Friday 19 August 2022

Sindh in history today (19th August). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (19th AUGUST) [ Sindh in history today (19th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ] 19th August BIRTH DATES Umed Ali Shah (Sukkur/Politician/1920) ‘Mail’ Sarwari (Poet/1937), Dr.Umar Memon (Deplo/Writer/1954), Fatih Muhammad Dahri (sandan/Journalist/1956), ‘Azad’ Hubdar Ali (Sita/Poet/1977), Anwar Jarwar (Khan Wah/Poet/1981) DEATH DATES Pir Mazharuddin Shah Rashdi (Tullah/Religious Scholar/1900), Ghulam Ali ‘Masroor’ (Shikarpur/Poet/1953), Lekhraj ‘Aziz’ (Hyderabad > India/Poet/1971), Makhdoom Abdul Hai (Rahro/Religious Scholar/1975) EVENTS 1843: Mir Sobdar Khan’s petition is forwarded to the Governor-General of India by the Bombay Government. In his petition, Mir has said that ‘with all my property, goods and things came into the plunder of the English Sahibs’. (Source: ‘Correspondence related to Sindh’.) 1857: Upper class of Sindh is pleased by various means so as to make them more loyal. That is why the Collector of Shikarpur disposed of the building with Zamindari rights of compound wall and garden for Rs.625, except the portion occupied by the Deputy Collector. (Source:Letter No.2694). 1945: The All-India Committee of Hindu Maha Sabha concludes its session in New Delhi after adopting their political resolution declaring the Constituent Assembly based on separate electorates was unacceptable. (Source: The Indian Annual Register,Vol-11, 1945). 1946: R.K.Sidhwa, Secretary of the Sindh Coalition Assembly Party and a Parsi Congress leader, in a statement refuted the suggestion which Mr. Jinnah made in his recent statement replying to Pandit Nehru, ‘that the Parsi organization is certainly not with the Congress’. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1946). . Research by Dr.Pathan. ( 19 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 19.8.1832: اڄ پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي خط لکي مير مراد علي (ميرپور خاص), مير رستم خان (خيرپور) ۽ حيدرآبادي ميرن جي پرڳڻن جا تفصيل لکي موڪليا ۽ اها صلاح به ڏني ته اسان جي فوج سنڌوندي ٽپي پارڪر جي لٽيرن خلاف وڙھي ته بهتر. انھئ ويڙھ ۾ ميرپور واري مير مراد علئ ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو آھي. (حوالو: پاٽينجر جو خط نمبر 127 .[مطلب ته پنهنجن کي مارائڻ ۾ پنهنجن وس وارن ئي سدائين ڌارين جو ساٿ ڏنو آھي] 19.8.1841: اڄ ڏکڻ سنڌ جي فرنگي اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ ليڪئيLeckie .J.D ڪمپني حڪومت ڏانھن انھئ ٺاه جي ڪاپي ڏياري موڪلي,جيڪو مير حسين علي خان ۽ مير شھداد خان وچ ۾ ٿيو هو ۽ ان ۾ فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ جو اثر ۽ عمل دخل هو. هئ ٺاه مير نور محمد جي وفات کان پوء شڪارپور جي وارثئ واري ورهاست بابت هئو. هن ٺاه ۾ اهو به جاڻايو ويو ته هي ٻئي ڀائر هڪ ٻئي جي شڪارپوري نوڪرن/نمائندن کي تنگ نه ڪندا ۽ پنهنجا اختلاف وڌڻ نه ڏيندا. 19.8.1842: افغانستان جون حالتون انگريزن جي حق ۾ ڪونه هيون. انھئ صورتحال مان ميرن به فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. اڄ حيدرآباد جي مير نصير خان پنهنجي شڪارپور واري ڊپٽئ/نمائندي کي هدايت ڏني ته بهاول ڪوٽ,مٺڻ ۽ سبزل ڪوٽ کان ايندڙ يا اوڏانھن ويندڙ ٻيڙين کي هلڻ نه ڏي. (حوالو: ويب تي رکيل ۽ انگريزئ ۾ لکيل ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جو ڪتاب Commerial Relation Between Britain and Sindh). 19.8.1843: نڀاڳي نيپيئر مياڻئ ۾ ميرن کي شڪست ڏيڻ کان پوء حيدرآباد قلعي کي لٽرايو ۽ ميرن جي گهرن کي ڦريو. مير جڏهن جنگي قيدي ٿي ملڪ بدر ٿيا ته اهڙي ظلم تي ماٺ ڪري نه ويٺا. مير صوبدار خان دانھيو. اڄ ممبئي سرڪار طرفان مير صوبدار خان جي درخواست/پٽيشن هندستان جي گورنر جنرل ڏانهن موڪلي. پنهنجي درخواست ۾ مير چيو ھو ته ‘منهنجي سموري ملڪيت ، سامان ۽ شيون نيپيئر جي فوجين ڦريون'. (حوالو: ڪتاب ‘Correspondence related to Sinde ’.) 19.8.1945: اڄ دهلئ ۾ آل انڊيا هندو مها سڀا جي ڪميٽئ ٺهراءُ پاس ڪيو ته "جداگانه انتخاب" جي بنياد تي قائم ڪيل ھندستان جي دستور ساز اسيمبلي قبول نه ڪئي ويندي. (حوالو: ڇهماهي رسالو "انڊين ائنيوئل رجسٽر ، سال 1945, واليوم 2). 19.8.1946: مسلم ليگ جي صدر محمد علي جناح پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته پارسي ڪانگريس سان گڏ ناهن. آر.ڪي. سڌوا پارسي هو ۽ سنڌ ڪانگريس جو فعال اڳواڻ ھو, تنھن قائد اعظم جي ڏنل بيان جو جواب ڏيندي چيو ته اهو بيان درست ڪونھي, منھنجو مثال ڪري وٺو ته مان پارسي به آھيان ۽ ڪانگريسي به آھيان. (حوالو: Indian Annual Register, سال 1946, واليوم ٻيو). ************** 19 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** [جنم ڏينهن]: 1920ع سياستدان اميد علي شاهه جيلاني (سکر). 1937ع شاعر مائل سروري. 1954ع ليکڪ ڊاڪٽر عمر ميمڻ (ڏيپلو). 1956ع صحافي فتح محمد ڏاهري. 1977ع شاعر آزاد حبدار علي (سيتا) . 1981ع شاعر انور جروار (خانواهه). [وڇوڙو]: 1953ع صوفي شاعر غلام علي مسرور (شڪارپور). 1971ع شاعر ليکراج عزيز

No comments:

Post a Comment