Saturday 6 May 2023

Sindh in history today (6th May). By.Dr.Pathan

TODAY {6th May} & Good Day Wish. ******** توجه طلب واقعا *************** 6.5.1842: ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل آئوٽرام کي لکيو ته ميرن جون من مستيون وڌي ويون آھن ۽ ھو اسان جي مفادن خلاف وڃي رهيا آھن. مان توڏي پنهنجئ صحيح سان خط ٿو موڪليان ۽ تون اهو ضرورت وقت کين پهچاء. [هن ميرن نالي جو خط لکيو آھي, ان ۾ ميرن کي ڌمڪيون ڏنيون اٿس ۽ ملڪ کسڻ جي ڳالھ ڪئي اٿس ۽ اهو لکيو اٿس ته ڪمپني حڪومت کي پنهنجي مخالفن سان وڙھڻ ۽ منھن ڏيڻ ايندو آھي] 6.5.1843: جنگي قيدي ميرن مان اڄ مير نصير خان, مير صوبدار خان ۽ مير شھداد خان ممبئئ جي گورنر ڏانھن پنهنجا گزارش ناما موڪليا ۽ انھن ۾ شڪايت ڪيائون ته نيپيئر ۽ سندس فوجن هنن خلاف ظلم ۽ ڏاڍ جي بازار گرم ڪئي. فرنگين سندن وفاداري جي بي قدري ڪئي ۽ اڻ مئيو خزانو لٽيو. اسان کي جنگي قيدي بڻائي پرڏيه ۾ قيد ڪرڻ جو فرنگين وٽ ڪو جواز ڪونه هو. فرنگين اسان پرامن امن ساٿ ڏيندڙ ميرن سان فريب ڪيو آھي. 6.5.1857: ممبئي سرڪار فيصلو ڪيو ته جيئن ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن (اسٽبلشمينٽ) جو انگ/تعداد ٻيڻو آھي, ان ڪري نه ته وڌيڪ ملازم رکيا ويندا ۽ نه وري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو ويندو 6.5.1927: هڊسن, سنڌ جي ڪمشنر اڄ ڪراچئ ۾ مسلمانن جي ٻئي نمبر جيمخاني "دي ڪراچي مسلم جيمخانه" جو افتتاح ڪيو. ان تي 30927 روپيا خرچ آيو. مالي ساهتا ڪرڻ وارن ۾ حاجي عبدالله هارون, غلام علي چاڳلا, يوسف علي علوي, آغا عبدالغفور, عثمان صالح محمد, طيب علي مانڊيوالا, غلام علي مانڊيوالا ۽ خانبھادر عبدالستار جا نالا ذڪر لائق آھن. ڪراچئ ۾ مسلمانن جو پهريون جيمخانو بوهرن 1900 ۾ قائم ڪيو هو. 6.5.1931: ڪراچئ ۾ مولانا محمد صادق کڏي واري جي صدارت ۾ مسلمانن جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ ٺھراء پاس ڪري مطالبو ڪيو ويو ته چونڊن لاء ھندن ۽ مسلمانن لاء الڳ الڳ تڪ نه ٺاهجن, پر گڏيل تڪن تان چونڊ ٿيڻ گهرجي. [هن جو مقصد اهو هو ته سنڌ کي مذھبي ڪئمپن ۾ ورهائڻ کان بچايو وڃي] 6.5.1940: مسجد منزلگاه مامري تي ٿيل خوني فسادن جي جاچ ڪرڻ لاء جوڙيل "جڊيشل انڪواري ڪميٽئ" اڄ کان بيان ۽ شاهديون رڪارڊ ڪرڻ شروع ڪيون. [هن ڪميٽئ سکر ۽ ڪراچئ ۾ ٻن مهينن ۾ 109 بيان رڪارڊ ڪيا هئا] 6.5.1947: هندستان جي ورهاڱي کان ٽي مهينا اڳ گانڌئ ۽ جناح جي اڄ ملاقات ٿي, جيڪا جناح جي گهر تي ٿي. ان ۾ پاڪستان بابت ڳاله ٻوله ڪئي وئي ۽ اٿندي امن قائم ڪرڻ لاء گڏيل اپيل جاري ڪئي وئي. [مطلب ته لڏ پلاڻ کي ٺڪرايو ويو ۽ چيو ويو ته جو جتي آھي, اتي هوندو. مگر هر ڪا ڌر امن قائم ڪندي]. 6.5.1961: پارليامينٽ يا آئين ساز اسيمبلئ کان آئين ٺھرائڻ بدران سرڪار جسٽس شھاب الدين جي اڳواڻئ ۾ ”ڪانسٽيٽيوشن ڪميشن“ جوڙي هئي. اڄ انھئ ڪميشن صدر کي آئين ٺاهڻ لاء تجويزون ڏنيون. 6.5.1990: ڪراچئ ڏانھن ايندڙ تيزگام ٽرين ۾ بم ڌماڪو ٿيو, جنهن ۾ يارنھن مسافر اڦٽ مري ويا ۽ ٽيتاليھ زخمي ٿي پيا. ************** {6 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 6 مئي 1935ع مصور / آرٽسٽ ڀڳوان ڪپور(ڪراچي /هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 6 مئي 1935ع شاعر هاسارام پيڻا جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 6 مئي 1941ع اديب گورڌن تنواڻي جو جنم ڏينهن آهي. 6 مئي 1945ع شاعر محمد شريف طالب جو جنم ڏينهن آهي. 6 مئي 1953ع شاعر عابد شاهه عابد جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 6 مئي 1957ع شاعر اسير ملاح جو جنم ڏينهن آهي. 6 مئي 1960ع اداڪاره سنگيتا ٻٽاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 6 مئي 1973ع صحافي رام ڪولهي (سامارو) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 6 مئي 1523ع وطن دوست مذهبي عالم حضرت مخدوم بلاول جو لاڏاڻو ٿيو. 6 مئي 1976ع صوفي شاعر فقير محمد سليمان جو لاڏاڻو ٿيو. 6 مئي 1995ع سگهڙ ڌڻي بخش ميمڻ جي وفات ٿي. 6 مئي 2019ع اداڪار محمد حسين قادري جي وفات ٿي. *************Dr.Pathan wishes you Good Day. [To love & respect human beings without any discrimination is greatness. One cannot qualify for that status if, his/her heart is full of and made of hatred. He\She will be always high risk for beauty & peace. He/She will prefer personal motives & interests more than human life & status] ماٹھون سمجھي ماٹھوء کي، اھو ئي اصلي آھ مھان، نفرت بغض مسهپ زندان،جوڙي جو ناهي سو انسان، سو ئي آھي خانئ خان، جو ڄاڻي ماٹي سونھن سلام کي. ************* SINDH IN HISTORY (6th May) Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan EVENTS: 6th May 1927: Sindh Commissioner inagurates ‘The Karachi Muslim Gemkhana’ at Karachi. It is second Gymkhana in Karachi by Muslims, first was of Bohra community. Inaugurated building costed Rs.30900/ and the fund was collected with donation of Haji Abdullah Haroon, Ghulam Ali Chagla, Yousif Ali Alvi, Agha Abdul Ghafoor, Usman Salih Muhammad,Tayab Ali Mandiwala and K.B.Abdul Sattar. 1931: Largely attended meeting of Karachi Muslims is held under the president ship of Moulana Muhammad Sadiq of Khada in which it is resolved that all Sindh Muslims were agreeable to ‘Sindh Pact’ which enunciated ‘Joint Electorates’, ‘Sindh Separation’ and ‘weight age for minority’. 1939: Subash Bose clarifies his position about tendering his resignation as the President of the All-India Congress .He says ‘Self-respect, honourand duty towards my country demanded that I should not surrender before will and wish of Mahatma Gandhi, but resign after having made all possible attempts to reach an honourable compromise 1940: Judicial Enquiry Committee starts recording statements and collecting evidences on the Sukkur riots during the Movement for Restoration of Masjid Manzilgah. This may kindly be noted that 109 statements were recorded in

No comments:

Post a Comment