Saturday 20 May 2023

Sindh in history today (20th May). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {20th May} & Good Day Wish. ************* Sindh in history today (20th May). Research by Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat Institute 20.5.2023 تي آئون السلام عليڪم , نمستي ۽ هٿ جوڙ سان اوهان جي حضور ۾ حاضر ٿيو آھيان. سج اڀرندو ته ننڊ مان سڀڪو اٿي پوندو. مان به چاهيان ٿو ته شال قومي ۽ اجتماعي طور تي غفلت وارئ ننڊ مان اسان به جاڳي پئون. خطرناڪ حالتون آھن: قدرن جي پوئواري ڪانه ٿا ڪيون, شخصيتن جي پوڄا ڪريون ٿا. ڪا ڳالھ ٻڌڻ/پڙھڻ/سمجهڻ لاء تيار ناهيون, هڪ ٻئي کي معاف ڪرڻ/برداشت ڪرڻ لاء تيار ناهيون. ڪنهن ڳالھ مان خوبيون ڪڍڻ بدران هر ڳالھ مان خامين ڪڍڻ جا ماهر ٿي ويا آھيون. علم آھي, پر عمل ڪونھي. قول آھي, پر فعل ڪونهي. اسان غيرن جا سهولتڪار ۽ پنهنجن جا ويري بڻجي چڪا آھيون. قومي اتحاد بدران پنهنجي هڪ سر جي مسجد ٺاهي ويٺا آھيون. مڃڻ بدران مڃائڻ تي ڳنڍ ٻڌي بيٺا آھيون. تاريخ جي اسان تي نظر آھي ۽ اسان تاريخ کي ڏسڻ/ٻڌڻ/پڙھڻ لاء تيار ناهيون. پوء به تاريخ اسان سان ڳالهائڻ چاهي ٿي ۽ گهڻو ڪجھ سمجهائڻ چاهي ٿي. 20 مئي تي تاريخ اسان جو توجه ڪن واقعن ڏانھن ڇڪرائڻ گهري ٿي. اهي حاضر آھن. ************* توجه طلب واقعا ************ 20.5. 1920: سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ 1920 جو سال وڏي اهميت وارو هو. خاص طور تي "خلافت تحريڪ" وڏو زور ورتو ۽ عوام ڌارين انگريزن جي دشمنئ ۾ روڊن رستن تي نڪري آيو. سال جي پهرين مهيني ۾ 4.1.1920 تي حيدرآباد, 6.1.1920 تي لاڙڪاڻي ۽ 30.1.1920 تي پاٽ ۾ ”سنڌ خلافت ڪانفرنسون ٿيون. اڄوڪي ڏينھن (20.5.1920) تي خلافت تحريڪ جي حوالي سان ٽي واقعا ٿيا: (الف). سنڌ خلافت ڪميٽئ جون چونڊون ٿيون. جن ۾ سيٺ حاجي عبدالله هارون کي صدر ۽ خزانچي, مولانا تاج محمود امروٽئ کي نائب صدر ۽ حڪيم شمس الدين احمد کي جوائنٽ سيڪريٽري بڻايو ويو. (ب). جيڪب آباد ۾ خلافت ڪانفرنس ٿي, جنهن جي احوال تي الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو. (ت). عوام سرڪار کان گرانٽون وٺڻ کان انڪار ڪيو, ڪيترن نوڪريون ڇڏيون. اهو سلسلو سمورئ سنڌ ۾ شروع ٿيو. هتي لاڙڪاڻي ضلعي جو مثال پيش ڪجي ٿو. ھنن ماڻھن پنهنجي ملان اسڪولن لاء سرڪار کان مالي گرانٽ نه وٺڻ جو اڄ اعلان ڪيو ۽ اهڙو اطلاع لکت ۾ ملان اسڪولن جي ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر کي ڏياري موڪليو. اهي آھن: خليفو محمد سليمان (ڳوٺ مريد ماڇي, تعلقو ميروخان), مولوي محمد حسن (سجاول گوپانگ), مولوي دين محمد (بٺي), مولوي محمد عالم (محبوب تنيو), مولوي محمد اعظم (پنڊ, ميروخان), مولوي خير محمد (ڇٽو جويو), مولوي فتح محمد (حاصل جمالي), مولوي قادر بخش (ڊرٻ چانڊيو) ۽ حافظ عبدالغني (ڀنڀو خان چانڊيو). 20.5.1922: خلافت تحريڪ جي زور گهٽائڻ ۽ ماڻھن کي ويڙھائي حڪومت ڪرڻ لاء فرنگي سرڪار پنهنجي وفادارن کان سنڌ ۾ ”امن سڀا" نالي جماعتون ٺھرايون. اڄ ٽنڊي باگي جي امن سڀا طرفان عوامي ميڙاڪو ٿيو. ان جي صدارت خانبهادر مير غلام محمد ڪئي. سرڪار پرست مولوي عبداعزيز کي خاص طور تي حيدرآباد مان گهرايو ويو هو جيئن هو عوام کي خلافت تحريڪ کان پري رهڻ لاء تقرير ڪري.جن ٻين مکيه ماڻھن ھن ميڙاڪي ۾ شرڪت ڪئي, اهي هئا: مکي هيرومل, ڪيسوداس, ڀائي ٽوپومل ۽ عيدنمل. 20.5.1968: نئشنل اسيمبلئ ۾ سرڪار ٻڌايو ته پشاور ويجهو بڊابير ۾ آمريڪا جي قائم ڪيل ڪميونيڪيشن يونٽ جي ليز ختم پئي ٿئي ۽ ان سلسلي ۾ آمريڪا کي نوٽيس ڏنو ويو آھي. 20.5.1977: پي.اين.اي وارن جا ڀٽي-حڪومت خلاف وڳوڙ روز به روز وڌندڻ لڳا. اڄ سيالڪوٽ ۾ چار وڳوڙي ماريا ويا. ان ڪري اتي ڪرفيو لڳايو ويو. ڪراچئ ۽ لاهور ۾ حالتون ابتر رهيون. 20.5.1978: ذوالفقار علي ڀٽي کي لاهور هاء ڪورٽ ڦاهئ جي سزا ڏني ته هن انھئ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي. اڄ انهئ اپيل جي ٻڌڻي شروع ٿي. ************* {20 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 20 مئي 1914ع شاعر واڌومل بيچين جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 مئي 1929ع شاعر عالم هيسباڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 مئي 1933ع لطيف جي راڳئ غلام حيدر نظاماڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 مئي 1946ع شاعر ۽ مصور اياز ابڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 مئي 1955ع اداڪار ڪمار کلواڻي (شڪارپور / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 مئي 1957ع شاعر ارباب علي عادل چوهاڻ (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 20 مئي 1960ع شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصئ جو جنم ڏينهن آهي. 20 مئي 1971ع صحافي انيس حاجاڻو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 مئي 1974ع ليکڪ نذير احمد ملاح جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 20 مئي 1966ع شاعر يار محمد مسلم ٽانوري جو انتقال ٿيو. 20 مئي 1975ع اسڪالر ڊاڪٽر نور محمد ٽالپر جو لاڏاڻو ٿيو. 20 مئي 2012ع اداڪار ۽ صداڪار ابراهيم نفيس دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو. Dr.Pathan wishes you Good Night. [Translation: Dear! It is my firm belief and faith that you are truth & beauty. You are in my heart & mind, dreams & thoughts, here & there. Is it not amazing that you are within me, but not with me. Since centuries my soul is waiting to see you near, my dear. Let distance & differences may not pave way for death. Be life, you are life. ] جانب جت ڪٿ جو جاچیو مون، آھین تون ۽ تون ساجن فقط تون، سچ ۽ سندء سونھن جون لاٽون، تن من ۾ تان ڏٺیون پسيون سون، پوء بہ پرین پري صدین لاڪون؟ ڏس نیٹن ۾ ماڪون، سلام سان.‏ ************SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {20th MAY} EVENTS: 1847: Boundary survey of Rohri distric is completed and Farrington, Dy.Collector of Rohri forwards a sketch of the District and town of Rohri to the Government of Sindh. 1852: Every Department starts submitting its Annual Reports to the Government. Today Report about working of Police is submitted to the Commissioner, Sindh. 1920: Haji Abdullah Haroon, Moulana Taj Mahmood Amroti and Hakim Shamisuddin Ahmad Kazi are elected as President, Vice President and Joint Secretary respectively of the Sindh Khilafat Committee. It has also been notified by the Khilafat Committee that so many Managers of Deni Madressahs have declared that in future they will not accept or request for financial aid for their Madressahs and Schools from the Government. Some of them are: Khalifo M.Usman of Mured Machhi (Mirokhan), Moulvi Muhammad Hassan of Sujawal Gopang, Moulvi Din Muhammad of Buthi; Moulvi Muhammad Alam of Mahboob Tunyo; Moulvi Muhammad Azam of Pind, Merokhan; Mulan Imran of Tando Ali Murad; Moulvi Khair Muhammad of Chhto Joyo; Moulvi Fatih Muhammad of Hasil Jamali; Moulvi Qadir Bux of Drib Chandio and Hafiz Abdul Ghani of Bhanbho Chandio. 1922: A public meeting is arranged by Aman Sabha of Tando Bago under chairmanship of K.B.Mir Ghulam Muhammad.It is attended by Keswandas, Mukhi Hiromal; Bhai Topanmal; Edanmal and Tourmal. Moulvi Abdul Aziz Pro-Government Moulvi is specially invited to share his knowledge about Khilafat and advise people not to take part in any agitation launched by Khilafat Committee. 1947: Bazim-i-Mushaera of Larkano arranges Poetic Sitting. The Poetry presented was later on published in ‘Adeeb Sindh’. 1951: Major General Nazir Ahmad is arrested in connection with Rawalpindi Conspiracy Case. 1956: Chief Minister of East Pakistan is not allowed by the Speaker of East Pakistan Provincial Assembly to present Budget. 1968: Pakistan has given notice to U.S.A for termination of lease of the American Communications Unit at Badaber, near Peshawar, the National Assembly is told. 1973: PPP government is the modern shape of dictatorship. It is neither in the interest of democracy, nor in the interest of people, blames Asghar Khan. 1977: Four killed and 16 injured in anti-government riots is Sialkot. Curfew is imposed. Unrest prevails in Karachi and Lahore. 1978: Z.A.Bhutto’s appeal against Lahore High Court judgment is hearing by the full bench of the Supreme Court.

No comments:

Post a Comment