Sunday 30 April 2023

Sindh in history today (1st May). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {1st May} & my Good Day wish. ************ **** توجه طلب واقعا *************** 1.5.1927: لالا لڄپت راء جي صدارت ۾ سکر ۾ ”سنڌ پراونشل هندو سميلن" ٿيو. ان ۾ پنج هزار وفد شريڪ ٿيا. هن سيمينار ۾ هندن جي سماجي, ڌرمي ۽ سياسي مسئلن تي ويچاريو ويو ۽ سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ جي مخالفت ڪئي وئي. 1.5.1934: سکر مان ڪشنچند واسديو هفتيوار اخبار "سناتن ڌرم" جاري ڪئي. هئ اخبار بنيادي طور سناتن ڌرم جي پرچار ڪندي هئي, پر ان کان سواء ڪانگريس پارٽئ جي آرگن طور به ڪم ڪيائين. "ستياگره تحريڪ" دوران نالو ڪمايائين. 5.1.1972: ممتاز علي ڀٽي سنڌ جي, سردار عطاء الله مينگل بلوچستان جي, مفتي محمود سرحد (ڪي.پي.ڪي) جي وڏي وزير طور حلف کنيو. ملڪ معراج خالد جو نالو پنجاب جي وڏي وزير طور منظور ڪيو ويو. 1.5.1848: هند سرڪار اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته رپورٽ ٺاهي موڪل ته ٽالپورن جي دور ۾ ڪنهن ڪنهن کي پينشن يا گرانٽ ڏني ويندي هئي. 1.5.1850: خيرپور رياست جي والئ مير علي مراد خان سنڌ جي ڪمشنر سان لکي احتجاج ڪيو ته اوهان منھنجي ۽ مير رستم خان وچ ۾ ٿيل "نونهار معاهدي" جي انڪواري ڇو ٿا ڪريو. هن وڌيڪ لکيو ته منهنجو خاندان انهئ ڳالھ تي راضي ناهي ته مان انڪوارئ لاء اوهان اڳيان پيش ٿي صفائي ڏيان. [ياد رهي ته اهو معاهدو سنڌ تي فرنگين جي قبضي کان اڳ ٿيو هو ۽ انگريزن کي مير رستم علي خان دانھون ڏيندو هو ته "نونهار معاهدي" ۾ مير علي مراد خان پنهنجئ مرضئ سان پنهنجي حق ۾ ڦير گهير ڪئي آھي. ان وقت انگريزن سندس ڪا ڳاله نه ٻڌي. ڇو ته کين مير علي مراد جي دوستئ ۽ ساٿ جي ضرورت هئي. جڏهن سنڌ تي قبضو ڪري فرنگي حاڪم ٿيا ته پنهنجي يار مددگار مير علي مراد خان خلاف انڪواري ڪرايائون.] 1.5.1886: شڪاگو ۾ پورهيتن مزدورئ جو وقت 8 ڪلاڪ ڪرڻ لاء احتجاجي جلوس ڪڍيو. پوليس گولي هلائي هڪ پورهيت ماري وڌو. مزدور ڇڙوڇڙ ٿي وري گڏ ٿيا ۽ احتجاجي ميڙ ڪيائون. وري پوليس مٿن حملو ڪري ڪيترن کي گرفتار ڪيو ۽ پوء چئن پورهيتن کي ڦاهي ڏني وئي. انھئ سانحي ۽ جدوجهد کي ياد ڪرڻ لاء "مئي ڊي" ملهائڻ جو رواج پيو. پاڪستان ۾ سرڪاري طور تي پهريون "مئي ڊي" 1972 ۾ ملهايو ويو هو. *************** {اڄوڪي ڏينهن پهرين مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] پهرين مئي 1908ع شاعر مرزا همايون بيگ فائق (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين مئي 1936ع شاعر بهاول خان عاصم جو جنم ڏينهن آهي. پهرين مئي 1940ع ليکڪ قلندر شاهه لڪياري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين مئي 1940ع محقق ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين مئي 1947ع مذهبي اسڪالر سيد امير علي شاهه(جيڪب آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. پهرين مئي 1948ع صحافي عبدالقادر ٻگهيو (ڪي اين شاهه) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين مئي 1949ع ليکڪ ڌڻي بخش پٿر جو جنم ڏينهن آهي. پهرين مئي 1949ع فيروزه سمون جو جنم ڏينهن آهي. پهرين مئي 1951ع ڪيترن ڪتابن جي ليکڪ، سماجي ورڪر ۽ سابق جج, سابق سيڪريٽري لا, محمد اسلم شيخ (شهدادڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين مئي 1952ع گلوڪار پرڪاش جهروماڻي (بڙودا) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين مئي 1952ع اسڪالر ڊاڪٽر محمد مراد جو جنم ڏينهن آهي. پهرين مئي 1952ع ليکڪا ۽ سماجي ڪارڪن انيس ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. پهرين مئي 1957ع ليکڪ الطاف لاکير جو جنم ڏينهن آهي. پهرين مئي 1960ع شاعر رجب علي اظهر جو جنم ڏينهن آهي. پهرين مئي 1960ع سياستدان ڊاڪٽر رفيق احمد ٻانڀڻ(فيض گنج) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين مئي 1961ع سگهڙ امام بخش ڪنگراڻي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين مئي 1962ع صحافي منٺار فقير مڱريو (سانگهڙ) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين مئي 1962ع ليکڪ محمد رفيق ٻگهيو جو جنم ڏينهن آهي. پهرين مئي 1964ع شاعر عزيز آس جو جنم ڏينهن آهي. پهرين مئي 1966ع ليکڪ حامد چنا (ٿرڙي محبت) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين مئي 1966ع شاعر ۽ ڪهاڻيڪار عبدالڪريم شاهه آزاد بخاري(چڪ) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين مئي 1969ع شاعر اداسي ڦلجائي جو جنم ڏينهن آهي. پهرين مئي 1971ع شاعر ايوب کوسيجو جنم ڏينهن آهي. پهرين مئي 1973ع شاعر انور ساگر ڪانڌڙو(مورو) جو جنم ڏينهن آهي. پهرين مئي 1976ع شاعر ميهار الهيار جو جنم ڏينهن آهي. پهرين مئي 1984ع شاعر ساگر زرداري (راڌڻ) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] پهرين مئي 1934ع صحافي خليق مورائي جو لاڏاڻو ٿيو. پهرين مئي 1982ع سياستدان ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر مير رسول بخش ٽالپر جو لاڏاڻو ٿيو. پهرين مئي 1993 تي ايم.ڪيو.ايم جي چيئرمن عظيم احمد طارق کي قتل ڪيو ويو. Dr.Pathan wishes You Good Day. . [It is easy to like, but very difficult to accept. It is most difficult to maintain contacts & affiliations. Be one sided with sincerity & sacrifice. Life never believes in dreams. It is hard ground reality. Beautify it with love as it can accept you] ڀانئڻ اچي سڀ کي، نڀائڻ ڪنھن ڪنھن جو ڪم، رشتا گھرن رت روح جو، کائن هر پل لڱ لحم، جي ھٹین دوستئ جو دم، چئج سرت سان سلام تون. ************* SINDH (Including Pakistan) IN HISTORY TODAY {1st May} Research by Dr. Dur Muhammad Pathan EVENTS: 1848: The Government of India asks the Governor of Sindh to prepare details along with schedule of pensions and grants given by Ex - Rulers as they can be continued if loyalty and sincerity with British Government. is proved. 1850: His Highness Mir Ali Murad Khan Talpur is not happy and satisfied with proceedings and findings of the Commission appointed by the Govt. for probing his involvement in making changes in the Treaty of Nounihar. 1886: Workers demanding 'Eight hours as working hours' are fired upon by police in Chicago. This ugly event is yearly condemned and observed as 'May Day'. The first ever May Day in Pakistan was observed in 1972. EVENTS AFTER 1947 (1st of May) 1959: A high- level conference, presided over by President Ayub, decides to set up "Local Bodies System" of democracy. 1972: Mumtaz Bhutto (Sindh), Sardar Attatullah Mengal (Balochistan) and Mulana Mufti Mahmud (NWFP) are sworn in as Chief Ministers. Malik Meraj Kialid isnominated for Punjab. > Mufti Mahmud announces total ban on liquour in his province. > Labour Day/ May Day is celebrated for the first time in Pakistan.1989: Ban on trade union activities of leading organisations are lifted.

No comments:

Post a Comment