Saturday 27 August 2022

Sindh in history today (28th August). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (28th AUGUST) 28th August BIRTH DATES Aneeta Kamal ‘Piyasi’ (Loralai > Baroch/Poetess/1931), Bhojraj Vichani (Dabhro > Mumbai/Writer/1937), Birj Mohan (Jagan > Mumbai/Writer/1939), Pir Bux ‘Piyasi’ (Tando Muhammad Khan/Poet/1942), Shiv Kumar Sharma (Ahmadabad/Artist/1950), Habib-u-Rahman ‘Habib’ Soomro (Dargah Imam Bux/Poet/1960), Amar Sindhu – Real name Salman Laghari (Mirpurkhas/Poetess & University teachers’ leader/1068), Mir Barkat Katohar (Thull/Social worker/1978) DEATH DATES His Highness Mir Shadad Khan Talpur (1857), Allama Muhammad Qasim Mashori (Sahib Khan Mashori/Religious Scholar & Saint/1990), Khowaja Abdul Rasool Ratar (Noorpur/Saint/2005) EVENTS 1920: Hyderabad is witnessing very important political atmosphere for two days with effect from today. Both days public meetings and conference is held in the city. The day begins with political activity of Sindh Khilafat Committee. Public meeting is held with aim to create public opinion in favor of the Non-Cooperation movement. Special Sindh Provincial Conference is also held in the city and its all details are available at Gul Hayat website. (Source: Newspapers) 1928: Dr.Ansari presides over All Parties Conference at Luck now to discuss the ‘Nihru Report’. (Source: Book on All Parties Conference). 1948: In the meeting of the ‘Muhajir Council’ presided over by Liaquat Ali Khan, the Prime Minister of Pakistan, it is decided that 2,00,000 Indian Muslim migrants waiting in Punjab camps will be settled in Sindh. (Source: Newspapers). 1952: DSP, Khan Najaf Khan is served upon Charge Sheet by the Punjab Government in connection with the murder of Liaquat Ali Khan, ex-Prime Minister of Pakistan. (Source: ibid). 1964: Z.A.Bhutto, Foreign Minister of Pakistan is awarded with ‘Order of Hamayoon’ [First Class] by Shah of Iran for rendering valuable services in connection with Regional Cooperation for Development [RCD]. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). Sindh in history today (28th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 28 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 28.8.1920: انگريزن کان جان ڇڏائڻ لاء اسان جا وڏڙا ڪنهن بيروني يا آسماني طاقت تي ڀاڙي سياست کان پاسيرا ٿي نه ويٺا. پر جنهن کان پڳو انهئ سياست جي دونهين دکائي. اڄ حيدرآباد ۾ ٻه وڏا سياسي واقعا ٿيا. پهريون هئ ته سنڌ سطح جي سياسي اڳواڻن "اسپيشل سنڌ صوبائي ڪانفرنس" ڪئي. انھئ جا مڪمل تفصيل اوهان کي گل حيات جي ويب سائيٽ تي ملي ويندا. حيدرآباد ۾ ساڳي وقت تي ٻي سياسي سرگرمي "سنڌ خلافت ڪميٽئ" ڪئي. انھئ طرفان عوامي ميڙاڪو ڪري عوام کي تاڪيد ڪيو ته فرنگي سرڪار خلاف "عدم تعاون/نان ڪو آپريشن جي تحريڪ" ۾ ڀرپور حصو وٺو ڇو ته عوام-دشمن حڪومت سان دوستي وطن سان دشمنئ برابر ٿيندي. 28.8.1928: انگريز عوام کي قسطن ۾ حق ڏيندا هئا ۽ هر ڏهين سال کان پوء آئيني سڌارا آڻيندا هئا. سرڪار 1919ع ۾ سڌارا آڻي چڪي هئي. هاڻي نوان سڌارا اچڻ وارا هئا. پر هندوستان جي سياستدانن مناسب ڄاتو ته پاڻ ۾ ملي ٻوڙو ٻڌي آچار ڪري, سرڪار اڳيان پنهنجي حقن جي ڳالھ ڪريون. ان تي نهروء هڪ رپورٽ ٺاهي, جيڪا "نهرو رپورٽ" جي نالي سان مشهور آھي. اڄ لکنو ۾ ڊاڪٽر انصارئ جي صدارت هيٺ ”آل پرٽيز ڪانفرنس" ٿي ته جيئن "نھرو رپورٽ" تي غور ويچار ڪجي. هن ڪانفرنس ۾ سنڌ جا سياستدان به شامل ٿيا, ڇو ته سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ بابت اسم به ڪانفرنس جي ايجنڊا ۾ شامل هو. 28.8.1948: ملڪ جي وزير اعظم لياقت علي خان جي صدارت ۾ ”مهاجر ڪائونسل" جي گڏجاڻي ٿي. ان ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انڊيا کان آيل ٻه لک پناهگير جيڪي پنجاب پهچي چڪا آھن, انهن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويندو. 28.8.1952: لياقت علي خان جي قتل جي حوالي سان ڊيوٽي حاضر ڊي.ايس.پي خان نجف خان کي چارج شيٽ ڪيو ويو. 28.8.1964: پاڪستان جي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽي کي ايران جي شھنشاه "فرسٽ ڪلاس آرڊر آف همايون" جو تمغو ڏنو.[ڀٽي پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪري پرڏيھ ۾ ته نالو ڪمايو, پر هن سنڌئ جو ڏيھ ۾ اهو قدر ٿيو جو کيس ڦاهي چاڙھيو ويو] *************** 28 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 28 آگسٽ 1931ع شاعره انيتا ڪمال پياسي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 28 آگسٽ 1937ع ليکڪ ڀوڄ راڄ وڇاڻي (سنڌ / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 28 آگسٽ 1939ع ليکڪ برج موهن (جاڳڻ / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 28 آگسٽ 1942ع شاعر پير بخش پياسي (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي. 28 آگسٽ 1950ع اداڪارشِو ڪمار شرما (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 28 آگسٽ 1950ع صحافي ۽ ڪمپيئر اسلم آزاد(حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 28 آگسٽ 1960ع شاعر حبيب سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 28 آگسٽ 1965ع اداڪار احمد حسين ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 28 آگسٽ 1968ع ليکڪا، شاعره ۽ سنڌ يونيورسٽئ جي استادياڻئ امر سنڌوجو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 28 آگسٽ 1857ع سنڌ جي اڳوڻي حڪمران مير شهداد علي خانجي وفات ٿي. 28 آگسٽ 1990ع مذهبي اسڪالر ۽ بزرگ علامه محمد قاسم مشوري جو لاڏاڻو ٿيو. 28 آگسٽ 2002ع راڳي شفيع محمد جمنجو انتقال ٿيو. 28 آگسٽ 2005ع نورپور سان تعلق رکندڙ بزرگ خواجه محمد عبدالرسول رتڙ جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment