Friday 19 May 2023

Sindh in history today (19th May). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {19th May} & Good Day Wish. ************* 19.5.1839 منوڙو ٻيٽ ۽ ڪراچي شھر فرنگين جي قبضي ۾ آيا ته عوام ان تي مزاحمتي ردعمل ڏيکاريو. ڪئپٽن ھينڊ کي ماري وڌائون ۽ ڪيترائي اٺ فوج کان ڦري ورتائون. نائونمل ۽ ٻين جي مدد سان 20 سنڌي پڪڙيا ويا. انهن مان 5 ڄڻن باسيو ته ڪيئپٽن هينڊ جي قتل وقت ھو موجود ھئا. اسان جي حڪمرانن فرنگين سان راضپو ڏيکاريو ته ڀلي ڏوهارين کي ڦاهئ چاڙھيو. 19.5.1839 فرنگين جي حيدرآباد واري مقامي ايجنٽ منشي ڄيٺانند اڄ سنڌ جي ريزيڊنٽ کي تفصيلي خط لکي, ڪراچئ کان ميرپور خاص ۽ خيرپور تائين عوامي ردعمل ۽ حڪمرانن جي روين بابت تمام اهم معلومات ڏني آھي. هئ خط سنڌ جي تاريخ تي هڪ اهم دستاويز/سورس مٽيريل جي حيثيت رکي ٿو. خط ۾ ان دور جي سمورن حڪمرانن کان سواء نواب احمد خان لغارئ, مرزا خسرو, جهان خان ۽ تقي شاه بابت اهم معلومات ڏنل آھي. 19.5.1843 مير صوبدار خان, جيڪو جنگي قيدئ جي حيثيت ۾ قيد آھي, اھو اتان ممبئئ جي گورنر کي خط لکي کيس نيپيئر جي بڇ تي ٿيل حيدرآباد جي قهري ڪارواين جو تفصيل ڏئي, گهر ٿو ڪري ته ڦر لٽ دوران لٽيرا فوجي انگريزن سان ٿيل معاهدن واريون اصل ڪاپيون به کڻي ويا هئا, اهي مون کي واپس وٺي ڏيو. 19.5.1920: "الوحيد" جي اڄوڪي پرچي ۾ هڪ عجيب ۽ انوکي خبر شايع ٿي. خبر آھي ته ڪراچئ جي کڏي واري مدرسي مظھرالعلوم ۾ خلافتي جيڪب آباد وارئ خلافت ڪانفرنس جا هڪ ٻئي کي حال احوال ڏئي رهيا هئا. سڀني خيال سان پئي ٻڌو. اوچتو هڪ شخص, جنھن جو نالو محمد حسين هو, سو "الله اڪبر, الله اڪبر" جا نعرا بلند ڪندي , پهريون بي خود ٿي ويو ۽ پوء سندس دم پرواز ڪري ويو. 19.5.1948: انڊيا حڪومت اعلان ڪيو ته هتان جيڪي به ماڻهون پناهگير ٿي يا هجرت ڪري سرحد ٽپي ويا آھن, انھن مان جيڪڏهن ڪو موٽيو ته هن کي قبول نه ڪيو ويندو. ڇو ته اهي پنهنجئ مرضئ سان هي ملڪ ڇڏي ويا آھن. 19.5.1958 " سنڌ مسلم ليگ کي حڪومت ٺاهڻ ۽ حڪومت هلائڻ ۾ مرڪزي مسلم ليگ جي هدايتن تي هر صورت ۾ عمل ڪرڻو پوندو"- پاڪستان جي مسلم ليگ جي صدر جو نادري حڪم جاري ٿيو. 19.5.1960: خان عبدالغفار خان کي سياست ۾ حصي وٺڻ کان نااهل ڪيو ويو. هو آزادئ جي تحريڪ جو هڪ مثالي اڳواڻ هو. 19.5.1977 ڀٽي طرفان جزوي طور تي ڪن شهرن ۾ لڳايل مارشل لا کي پي.اين.اي وارن لاهور هاء ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو. 19.5.1991 حيدرآباد شھر ۾ دهشتگردن رت جي هولي کيڏي. 4 بيگناه شھري اجل جو شڪار ٿيا. سنڌ جي شهرن ۾ ٿيل دهشتگردئ تي گل حيات معياري ۽ مقداري مواد گڏ ڪيو آهي, جيڪو Sorrows of Cities جي عنوان سان محفوظ ڪيو ويو آھي. ”واقعاتي تاريخ“ ته 19 مئي 2023 تي لکي اٿم پر ان سان 2021 تي رڪارڊ ڪيل وڊيو ٽاڪ شامل ڪيو اٿم, جنهن ۾ ”واقعاتي تاريخ“ کان وڌيڪ کوڙ ساري اضافي معلومات موجود آھي. ساڃھ-وند سڄڻن کي اهو ڏسڻ, ٻڌڻ ۽ ونڊڻ جي دعوت ڏجي ٿي. يوٽيوب کولي اتي سبسڪرائيب ڪرڻ نه وسارجو. پنهنجو خيال رکجو. ************ {19 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 19 مئي 1864ع ٽکڙ سان تعلق رکندڙ آزادي پسند سيد عبدالحڪيم جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 مئي 1875ع شاعر غلام حسين شيخ (شيخ اياز جو والد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 مئي 1961ع شاعر حافظ رحيم بخش لکڻ (قادرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 19 مئي 1962ع شاعر مسڪين پاٽائي جو جنم ڏينهن آهي. 19 مئي 1976ع شاعره عطيه بتول تنيو (سکر) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 19 مئي 1922ع مذهبي اسڪالر پير رشدالله راشدي (پير جهنڊو) جو لاڏاڻو ٿيو. 19 مئي 1932ع شاعر مرزا قربان علي بيگ (ٽنڊو آغا) جو انتقال ٿيو. 19 مئي 1933ع مذهبي اسڪالر ۽ شاعر مولانا بهاء الدين بهائي جي وفات ٿي. 19 مئي 1963ع مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر مولانا غلام حسين ٽالپر (ٽنڊو ڄام) جي وفات ٿي. 19 مئي 1964ع همايون سان تعلق رکندڙ مذهبي عالم مولانا عبدالباقي جو لاڏاڻو ٿيو. 19 مئي 1965ع سياسي ۽ سماجي اڳواڻ غلام رسول خان جتوئئ جي وفات ٿي. 19 مئي 1966ع صحافي ۽ آزادي پسند دورڪا پرساد شرما (دادو) جي ديهانت ٿي. May 19, 2021 Dr.Pathan wishes you Good Day. [Translation of my poetry: You are my Dear and Ideal, because, you are second to none in beauty and behavior. You never believe in snatching or begging. Your never take without reciprocation. You love to help and support needy people without any discrimination. When conditions are terrible and situation is not favorable and people are encircled by sorrows & longings, you set new trends in sincerity & sacrifice to save souls . You are hope, vision & wisdom.] پنڻ ۽ڇنڻ نہ سکیا سپرین، ڏیڻ سندن ڏان وڏي ڏات، رولن نه ڪنھن کي رڻ ۾، ڪن قرب پڇن نه هو ذات،‏ انھن جي پل پل طلب تات، اٿم سرت سونھن سلام جي. ************ SINDH (icluding Pakistan) IN HISTORY TODAY {19th MAY} EVENTS: 1845: The draft of treaty between His Highness Mir Ali Murad Khan and Government of India is sent by Charles Napier with remarks that all lands held by Mir Ali Murad Khan in north of Rohri belong to him by gift and those in the south of Rohri are his by right. 1849: The Government of Bombay approves Rules for (Civil) Justice for Sindh as proposed by the Sindh Commissioner. 1916: The lecture program is organized by ‘ The Young Amil’s Association of Karachi that is chaired by Vazirmal, Registrar of the Judicial Commissioner and lecture is delivered by Achalsing Awani on the topic of ‘ Deti Leti and Amil Marriage’. 1920: Moulana Muhammad Sadiq of Khuda is sharing account and details of Jacobabad Khilafat Conference in public meeting at Karachi. Muhammad Hussain, one of from audience breathes his last as the story of political sorrows and longings was unbearable and terrible for him. Is it not a tragedy of our history that leaders are given undue place in the pages of history and common workers are ignored at all. Who knows Muhammad Hussain and his attachment with ideology? 1848: India will not welcome back those who have left India and migrated to Pakistan on their own. They are not Idian citizens more, declares Indian Government 1951: Seth Fida Alibhai, Sardar Baz Muhammad Jogezai and Yahya Bhakhtiar resign as members of the ‘Balochistan Council’ constituted by the Government of Pakistan. 1952: Fifty-two persons are arrested in Karachi on account of attacking ‘Ahmadi/Qadyani Convention’ held there. 1953: Sindh Muslim League must comply with instructions of the Pakistan Muslim League on Cabinet- making/formation task, says Khuwaja Nazimuddin PML President. 1958: Muslim League, Nizam-i-Islam Party and Jamait-i-Islami form an alliance for the next general elections. 1960: Khan Abdul Ghaffar Khan is disqualified from taking part in politics. 1977: imposition of Martial law by PPP Government is challenged by PNA in Lahore High Court. 1991: Terrorist kills 4 innocent people in Hyderabad. 1996: Cabinet Committee on Privatisation approves sale of Bankers Equity Ltd tp LTV Consortium.

No comments:

Post a Comment