Saturday 27 May 2023

Sindh in history today (28th May). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (28th May) & Good Day Wish. ************* Dr.Pathan. صدين کان پنهنجي سورن جا مذڪور بدليا ناهن تبديلي تڏهن ايندي جڏهن اسان هڪ ٻئي کي سمجهي ٻوڙو ٻڌي آچار ڪنداسين. تاريخ-فهمي به سوچن ۽ لوچن ۾ سگھ پيدا ڪندي . گل حيات جي ميڙئ چونڊئ ۽ ولادتن ۽ وفاتن جا تفصيل موجود آھن. ڪجھ واقعا ھي آھن: 28.5.1848 ميرن سنڌ کي خانداني بنيادن تي ٽن حصن ۾ ورهايو. پوء به شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ خيرپوري ۽ حيدرآبادي ميرن جا حصا هوندا هئا. سنڌ جي ڪمشنر ضروري ڄاتو ته شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ مير علي مراد خان سان بائونڊرئ بابت ڳالهيون ڪجن. اڄ ان سلسلي ۾ شڪارپور جي ڪليڪٽر ۽ ڪمشنر وچ ۾ لکپڙھ ٿي. 28.5.1849 جيڪب آباد ۾ ميجر جيڪب کي بااختيار بڻايو ويو ته جيئن هو شڪارپور ۽ جيڪب آباد کي جابلو قبيلن جي حملن کان بچائي سگهي. جيڪب ان سلسلي ۾ جامع منصوبه بندي ڪئي ته جابلو حمله آور (مري, کيتران, بگٽي, جکراڻي ۽ ڊومڪي وغيره) قبيلن جي ڏنگن فردن تي سختي ڪجي ۽ انھن جي باقي ماڻھن جي سنڌ ۾ آباد ڪاري ڪجي. سندس اها حڪمت عملي اڄ ڪمشنر مٿيئن سرڪار کي ڏياري موڪلي. 28.5.1917 حيدرآباد جي سماجي ۽ شھري تنظيم "سٽي ائسوسيئيشن آف حيدرآباد" جي چونڊن ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي (صدر), مکي ڄيٺانند (نائب صدر), گوپالداس جهمٽمل (سيڪريٽري), سرنانند (جوائنٽ سيڪريٽري), ۽ ڌرمداس ٻيلارام (خزانچي) چونڊيا ويا. هن تنظيم جي ڪارڪدگئ ۽ باقي تفصيل گل حيات ۾ موجود آھن. تنظيم هندو-مسلم اتحاد جو مثال هئي. 28.5.1917 "ڊي.جي.سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽئ" جي حيدرآباد ۾ گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ سابق شاگردن مان: ريجهومل آڏواڻئ ۽ پروفيسر ٽي.ڪي.شاهاڻئ کي ۽ موجوده شاگردن مان: منگهارام ملڪاڻئ کي سوسائٽئ تي رکيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته مرزا قليچ بيگ جو ڊرامو " فيروز دل افروز"ڪراچئ ۽ حيدرآباد ۾ اسٽيج ڪيو ويندو. اڳي ادارا اهڙيون مثبت سرگرميون ڪندا هئا. 28.5.1940 سنڌ مسلم ليگ جي جنرل سيڪريٽرئ سيد علي محمد شاه راشدئ " مسجد منزلگاه تحريڪ" جي مئي مهيني بابت رپورٽ لکي, جنهن ۾ ڪيسن جي اڪلاء بابت معلومات ڏنل آھي. سنڌ جي سياست ۾ خلافت تحريڪ " هجرت تحريڪ" هلائڻ جو هاڃيڪار فيصلو ڪيو ۽ مسلم ليگ " مسجد منزلگاه تحريڪ" هلائڻ جو نقصانڪار فيصلو ڪيو. ************* اڄوڪي ڏينهن 28 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون​ ​ جنم ڏينهن:​ ​ 28 مئي 1918ع ليکڪ ۽ صحافي محمد بخش جوهر (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.​ 28 مئي 1926ع شاعر قيمت ڪمال (لاڙڪاڻو / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.​ 28 مئي 1950ع سماج سڌارڪ غلام نبي قريشي (خدا آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.​ 28 مئي 1953ع شاعر الهيار اُلفت جو جنم ڏينهن آهي.​ 28 مئي 1955ع اداڪار نرنجان آسراڻي (ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي.​ 28 مئي 1957ع شاعر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو جنم ڏينهن آهي.​ 28 مئي 1957ع ڪرڪيٽر مصباح الحق جو جنم ڏينهن آهي.​ ​ وڇوڙو:​ ​ 28 مئي 1905ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام صديق (شهداد ڪوٽ) جو انتقال ٿيو.​ 28 مئي 1924ع فريڊم فائيٽر خانچند پرتاب (حيدر آباد) ديهانت ڪري ويو.​ 28 مئي 1955ع شاعر عالم شاهه عالم جو لاڏاڻو ٿيو.​ 28 مئي 1962ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سماج سڌارڪ حاجي خان محمد عباسي جو انتقال ٿيو.​ 28 مئي 1967ع شاعره ۽ شاهه جي رسالي جي انگريزي مترجم بيگم ايلسا قاضي جو لاڏاڻو ٿيو.​ 28 مئي 2008ع بيوروڪريٽ امداد الله انڙ جي وفات ٿي.​ 28 مئي 2013ع ناليواري شاعر نذير احمد جوش ٻرڙو جو لاڏاڻو ٿيو۔ Dr.Pathan wishes you Good Day. Translation of my poetry. [No any charm should make you part of so called "main stream", that is for exploitation, by violation of human values and of egoism & individualism. Dear! Be part or be on side of love & respect, beauty & peace and sincerity & sacrifice. It is better to be in "single man's procession", than in " crowd of cowards"] وھن واھڙ انا نفرت مطلب جا، متان ٻڏين ۽ نہ پھچین ٻئي پار، پاڻ سرت سچائي سونھن اڪار، محبت ماٹھپي ۽ دعا سلام سان ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {28th MAY} EVENTS: 1917: The Citizens’ Association of Hyderabad elects its office-bearers, and they are Rais Ghulam Muhammad Bhurgri (President), Mukhi Jethanand (Vice President), Gopaldas Jhamatmal (Hon.Secretary),Sarnanad (Join Secretary), Dharamdas Belaram (Treasurer). 1921: A public meeting is held by Non-Co-Operators at Sukkur. Moulana Taj Mahmood Amroti and Veromal Begraj are the important speakers of the event.The meeting is arranged in the Wara/building of Bhai Nanumal, because Anti-Non-Cooperators were determined to disturb the meeting if it is held in any open ground. 1931: Moulvi Sir Muhammad Yaqub contacts Sindhi leaders to organize Muslim League in Sindh. Pir Ali Muhammad Shah Rashdi, who was the Secretary of the Sindh Muhammadan Association accepts his appeal and starts work on the agenda. 1944: Bazim Mushira of Larkano arranges Poetic Sitting with Ghous Bux in Chair. 1948: The crisis of power-politics ends in Punjab with resignation of Mian Mumtaz Doultana and Shoukat Hayat. 1950: Moulana Moudoodi, who was arrested for making objectionable speech on Kashmir, is released. 1953: Malik Sikandar Khan, Pir Ghulam Rasool Shah, Shafqat Hussain Shah, Mir Ahmad Khan Talpur are appointed Parliamentary Secretaries by Chief Minister, Pirzada Abdul Sattar. 1955: Election for the Constituent Assembly will be held on 21st of June. Province-wise seats are allocated. Punjab 21 (20 Muslims + 01 Non-Muslim), East Pakistan (40 (31 Muslims+ 09 Non-Muslims), Sindh 05 (04 Muslims+ 01 Non-Muslim), NWFP 04, Karachi, Khairpur and Balochistan 01 for each. 1957: Five thousand acres of land in Ghulam Muhammad Barrage is on the disposal of the Government for distribution. 1963: U.S.A is taking interest to help Pakistan in construction of Tarbila Dam. 1964: Z.A.Bhutto attends the funeral ceremony of Indian Prime Minister Pandit Jawahrlal Nehru. Though , he attended so many such type of funeral ceremonies, but nobody attended his funeral ceremony, even Wife Nusrat Bhutto and daughter Benazir Bhutto.

No comments:

Post a Comment