Monday 8 May 2023

Sindh in history today (9th May). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {9th May} & my Good Day Wish. ************* Dur Muhammad Pathan: https://youtu.be/JzPB7Cx1lEI Sindh in History Today (9th May). Research & Video Talk by Dr.Pathan 9 مئي جي حوالي سان تاريخ اسان کي ڪجھ ٻڌائڻ ۽ سمجھائڻ چاهي ٿي : 1. سنڌ جڏهن ڌارين انگريزن جي قبضي ۾ آئي ته هنن پنهنجئ حڪومت کي منظم ۽ مضبوط بنائڻ وارا قدم کڻڻ شروع ڪيا. جنگي قيدي مير کين خطن ۾ خوار ڪندا رهيا ۽ هنن فرنگين وري ٻين ميرن تي هٿ رکڻ شروع ڪيو. 2. سنڌ جي پهرين سماجي ۽ نيم سياسي تنظيم " سنڌ سڀا" جڏهن هندو-مسلم اختلافن جو شڪار ٿي ته سنڌ جي سياست ۽ سنڌ جي سماج جي هندو-مسلم جي ٻن ڌڙن ۽ ڪئمپن ۾ ورهائجڻ شروع ٿيا ۽ پوء انڌ جي گهوڙي تان نه هندو لٿا ۽ مسلمان لٿا. 3. انگريزن جي وڃڻ کان پوء ڪراچئ جي مالڪئ تي سياست جي شروعات ٿي ۽ اڳتي هلي انھئ سوچ سياست ۽ دهشتگردئ کي هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا بڻائي ڇڏيو. 4. اڄوڪي وڊيو ٽاڪ ۾ مٿي ڄاڻايل ڳالهين جي شاهدين ۽ ثابتين کان علاوه ٻيو به گهڻو ڪجھ موجود آهي. وڊيو ٽاڪ ڏسو, ٻڌو, پنهنجي تاريخ سمجهي شيئر ڪيو. يوٽيوب تي سبسڪرائيب به ضرور ڪريو. پاڻ ۽ ٻين کي بچايو. https://youtube.com/watch?v=JzPB7Cx1lEI&feature=share *************** توجه طلب واقعا *************** 9.5.1809: سنڌ سان سفارتي ۽ تجارتي لاڳاپن رکڻ بابت ڳالهيون ڪرڻ لاء فرنگي نمائندي سمٿ جي سربراهئ ۾ وفد ڪراچئ پهتو. اتي ميرن طرفان مقرر ڪيل نواب طرفان کيس توبن سان سلامي ڏني وئي. 9.5.1843: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت اڄ سنڌ جي گورنر کي سنڌ ۾ وڌيڪ ڇه ايڊيشنل ڪمشنر مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ کيس چيو ته مختلف ضلعن ۾ سرڪاري ريسٽ ھائوس ٺھرايا وڃن ۽ هڪ هڪ ريسٽ ھائوس/بنگلي جي اڏاوت تي ٻه سو روپيا خرچ ڪري سگهجن ٿا. 9.5.1857: ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي ٻڌايو ته اسان چاهيون ٿا ته سنڌ ۽ ممبئي وچ ۾ ٽپال جو سلسلو جاري ڪجي. 9.5.1884: سنڌ سڀا جي گڏجاڻئ ۾ ولي محمد حسن علئ رٿ ڏني ته ٺھراء پاس ڪري سرڪار کان گهر ڪجي ته ميونسپالٽين جي چونڊن لاء ھندن ۽ مسلمانن لاء چونڊن جا الڳ الڳ وارڊ ٺاهي ڌار ڌار چونڊون ڪرايون وڃن. سندس راء کي رد ڪيو ويو. 9.5.1920: جيڪب آباد ۾ خلافت طرفان جلسو ٿيو, جنهن ۾ ھندن خواه مسلمانن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. 9.5.1933: گانڌئ سول نافرمانئ جي تحريڪ مهمل ڪئي ته پٽيل ۽ سباش چندر بوس مٿس ڪاوڙجي پيا ۽ بيان جاري ڪيائون ته گانڌي هڪ سياستدان جي حيثيت ۾ پاڻ کي ناڪام سياستدان ثابت ڪيو آھي. 9.5.1958: پاڪستان پبليڪن پارٽي جي سربراه ڊاڪٽر خان صاحب کي لاهور ۾ عطا محمد نالي هڪ ماڻھونء اڄ قتل ڪيو ويو. 9.5.1982: "ملڪ ۾ سياسي پارٽين جو ڪاٿو ئي ڪونهي. انھن ۾ گهٽتائي اچي ته سياسي سرگرمين جي اجازت ڏبي"- جنرل ضياء الحق جو اونوکو منطق. 9.5.1988: ڪراچئ ۾ قهري دهشتگردي ٿي. ايڪٽيه ماڻھون مري ويا ۽ هڪ سو ويه سخت زخمي ٿيا. متآثر علائقن ۾ ڪرفيو لڳايو ويو. *************** { 9 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 9 مئي 1912ع اديب ۽ محقق الله بچايو يار محمد سمون(ڪراچي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 9 مئي 1920ع سنگيتڪار ۽ راڳي بلوسي راڻي(حيدرآباد / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 9 مئي 1929ع عالمِ دين ۽ بزرگ سيد محمد شاهه امروٽي(پريالوء) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 9 مئي 1936ع اديب چمن شرما (ٽنڊو آدم / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 9 مئي 1948ع اديبه رضيه ناز ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي. 9 مئي 1962ع شاعر حاجي پيرزادو (ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 9 مئي 1841ع سيوهڻ سان تعلق رکندڙ مذهبي عالم شيخ محمد عابد انصاري جو انتقال ٿيو. 9 مئي 1974ع شاعر سيد حافظ شاهه ناطق جو انتقال ٿيو. 9 مئي 1975ع صحافي عبدالمجيد ڀٽي جو لاڏاڻو ٿيو. 9 مئي 1976ع صحافت سان تعلق رکندڙ سليم اڪبر قاضي جو روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ انتقال ٿيو. 9 مئي 1998ع مشهور گلوڪار ۽ اداڪار طلعت محمود جو انتقال ٿيو. 9 مئي 1989ع سياستدان رئيس الاهي بخش ٻانڀڻ(فيض گنج) جو انتقال ٿيو Dr. Pathan wishes you Good Day. [ You are a nice person, if you love and respect everybody without discrimination. But, you are most lucky and second to none, if anybody is loving you. It will be a great recognition & respect of your golden heart and loving soul. If you are owner of vision & wisdom, love & beauty, believe that I will be always at your door alongwith my sincerity & sacrifice and trust & hope at my command.] TRANSLATION: چاهت هجئي لکن سان پر توکي ڪو هڪ چاهي اها ڳاله وڏي آھي, تون تونگر چئبين دنيا جو اگر ڪو ئي ٿو تن من سان تنهنجو سڏائي, جنهن وٽ سوغات سونهن سرت ۽ سلام جي سو ڀلي پاڻ پڏائي, پوء لاهي پاهي دل لڳائي, دنيا کي ٻڌائي هلجي در ان دوست جي. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {9th May} Research by Dr. Dur Muhammad Pathan. EVENTS: 9th May 1843: The Government of India approves administrative measures and actions taken by the Sindh Governor, Charles Napier. He is allowed to appoint six additional Collectors and start construction of bunglows in various districts at the cost of Rs.200 each for the use of the Collectors and Dy. Collectors. 1857: The Bombay Government intends to start postal service between Karachi and Bombay via Bhooj and asks Sindh Commissioner to offer his comments and feedback. 1884: At a meeting of the ‘Sindh Sabha’, a proposal is made by Wali Muhammad Hassan Ali that the municipal electorate should be formed into communal wards so as to provide for separate electorates for Muslims and Hindus. This proposal is strongly opposed by Deyaram Jethmal and such type of differences paved way to divide Sindh into Hindu- Muslim camps. 1920: Jacobabad witnesses a big political event today when the largely attended public meeting is held by the District Khilafat Committee. 1931: ‘The Punjab-,Sindh & Frontier Hindu Conference’ is held in D.A.V. College Hall Lahore under the presidency of Bhai Parmanand . The Conference adopts resolution against the separation of Sindh from Bombay Presidency. This resolution is moved by Prof. Chablani and supported by one Sindhi and another Punjabi Hindus. 1933: ‘The latest action of Mahatma Gandhi in suspending Civil disobedience is a confession of failure’ Subahsh Bose and Patel say in a joint statement. The statement proceeds: ‘ We are clearly of opinion that Gandhi as a political leader has failed’. 1958: The Pakistan Republican Party Chief, Dr. Khan Sahib is assassinated in Lahore. Alleged assassian Atta Muhammad is arrested. 1963: The External Affairs Minister Z.A.Bhutto opposes partition of the Kashmir valley or its joint control by India and Pakistan. 1982: Political curbs to be lifted if the number of political parties is reduced, says Zia. 1988: Thirty-one are killed and 120 injured in sporadic clashes in Karachi. Curfew is imposed in affected areas.

No comments:

Post a Comment