Tuesday 23 May 2023

Sindh in history today (24th May). By.Dr.Pathan

SINDH (Including Pakistan) IN HISTORY TODAY {24th May} & Good Day Wish. ************* [ ٽالپورن جي دور کان موجوده دور تائين تاريخ-فهمئ, تاريخ-بينئ ۽ تاريخ-نويسئ جي هلايل تحريڪ] اڄ اوهان پڙھندا ته * گل حيات ماروئڙن لاء ڪهڙو مواد گڏ ڪيو آھي, * ولادتن ۽ وفاتن بابت اهم معلومات, ۽ هيٺ ڄاڻايل واقعن جا پس منظر ۽ پيش منظر: 24.5.1838 پاٽينجر اڄ مير نور محمد خان کي خط لکي ٻڌايو ته کيس ايسٽ انڊيا ڪمپنئ سنڌ ۾ ريزيڊنٽ مقرر ڪيو آھي. ان کان سواء گورنر جنرل معاهدي تي دستخط ڪري اوهان کي ڏيڻ لاء موڪليو آھي ۽ اوهان لاء سوکڙيون به موڪليون اٿس. 24.5.1842 آوٽرام اڄ گورنر جنرل ڏانھن سندس سيڪريٽرئ معرفت خط لکي ٻڌائي ته گورنر جنرل ميرن ڏانھن جيڪي خط ڏيڻ لاء موڪليا آھن, اهي هتي پيدا ٿيل نئين صورتحال سبب ميرن کي نه ڏنا اٿم. مير نصير محمد حيدرآباد مان ملتان جي ملان سانوڻ ڏي خط لکيو ۽ مير رستم خان خيرپور مان لاهور جي مهاراجا شير سنگ کي خط لکيو. اهي ٻئي خط اسان پڪڙيا آھن ۽ اسان وٽ آھن. اهي خط ثابت ٿا ڪن ته مير اسان سان سچا ناهن ۽ اسان خلاف سازشون ڪن ٿا. 24.5.1843 نيپيئر اڄ گورنر جنرل کي خط لکي حيدرآباد ۾ سڏايل شاهي درٻار جو تفصيل ڏياري موڪليو. لکي ٿو ته ويه هزار جاگيردارن ۽ وڏيرن حاضري ڀري, ولي چانڊيو 8 هزار وڏيرن سان گڏ آيو هو. سمورن رضا خوشئ سان اسان جي سرڪار جي فرمانبردار رعيت ٿي رهڻ قبوليو. 24.5.1843 نيپيئر اڄ ممبئئ جي گورنر کي سندس خط جي جواب ۾ لکيو ته جيڪڏهن مير شهداد خان جا ماڻهون: احمد فقير ۽ عبدالغفور واپس سنڌ اچڻ چاهن ٿا ته مان کين واپس وٺڻ لاء تيار آهيان. ٻين جنگي قيدي ميرن جي ماڻهن به جيڪڏهن موٽڻ جو سوچيو ته مون کي اعتراض ڪونھي. ڇو ته قيدي سندن مالڪ آھن ۽ هي ناهن. 24.5.1851 اپر سنڌ فرنٽيئر جو پوليٽيڪل سپريڊنٽ ميجر جيڪب ڪمشنر کي لکي ٿو ته بگٽين کي سندن ڏوهي ڪارواين کان روڪڻ, واپس مڪلڻ يا سنڌ جي معاشري ۾ آباد ڪرڻ لاء مون کي پئسن جي ضرورت پوندي, ان جو پورائو ڪريو. 24.5.1844 صوبائي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي ٿر جي ٺاڪرن تي هٿ رکڻ جي صلاح ڏني. هن ۾ موجوده دور جا ڇرڪائيندڙ واقعا به شامل آھ ** 1916ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ هڪ اين جي او طرفان منعقد ڪرايل ليڪچر پروگرام ۾ ايڊووڪيٽ کيمچند گوپلداس ”ليڊر گهرجي“ جي عنوان تي تفصيلي ليڪچر ڏنو، واضح رهي ته اهو دور سنڌ ۾ سياسي سجاڳي جو دور هو، ماڻهن پنهنجي قيادت ڳولڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون هيون. ** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سکر مان هفتيوار اخبار ”سنڌ زميندار“ جي شروعات ٿي، اها اخبار ڪڍڻ جو مقصد خلافت تحريڪ جي سياسي اثر کي نقصان پهچائڻ هو، روزاني ”الوحيد“ ۾ خلافت تحريڪ جي حوالي سان مواد ڇپجي رهيو هو، جنهن کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ اها اخبار آندي وئي، آخري ڏينهن ۾ سنڌ زميندار مسلم ليگ جي حمايت ڪئي، هفتيوار سنڌ زميندار جا باني ايڊيٽر ماسٽر عبدالوهاب ۽ احمد عليگ هئا، جڏهن ته آغا نظر علي، مولوي عبدالغفور سيتائي، در محمد اويسي ۽ حافظ خير محمد اوحدي هن اخبار جا ايڊيٽر رهيا. ** 1923ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جوهي تعلقي جي ڳوٺ ڊرگهه بالا ۾ خلافت ڪاميٽي جي مقامي شاخ جي گڏجاڻي ٿي، مولوي دين محمد ۽ ٻين ان موقعي تي خطاب ڪندي عوام کي صلاح ڏني ته سياست ۾ ڀرپور نموني حصو ورتو وڃي. ** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان، ترڪي ۽ ايران بغداد ٺاهه تي صحيحون ڪري ڇڏيون. ** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو ته ملڪ جي گادي جو نئون هنڌ اسلام آباد هوندو، واضح رهي ته ان کان اڳ ۾ ڪراچي کي ملڪ جو گادي جو هنڌ بڻايو ويو هو. ** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عوامي ليگ جي سربراهه شيخ مجيب الرحمان پنهنجي پيش ڪيل ڇهن نقطن تي نظرثاني کان انڪار ڪري ڇڏيو. ** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عدالت ذوالفقار علي ڀٽو جي اپيل جي ٻڌڻي شروع ڪئي، يحيٰ بختيار عدالت کي اها استدعا ڪئي ته ذوالفقار علي ڀٽو خلاف نواب محمد احمد قصوري ڪيس ۾ آيل فيصلو تڪراري آهي، ان ڪري سزا ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي. ** 1981ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانوي شهزادي چارلس ۽ ليڊي ڊائنا جي شادي جو باضابطا اعلان ڪيو ويو، بڪنگهم پئلس ٻنهي جي مڱڻي ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، واضح رهي ته بعد ۾ 29 جولاءِ تي ٻنهي جي شادي ٿي ۽ برطانيا ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو. ** 1986ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق آرمي چيف جو عهدو ڇڏڻ ۽ ملڪ ۾ وچ مدي واريون چونڊون ڪرائڻ وارو سياسي پارٽين جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو. ************* اڄوڪي ڏينهن 24 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 24 مئي 1962ع محقق ۽ اسڪالر ڊاڪٽر ڪرم حسين وڌو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 مئي 1976ع مٺيءَ سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ ليکڪ دولت رام کتري جو جنم ڏينهن آهي. 24 مئي 1949ع شاعر ۽ اديب امير علي چانڊيو (قنمبر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. وڇوڙو: 24 مئي 1967ع آزادي واري تحريڪ جو اڳواڻ سريچند ميوارام ديهانت ڪري ويو. 24 مئي 1978ع سياستدان ۽ آزادي جي تحريڪ جي اهم اڳواڻ شيخ عبدالمجيد سنڌي جو انتقال ٿيو. 24 مئي 1981ع صحافي ۽ آزادي پسند مولانا عبدالغفور سيتائي جو انتقال ٿيو. 24 مئي 2005ع سياستدان مير الهبچايو ٽالپر (جهڏو) لاڏاڻو ڪري ويو. 24 مئي 2005ع مشهور مزاحيه ۽ فلمي اداڪار رنگيلي جو انتقال ٿيو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [What is the way to reach at the door of dear? If I have not find myself, is it possible to search owner of my soul? When my Dear is very much there in my heart, why should I search beauty and love elsewhere? If I am living in this beautiful and wonderful world, why I am not getting my share? Perhaps, I am missing the love. I don't know how to love, why to love and what to love. Dear! Would you kindly help me and guide me? Because, you are second to none ideal and role model. Why should I make or create an other ideal. May be he/she is an idol and not ideal ] پاڻ کي ڳولھیان یا پرین کي ڳولهيان آھي حاضر ۽ غائب ڪیر؟ جاڏي جوت ۽ جلوه جانب جو آئون تاڏي پایان پوء ڪيئن پیر،؟ آھي ناهي ڪير ٻڌائي منهنجي ھن روح وجود ۾ بره جو ڀير؟ ڪيئن مان لاهيان من جو میر، ساریان سرت سونهن سلام سان. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {24th MAY} EVENTS: 1838: Colonel Pottenger writes to Mir Noor Muhammad Khan informing him that he has been appointed as Resident in Sindh and Captain Mellwill as his assistant by the Government of India. 1851: Major Jacob, Political Superintendent, Upper Sindh Frontier, suggest to the Commissioner of Sindh that if reasonable amount of assistance is given to Bugtis, it would help us to allow them to retire to their former country. 1844: Government of India advise Sindh Administration that restore and maintain ancient supremacy of Thakurs and Chiefs of Thar District over people so as to get their assistance in law & order situation in that area and create loyal class there. 1921: Jairamdas Doulatram, Dr.Choithram Gidwani and Kisomal along with Khilafati leaders address a big public meeting at Badin and advise people to take part in Non-Co-Operation Movement religiously. 1922: Moulvi Abdul Aziz of ‘Hyderabad Latifi Madressah’ exhorts the people in the public meeting organized by the Badin Aman Sabha. Loyality songs are sung and leaflets of the Publicity Committee are distributed. Dalpatrai, Dingomal (Secretary of Aman Sabha), Khemchand Ambratrai spoke on the occasion. 1941: District Sukkur Muslim League Conference is held at Sultankot under presidentship of Makhdoom Mureed Hussain of Multan. It is largly attended big show of the party there. 1949: Prime Minister of Pakistan, Liaquat Ali Khan disapproves Punjab Muslim League’s demand about replacing of non-muslim Governor of Punjab. 1950: Fifty thousand Indian Muslim Migrants have reached Pakistan with in last five months; it is announced by the Government. This may kindly be noted that number of migrants raised later on and it was not so high in early days. 1954: Parliament to debate the motion of Mian Iftkharuddin that Military-aid pact signed between U.S.A and Pakistan will not be in grater interests of the country. 1963: Pak-Afghan talks start in Iran. Pakistani team is headed by Z.A.Bhutto, Foreign Minister. 1968: Air Force station Maripur is renamed as “Masroor Air Force Station”. 1971: Awami League intended to arrested me, discloses President Yaya Khan. 1977: Riaz-ul-Khatib, Saudi Ambassador meets Bhutto and Mufti in connection with resolving political differences between them.

No comments:

Post a Comment