Tuesday 9 May 2023

Sindh in history today (10th May). By.Dr.Pathan

Sindh in History Today (10th May) ٽالپورن جي دور کان وٺي ويندي اڄوڪي دور تائين تاريخ دانھون ۽ ڪوڪون ڪري اسان کي ٻڌائڻ چاهي ٿي, ان جي هڪ جهلڪ هن وڊيو ٽاڪ ۾ موجود آھي. Resarch & Video Talk by Dr.Pathan تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڌارين جي جڏهن دال نه ڳرندي آھي ته ڏيهين ۾ اخلاف پيدا ڪري, مفاد ماڻيندا آھن. انگريزن خيرپور ۾ ايئن ڪيو. * سنڌ حڪومت 1950 ۾ غلط فيصلو ڪري, سنڌ يونيورسٽئ کي حيدرآباد منتقل ڪيو ۽ ڪراچئ تي سنڌين جي مالڪئ/وارثئ واري مفاد کي ڇيهو رسايو. * ملڪ جي آمريڪا سان ياري ٿي ته هڪ طرف پشاور طرف سندن فوجي اڏا قائم ٿيا, ته ٻئي طرف ڳولهي ڳولهي ڪميونسٽن کي گرفتار ڪيو ويو * حسن, دولت ۽ اقتدار ماڻهن جو مٿو خراب ڪندا آھن. ڀٽو اقتدار ۾ آيو ته سنڌ مان چڱيون خاصيون گرفتاريون ڪرايائين. * غلام محمد جي گورنر جنرلئ ۽ فيڊرل ڪورٽ جي هڪ فيصلي ملڪي سياست تي منفي اثر وڌا. اڄوڪي وڊيو ٽاڪ ۾ ساڃھ-وندن لاء ٻيو به گهڻو ڪجھ آهي. اهو ڏسو, ٻڌو, شيئر ڪريو ۽ يوٽيوب تي سبسڪرائيب ڪرڻ ۾ سستي نه ڪريو. پنهنجو خيال رکجو. پاڻ کي سدا خوش رکجو. دعا آھي ته جگ جگ جيئو. https://youtube.com/watch?v=aLQc2TyfCtQ&feature=share *************** توجه طلب واقعا *************** 10.5.1832: ڪرنل پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌايو ته خيرپور ۾ ڪنهن جوڳي معاهدي ڪرڻ ۾ مير رستم خان طرفان پيدا ڪيل رنڊڪن کي منھن ڏئي رهيو آھي [فرنگين ان کان پوء مير علي مراد تي هٿ رکيو ۽ مير رستم علي کي نظرانداز ڪري ٻنھي ڀائرن ۾ دشمني پيدا ڪئي] 10.5.1839: ملڪ اسان جو پر اسان جي وڏڙن ان جي آب و هوا جو ڪڏهن رڪارڊ رکڻ جو به نه سوچيو. پر اڄ پاٽينجر ڪراچئ ۽ ٺٽي جي آب و هوا جو ماهوار رڪارڊ ٺاهي پنهنجئ سرڪار کي موڪلي ٿو. 10.5.1841: پوسٽنس اڄ شڪارپور مان ڏکڻ سنڌ جي فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ کي شڪارپور بابت رپورٽ ٺاهي موڪلي. هن لکيو ته هي شهر واپار تجارت جي حوالي سان اتر ۽ اولھ وارن ملڪن سان ڳنڍيو پيو آھي. شڪارپور ۾ حيدرآبادي ۽ خيرپوري ميرن جا حصا آھن. ستن مان ٽي حصا خيرپور جا ۽ باقي حيدرآبادين جا حصا آھن. خيرپور وارن ميرن کي سال ۾ 36000 روپيا اپت ٿيندي آھي. ان اپت کي ٽن حصن ۾ ورهائيندا آھن. ٻه حصا مير رستم خان کڻندو آھي. باقي برابرئ جي بنياد تي مير نصير خان خيرپوري ۽ مير مبارڪ جي پٽ کي ملندو آھي. 10.5.1842: ملڪ جا حاڪم حڪمران هئا ته مير. پر, پاڻ ڪي اختلاف پيدا ٿيندا هئن ته فرنگي سفارتڪارن کي معتبر ڄاڻي, انھن کان فيصلا ڪرائيندا هئا. مير علي مراد ۽ مير رستم خان جو ڪن ڳوٺن جي مالڪئ جو مسئلو پيدا ٿيو ته هنن راس بيل کان فيصلو ڪرايو. هن فيصلو ڪيو ته مير علي مراد ڳوٺن جو وارث ۽ مالڪ آھي. اڄ ڪمپني حڪومت ميجر آئوٽرام کي هدايت ڪئي ته مير رستم خان انھئ فيصلي خلاف تو کي دانھن ڏئي ته تون وچ تي نه اچجان. [ڇو ته راس بيل جي فيصلي جو فرنگين هي فائدو ٿيو ته ان سان هو مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آھي] 10.5.1858: فرنگي سرڪار جنهن کي جاگير ڏني, ان تي هر سال پنج سيڪڙو "لوڪل فند سيس" ورتو ويندو هو. انهئ فند کي اسڪولن جي عمارتن جي اڏاوت ۽ روڊن رستن ٺاهڻ تي خرچ ڪيو ويندو هو. اڄ سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي ڪليڪٽرن کي مراسلو موڪلي سمجهايو ته گڏ ڪيل رقم مان روڊن تي ڪيترو خرچ ڪريو ۽ اسڪولن تي ڪيترو خرچ ڪيو. 10.5.1948: محمد ايوب کهڙي ڪراچئ جي مالڪئ بابت پاڪستان جي اقتدار-ڌڻين سان مهاڏو اٽڪايو ته کيس ڀوڳڻو پيو. هن وقت هو سنڌ جو سابق وڏو وزير هو وڏي سرڪار نادري حڪم ڪڍيس ته هي نه بئنڪ ئان ڏوڪڙ ڪڍرائي سگهي ٿو, نه ملڪ کان ٻاهر وڃي سگهي ٿو. [ ايوب کهڙي سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪرائڻ ۽ ڪراچئ کي مرڪز حوالي نه ڪرڻ لاء شاندار ڪم ڪيو. اٺ تاري پڇ ڪري ٻوڙي ڇڏيائين. ساڳي ماڻھوء سنڌ جي ڳچئ ۾ ون يونٽ جو ڳٽ وڌو] 10.5.1950: سنڌ جي تعليم واري وزير آغا غلام نبئ اعلان ڪيو ته اسان جي سرڪار "سنڌ يونيورسٽئ" کي ڪراچئ مان حيدرآباد شفٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. [اسان جي سياسي ۽ اقتداري اڳواڻن پنهنجئ رضا خوشئ سان ڪراچئ مان هٿ ڪڍڻ جا قدم کنيا] 10.5.1955: فيڊرل ڪورٽ فيصلو ڏنو ته گورنر جنرل آئين ساز اسيمبلي ٽوڙڻ ۾ حق بجانب هو ۽ هن جو اهو ڪم قانون مطابق آھي. 10.5.1960: سوويٽ يونئين پاڪستان کي انتباه ڪيو ته جيڪڏهن آمريڪا پشاور کي پنهنجو اڏو بڻائي اسان کي ميرئ اک سان ڏٺو ته ان جي قيمت پاڪستان کي ئي ڏيڻي پوندي. 10.7.1973: ذوالفقار علي شاه ڄاموٽ, خليفي عاقل, خليفي هاشم, غوث علي شاه ۽ پير محمد وساڻ کي گرفتار ڪيو ويو. ڀٽي حڪومت پنهنجي اڱڻ (سنڌ) تي ٽانڊا رکڻ شروع ڪيا. *************** {10 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 10 مئي 1901ع شاعر مراد علي ڪاظمي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 مئي 1914ع ليکڪا سيتا سامتاڻي (حيدرآباد / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 10 مئي 1914ع صحافي نذير حسين حيدري (بدين) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 مئي 1916ع شاعر رانجهو خان پياسي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 مئي 1924ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد علي پنهور جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 مئي 1930ع شاعر الهه نواز نواز رڪڻائيجو جنم ڏينهن آهي. 10 مئي 1931ع سماجي ورڪر بي سي موٽاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 10 مئي 1932ع گلوڪار لال مجرم (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 10 مئي 1937ع صحافي غلام حسين مشتاق سچاروي جو جنم ڏينهن آهي. 10 مئي 1941ع ليکڪ انور جوکيو جو جنم ڏينهن آهي. 10 مئي 1943ع صحافي ارشاد ٿهيم (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 10 مئي 1949ع اسڪالر ڊاڪٽر عبدالرزاق سومرو (خيرپور جوسو) جو جنم ڏينهن آهي. 10 مئي 1952ع ليکڪ مشتاق شورو جو جنم ڏينهن آهي. 10 مئي 1954ع شاعر ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر ديپڪ روهيت چند (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 10 مئي 1961ع ليکڪ ديپو ڪيسواڻي جو جنم ڏينهن آهي. 10 مئي 1963ع ليکڪ قربان ٻگهيو (ڪي اين شاهه) جو جنم ڏينهن آهي. 10 مئي 1970ع ليکڪا منور سلطانا قريشي (سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي. 10 مئي 1982ع شاعر ناشاد ٿهيم (جوهي) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 10 مئي 1999ع سماج سڌارڪ ۽ سياستدان آنند هنڱوراڻي ديهانت ڪري ويو. —

No comments:

Post a Comment