ليکڪ آخوند لطف الله لاڏاڻو ڪري ويو. 23 مئي 1974ع سياستدان مولوي نذير حسين جتوئي (لاڙڪاڻو) جو انتقال ٿيو. Dr.Pathan wishes you Good Day. TRANSLATION [What has happened to you my Beloved/ Ideal/Leader? Why you can not listen, understand and response to my submissions? My sincerity & sacrifice and trust & belief in you have started frightening me thrown me into a state of intense fear and desperation. Whereas, your beauty and my love are same as source of inspiration and interaction. Change yourself, or change me, please. ] سٹین نہ سوال انھن جو، جي تو در دانھن پڪارن، تنھنجي توجھ طلب تات لاء، جي ھنجھون پیا ھارن، تو بن گنگھر گھارن، نہ وسارن سندء سونھن سلام کي ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {23rd MAY} Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan. EVENTS from history : 1843: Charles Napier apprises the Governor-General of India about Darbar, that he conducted at Hyderabad. He reports that 8,000 chiefs, with their followers attented it. He had pardoned all Jagerdars who had not made their salam before and that the Jager of those fell in battle had been given to their children subject to the payement of rent. The result of the greatest assembly of about 20,000 men was very gratifying. Wali Chandio was presented with a gold cimetar for his loyality and fidelity. 1932: More than 600 people are participating in a meeting held at Malir of Karachi, in the garden of Haji Pir Bux Baloch. The meeting is presided over by Sardar Jam Bijar Khan, First Class Jagerdar and in this meeting ‘Malir Zamindar Association & Bus Service’ is formed. It is decided to purchase 12 buses and start Bus Service in Karachi. 1952: City Magistrate of Delhi issues warrants against Yousif Haroon, Pakistani High Commissioner in Australia. 1955: Fatima Jinnah warns people in power that foreign influence is overshadowing democracy in the country. Uprising will take birth, if civil rights are restored without fail. 1972: Z.A.Bhutto assures full support and protection to traders, bankers and industrialists. Addresses their gathering in Karachi. 1977: Pakistan Communist Party takes re-birth. It was declared unlawful in 1953 and ban on the party was withdrawn in 1971. 1996: IMF demands lowering of the budget defict and introduction of General Sales Tax besides, Agricultural Income Tax as loan conditionalities.

No comments:

Post a Comment