Monday 8 August 2022

Sindh in history today (9th August). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (9th AUGUST) [ Sindh in history today (9th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ] 9th August BIRTH DATES Ghazi Muhammad Ayoob Shar (Sikandarabad/Writer, & Social Worker/1933), Prof. Badaruddin Larik (Naushero Feroz/Text Books writer/1941), Muhammad Bux ‘Shad’ (Tharri/Poet/1951), Muhammad Qasim Malah (Malak/Writer/1953), Nasir Aijaz (Bhirya City/Journalist & Writer/1954), Rahmatullah ‘Joni’ (Poet/1963), (Imtiaz Ali Kalhoro (Garhi Khda Bux/Poet/1966), Rahim Bux ‘sajan’ (Shikarpur/Poet/1968), Hansika Motwani (Mombai/Actress/1991), DEATH DATES Nazir Abbasi (Political Activist/1980) EVENTS 1843: Governor-General of India acknowledges and offers his comments on Charles Napier’s correspondence with Sindh Rulers before the fall of Hyderabad . (Source: Letter No.298). 1844: Government of India approves action of the Sindh Governor to bring the 39 ringleaders of the 6th Regiment, N.1, to trial before a general Court Martial (Source: letter No.169). 1942: All-India Congress Committee launches ‘Quit India’ Movement. Sindh Congress played its praiseworthy role. (Source: Newspapers). 1947: First outrage is committed on Pakistan Special Train. The railway line is blown up 15 miles west of Bhatinda. (Source: Newspapers). 1957: Lahore to remain Head Quarter of the West Pakistan . No need of shifting it to any other place, declares the Governor Akhtar Hussain. (Source: ibd). 1967: The World Bank approves a loan of 35 million dollar to the Pakistan Industrial Credit & Investment Corporation (PICIC). Sindh has still not produced an scholar/ Economist who can work on all aids and loans received by the Pakistan Government and their Sector-wise and province-wise utilization from 1947 to date. (Source: Newspapers). 1971: Mujeeb will be tried by a Special Military Court for waging war against Pakistan (Source: Newspapers). 1972: Crack down on Sindhi Nationalists. PPP Government makes large scale arrests in the length and breadth of Sindh. G.M.Syed is also arrested. (Source: ibid). 1973: NAP decides to join UDF’s civil disobedience campaign from 24th August. (Source: ibid). 1977: 43 PPP workers are arrested in Lahore for disturbing PNA leaders meeting. (Source: ibid) . Research by Dr.Pathan. ( 9 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 9.8.1843: نيپيئر ٺڳئ ۽ بي ايمانئ سان سنڌ کي غلامئ جي زنجيرن ۾ جڪڙيو ۽ غلام سنڌ جو پهريون گورنر به ٿيو پر, اها فريب واري فتح ھن جي خوارئ جو سبب ٿي, تان جو ان تي برطانيه جي پارليمينٽ ۾ بحث به ٿيو. هن نڀاڳي واپاري حڪومت لاء اهو سڀ ڪجھ ڪيو. انھئ ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت به هن کان هڪ کان وڌيڪ دفعا صفائي ورتي. اڄ وري اها ئي سرڪار نيپيئر کي دلداري ڏئي ٿي ۽ کيس ٻڌائي ٿي ته جنگي قيدي ميرن توتي برابر الزام ته هنيا آھن, ليڪن تون ۽ تنھنجا فوجي صاف ۽ پاڪ آھيو.(حوالو: گورنر جنرل جو مراسلو نمبر 298). 9.8.1844: چوندا آھن ته مظلوم مظلوم جو ساٿي ٿيندو آھي. سنڌ جي تاريخ اهو واقعو هن طرح پنهنجي سيني ۾ سانڍيو آھي ته بنگال ڇهين ريجمينٽ جي 39 فوجين نيپيئر جي حڪمن مڃڻ ۽ سنڌ ۾ فوجي ڪاروائئ ۾ حصي وٺڻ کان انڪار ڪيو هو. نيپيئر اهو زهر جو ڌڪ ته ڀري ويو, نانگ وانگر وير وٺڻ لاء گورنر جنرل کان هنن فوجي سپاهين کي ڪورٽ مارشل ڪرڻ لاء اجازت گهري. اڄ ڪمپني حڪومت کيس اهڙي اجازت ڏني. (حوالو: نيپيئر ڏانھن موڪليل مراسلو نمبر 199). 1942: آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽئ ‘هندستان ڇڏيو’ تحريڪ جو آغاز ڪيو. سنڌ ڪانگريس ان ۾ پنهنجو تعريف لائق ڪردار ادا ڪيو. خانبھادر الله بخش شھيد به انھن ڏهاڙن ۾ پنهنجو لقب ڦٽو ڪيو هو, فرنگي سرڪار انھئ کي بھانو بنائي هن سان دشمني ڪئي. مسلم ليگي ماڻھن سومري جي هن قدم مان فائدو وٺي کيس ڪانگريس-دوست سڏيو. (ذريعو: اخبارون). 9.8.1947: پاڪستان ايندڙ پناهگيرن جي خاص ٽرين تي حملا ٿيا. ان لاء ڀٽنڊا جي 15 ميل اولھ ۾ ريلوي جي پٽڙي اڏائي وئي. (ذريعو: اخبارون). 9.8.1957: " لاهور ئي اولهه پاڪستان حڪومت جو هيڊ ڪوارٽر رهندو. ان کي ڪنهن ٻئي هنڌ هيڊ ڪوارٽر منتقل ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي" ، گورنر اختر حسين جو اعلان (حوالو: اخبارون) 9.8.1971: "مجيب پاڪستان جي خلاف جنگ وڙھڻ شروع ڪئي آھي. ان ڪري هن تي اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هلائبو"- سرڪاري ڌريون (حوالو: اخبارون). 9.8.1972: سنڌي قومپرستن خلاف پيپلز پارٽي سرڪار رڻ ٻاري ڏنو. سنڌ جي طول و عرض ۾ وڏي پئماني تي گرفتاريون شروع ڪيون ويون. جي ايم سيد کي به گرفتار ڪيو ويو. (حوالو: اخبارون) 9.8.1973: اين اي پي فيصلو ڪيو ته 24 آگسٽ کان UDF سان ملي سول نافرماني جي مهم هلائبي. (حوالو: اخبارون) 9.8.1977: پيپلز پارٽئ جي جيالن پي اين اي اڳواڻن جي اجلاس کي بگاڙيو ۽ ڀڃ ڊاه ڪئي. ان ڪري پيپلز پارٽي جا 43 ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا. (حوالو: اخبارون) *************** ولادتون ۽ وفاتون *************** [جنم]: 9 آگسٽ 1884ع شاعر ۽ خيرپور رياست جي اڳوڻي حڪمران مير علي نواز ناز. 9 آگسٽ 1933ع ليکڪ ۽ سماجي ورڪر غازي محمد ايوب شر . 9 آگسٽ 1941ع ليکڪ پروفيسر بدرالدين لاڙڪ (نوشهرو فيروز). 9 آگسٽ 1951ع شاعر محمد بخش شاد. 9 آگسٽ 1953ع اديب، شاعر، صحافي ۽ ٽي وي پروڊيوسر اعجاز عليم عقيلي. 9 آگسٽ 1953ع ليکڪ محمد قاسم ملاح . 9 آگسٽ 1954ع ليکڪ، ڪالم نگار ۽ صحافي نصير اعجاز (ڀريا). 9 آگسٽ 1963ع شاعر رحمت الله جوڻي. 9 آگسٽ 1991ع باليووڊ جي سنڌي اداڪاره هنسيڪا موٽواڻي. [وڇوڙو]: 9 آگسٽ 1980ع شهيد نذير عباسي. 9 آگسٽ 1980ع فوجي آمر ۽ اڳوڻو صدر پاڪستان يحيى خان. 9 آگسٽ 2017ع شاعر ۽ اديب ناطق ڳيريلائي [ محمد صالح چنا]

No comments:

Post a Comment