Sunday 7 May 2023

Sindh in history today (7th May). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {7th May} & Good Day Wish. ************* * 1926ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ دي سنڌ نيشنل ڪاليج اميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽي طرفان اسٽيج ڊرامو ”دغا باز دنيا“ پيش ڪيو ويو، جيڪو ليلا رام ماکيجاڻي جو لکيل هو، واضح رهي ته انهي دور ۾ ڪيترائي اسٽيج ڊراما ڪيا ويندا هئا، سنڌ کان ٻاهر جا اداڪار به اسٽيج ڊراما ڪرڻ لاءِ هتي ايندا هئا. اهو ٿيٽر جي عروج جو دور هو. ** 1945ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جرمني غير مشروط طور تي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا ۽ اهڙي طرح يورپ ۾ 6 سالن کان جاري جنگ جو خاتمو آيو، جنگ ختم ڪرڻ جو باضابطا اعلان هڪ سرڪاري پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو. ** 1946ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ڪانگريس طرفان سنڌ ۾ ڀولا ڀائي ڊيسائي ڏهاڙو ملهايو ويو. ** 1961ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪابينا جي 7 رڪني ڪاميٽي آئيني تجويزن تي غور لاءِ ڪم شروع ڪري ڏنو. ** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۽ چين نئون سرحدي معاهدو طئي ڪري ورتو، ٻنهي ملڪن جي نمائندن انهي معاهدي تي صحيحون ڪيون. ** 1976ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اٽلي ۾ آيل خطرناڪ زلزلي وڏي تباهي مچائي ڇڏي، 550 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ هزارين زخمي ٿيا، جڏهن ته لکن جي تعداد ۾ ماڻهو بي گهر ٿي ويا، اسپتالن ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويو. ** 1995ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سعودي عرب ۾ حج جي سيزن دوران منيٰ ۾ حاجي سڳورن جي خيمن کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 9 هزار خيما سڙي ويا، 5 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، جن کي اسپتال نيو ويو. زخمي ٿيل حاجي سڳورن ۾ ڪيترائي پاڪستاني حاجي به شامل هئا، انهن جا اٽڪل 7 هزار خيما سڙيا، سعودي اختيارين واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته سعودي ۾ گرمي سبب فوت ٿيل پاڪستانين جو انگ 51 ٿي ويو. ** 2001ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ گرميءَ جي شديد لهر جي نتيجي ۾ 26 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا، جيڪب آباد، لاۡڙڪاڻي، قمبر، موري، سکر، ڪوٽڏيجي ۽ ٻين شهرن ۾ گرمي ۾ ماڻهو فوت ٿيا ۽ ڪيترن کي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال آندو ويو، موسميات کاتي اها گرمي اڃا به جاري رهڻ جي اڳڪٿي به ڪئي هئي. ************* اڄوڪي ڏينهن 7 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 7 مئي 1861ع بنگالي ٻولي جي مشهور اديب، شاعر ۽ فلاسافر رابندر ناٿ ٽئگور جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 مئي 1898ع شاعر مرزا علي محمد بڪڪ مظفر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 مئي 1942ع ٻاراڻي تنظيمن جي اڳواڻ گرمک سنگهه ٽهلياڻي جو جنم ڏينهن آهي. 7 مئي 1959ع مذهبي عالم ۽ سياستدان خالد محمود سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 7 مئي 1962ع شاعر الهڏنو فقير جو جنم ڏينهن آهي. 7 مئي 1966ع شاعر وفا رضا سيال جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 7 مئي 1924ع سگهڙ عبدالرحمان چانڊيو جو لاڏاڻو ٿيو. 7 مئي 1962ع سگهڙ الهڏنو فقير ماڇي جو انتقال ٿيو. 7 مئي 1966ع مذهبي اسڪالر مولوي نور محمد انڍڙ جي وفات ٿي. 7 مئي 1970ع شاعر سيد حاجن شاهه هم وطن جي وفات ٿي. 7 مئي 2015ع ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ محقق ڪيرت ٻاٻاڻي بمبئي ۾ ديهانت ڪري ويو. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [Dear! Differentiate between 'lip service' and 'practical support & help'. Don't shift your responsibility to Allah. Because, He knows everything and will kindly do, what He will deem it fit. You must translate your good wishes into practical support, help and cooperation and use your power & strength, sources & resources and ablity & capablity at your command. It is required by souls and society and it is essential for peace, beauty & love of hearts & minds] دعا سان ڪرين ڌڻئ حوالي اها تان پاڻ ڇڏائڻ جي ڪٿ, فقط پيو چورين چپ پر نہ هلائين هوت تون پنهنجا هٿ, شايد نينهن نہ پاتي نٿ, نہ ٿہ پهچين سونهن سلام سان. ************* SINDH IN HISTORY TODAY {07th MAY} EVENTS: 1917: Elections are held for the Home Rule League branch of Rohri in which Lakhasing Advocate and Chandiram are elected as the President and Secretary respectively. 1926: The Sindh National College Armature Dramatic Society of Hyderabad stages drama ‘Dagabaz Dunia’ written by Lilaram Makhijani. 1935: The meeting of the ‘Anjuman Islam’,Sukker is held under the presidency of Rahim Bux (Vice President of the Sukkur Municipality). The meeting is attended by Agha Nazar Ali, Muhammad Ismail; Moulvi Abdullah; Gul Muhammad and Naimatullah. The meeting resolved to send congratulation message to the Government on the eve of Silver Jubilee celebrations of King Emperor and assure the Government loyalty and sincerity on behalf of the members of the Animan. 1945: Germany surrenders unconditionally to Allies. The war in Europe ends. This may kindly be kept in mind that Royal Indian Navy took very effective role in the war and Indian merchant seamen toiled to maintain the traffic of the sea. 1946: Sindh Congress observes ‘Bhulabhai Desai Day’. 1961: Seven-member cabinet committee is formed to review the constitutional proposal. 1972: Pakistan China sign a new border trade agreement.

No comments:

Post a Comment