Friday 26 May 2023

Sindh in history today (27th May). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {27th May} & Good Day Wish. ******************* 27 مئي جي حوالي سان ڪي واقعا ************ 27.5.1841: ٻيٽ منوڙي ۽ ڪراچئ تي قبضي ڪرڻ کان پوء انگريزن جون اکيون شڪارپور ۾ آھن. اڄ آئوٽرام پنهنجي سرڪار کي جيڪو خط لکيو آھي, ان مان اها ڳالھ پڌري آھي ته:1. مير نصير خان اصولي طور تي شڪارپور مان پنهنجو حصو ڌارين حوالي ڪرڻ لاء تيار آھي, رڳو کيس اپت جو چوٿون حصو ڏنو وڃي. 2. فرنگي سفارتڪار,سيد زين العابدين شاه ۽ سندس عزيزن کان خائف آھن. سيد گهراڻو شڪارپور ۽ ڪراچئ جي انتظام ۽ سياست تي وڏو عمل دخل رکندو هو ۽ ان ڪري انگريزن لاء مسئلا ٿي ٿيا. ان ڪري فرنگي ميرن جا ڪن ڀريندا ۽ سيدن جي شڪايت ڪندا رهيا. مطلب ته ڌاريا, اول عوام ۽ حڪومت جي خيرخواهن خلاف ٿي بيهندا آھن. 27.5.1843: نيپيئر جي انتظام ۽ ڪارڪردگئ بابت ليفٽيننٽ رٿبورن جي رپورٽ تي ڪمپني حڪومت اطمينان جو اظھار ڪندي, نيپيئر کي تاڪيد ڪيو ته سنڌ ۾ غلامئ وارئ رسم ۽ تجارت خلاف جوڳا اپاء وٺي. 27.5.1936: ڪراچئ ۾ ” سنڌ سينٽرل لٽريچر سوسائٽي" جوڙي وئي ته جيئن بامبي يونيورسٽئ طرفان سنڌي ٻولئ سان ٿيندڙ ماٽيلئ ماء واري سلوڪ خلاف آواز اٿارجي ۽ سنڌئ جي تاريخي, سماجي ۽ تدريسي حقن جي حفاظت ڪجي. هن تحريڪ ۾ پرنسپال شاهاڻي, ڄيٺمل پرسرام ۽ شيخ عبدالمجيد اڳواڻ ھئا. 27.5.1971: سنڌ ۾ ڊويزنل ۽ تعلقي ڪائونسلن کي ٽوڙيو ويو. 27.5.1980: " هاء ڪورٽون مارشل لا ريگيوليشنس خلاف ڪو حڪم ڏئي نه سگهنديون"- سرڪاري حڪم نامو جاري ڪيو. ملڪ جي سياسي ڀونچال ڪري پيدا ٿيل خطرناڪ صورتحال کان پاڻ کي محفوظ رکجو. قرب. * 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وائسراءِ ۽ هندستان جي گورنر جنرل سنڌ ۾ مقرر عملدار چارلس نيپيئر کي هدايتون جاري ڪيون ته سنڌ جي اڳوڻن حڪمرانن جون عورتون اسان لاءِ قابل احترام آهن، ان ڪري انهن جو مان مرتبو رکيو وڃي ۽ انهن سان عزت سان پيش اچڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. ** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان حڪومت اعلان ڪيو ته سنڌ مان ڀارت لڏي ويل ڪوبه سنڌي هندو جيڪڏهن واپس اچڻ چاهي ٿو ته ان کي قبول ڪيو ويندو. ** 1959ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڊاڪٽر رضيءُالدين صديقي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طور عهدو سنڀالي ورتو. ** 1964ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارت جو ناليوارو سياسي اڳواڻ ۽ وزيراعظم جواهر لال نهرو ديهانت ڪري ويو، سندس ڌيءَ انڌرا گانڌي هن جي وفات جي تصديق ڪئي، جواهر لال نهرو ڀارت جو سڌارا ۽ ترقي پسند اڳواڻ هو، جنهن ڀارت کي ماڊرن ملڪ بڻائڻ لاءِ وڏا قدم کنيا، سندس وفات جو ٻڌي وڏي انگ ۾ ماڻهو هن جي رهائشگاهه ٻاهران گڏ ٿي ويا ۽ کيس ڀيٽا پيش ڪندا رهيا، پاڪستان به جواهر لال نهرو جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو. ** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي سرڪار طرفان اعلان ڪيو ويو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ صدر ۽ صوبائي گورنرن طرفان پيش ڪئي ويندي. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پي اين اي طرفان بيان جاري ڪيو ويو ته حڪومت سان ڳالهين لاءِ ٽيبل ورڪ مڪمل ڪيو ويو آهي، ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت پاڪستان نيشنل الائنس جي اڳواڻن کي ڳالهين جي دعوت ڏني هئي. ** 1987ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بلوچستان جي اڳوڻي گورنر مير غوث بخش رئيساڻي ۽ سندس 5 گارڊن کي ڪراچي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. جنهن بعد رئيساڻي ۽ رند تڪرار ۾ وڌيڪ تيزي اچي وئي. ** 1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڳوڙ جاري رهيا، حيدرآباد ۾ وڳوڙن دوران 45 ۽ ڪراچي ۾ 22 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته ٻنهي شهرن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو. ** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو کي گرفتاري کان اڳ اپيل داخل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ڊپٽي رجسٽرار جو فيصلو رد ڪيو ويو.سپريم ڪورٽ رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن بينظير ڀٽو جي غيرموجودگي ۾ سزا ڏئي سگهجي ٿي ته پوءِ اپيل به داخل ڪري سگهجي ٿي، احتساب بينچ طرفان بينظير ڀٽو کي ڏنل سزا خلاف اپيل داخل ڪئي وڃي ۽ ان جي ٻڌڻي به ڪئي وڃي. ** 2004ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ آمريڪي ثقافتي مرڪز آڏو بم ڌماڪا ٿيڻ جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو ، جڏهن ته پوليس آفيسرن ۽ صحافين سميت 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڌماڪن ۾ استعمال ٿيل ٻن گاڏين جي مالڪن کي حراست ۾ ورتو ويو. ************* 27 مئي تي جن شخصيتن جي ولادت تي: 1.شاعر عبدالفتاح ”فائق“ (1908), 2. مسخرو نالي مٺو (1914), 3.ليکڪ اظھر جسڪاڻي (1973) ************* 27 مئي تي جن شخصيتن جي وفات ٿي: 1.مذھبي اسڪالر حبيب الله سنڌي نوشھرائي (1923), 2.خيرپور رياست جو مفتي سيد ميران شاه (1925), 3. سماجي ڪارڪن ۽ اسڪالر ڊاڪٽر خان محمد پنهور (1999), 4. صحافي اي.جي.چانڊيو (2007). Dr. Pathan wishes you Good Day. Translation into English: [ Though, you were very there in my heart since my creation, but It took centuries to see you. Dear! How many more centuries I have to wait to witness your beauty and avail your vision & wisdom? Dear! you are not only one, beautiful faces & hearts are everywhere. But, you are one second to none. Dear! let us create history and make history and set trend that human beings are born by love, they are for love and of love] ڈاکٹر درمحمد پٹھان. دل سے نینوں تک کے‎ ‎یوں سفر میں، اتنی صدیاں کیوں بیت جاتی ہیں؟ چہرے تو خوبصورت ھزاروں ہیں، چند صورتیں کیوں مگر لبھاتی ہیں؟ آہ و فغاں نہ کرو دوست تم ان سے،‏ زبانیں تو جدائی کا گیت گاتی ہیں. ‏‎ ‎ ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {27th MAY} EVENTS: 1843: The Governor-General of India directs Charles Napier that ‘ The separation of the women from Amirs appears so extraordinary and unnatural……It is essential to our character, that they should be treated with all respect and honor’. 1950:Who so ever Sindhi Hindu migrant desires to return back to Sindh, will be accepted. Government of Pakistan agrees. 1953: The decision of Tribunal regarding the Rawalpindi Conspiracy case is challenged in the Federal Court by accuesed in the case. 1959: Dr.Raziuddin Sidiqui takes over as the Vice Chancellor of Sindh University. 1964: Pakistan mourns death of Indian Prime Minister Pandit Nehru, who breathed his last today. 1969: Budget for the next financial year will be presented by the President and Governors. 1971:Divisional and Taluka Councils are dissolved in Sindh. 1976: Federal Minister for Industries & Kashmir affairs, Syed Qaim Ali Shah lays foundation stone of 1oo kw Radio station at Khairpur. 1977: PNA is doing Table Work for talks with the Government; it is announced by the party spokesman. 1987: Former Balochistan Governor, Mir Ghous Bux Raisani and his five guards are killed in Karachi. 1990: Forty five in Hyderabad and Twenty two in Karachi are killed. Curfew is imposed. 1980:High Courts are bar

No comments:

Post a Comment