Sunday 14 August 2022

Sindh in history today (15th August). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (15th AUGUST) [ Sindh in history today (15th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ] 15th August BIRTH DATES Esardas Raisinghani (Politician/1887), Naraidas Malkani (Freedom Fighter & writer/1890), Allah Bux Gabol (Karachi/Freedom Fighter/1895), Muhammad Ayub Khuhro (Aqil/Freedom Fighter, Sindh Chief Minister, Federal Minister & promoter of accepting and imposing One-Unit Schem on Sindh/1901), Anjum Halai (Poet/1902), ‘Ghani’ Kazi (Poet/1914), Bhojraj Chhabra (Shikarpur > Indore/Writer/1924), Relo Gihani (Writer/1929), Murad Ali Mirza (Tando Agha/Writer/1929), Dr.Bhagwandas Manghani (Social worker/1931), Arshad Halai (Manjhand/Poet/1932), Anand Tahiramani (Mehar > Baroda/Writer/1932), Tej Qabil (Dadu > Gandhidham/Poet/1932), Valiram Kishnani (Nawabshah > Gopal Pari/Poet & Artist/1937), Kumar Tejwani (Khan Wahan > Ulhasnagar/Writer/1937), Tulsi Naryani (Moro > Jaipur/Singer/1938), Muhammad Ali Hadad (Khairpur/Writer/1939), Madad Ali Shah ‘Manzar’ (Mahota/Poet/1942), Dr.Adal Soomro (Sukkur/Poet & Scholar/1955), Dost Ali Jessar (Journalist/1956), Tahir Jamro (Writer/1958), Taslim Memon (Darbelo/Writer/Writer/1958), Abdul Aziz ‘Asar’ (Poet/1959), Khalid Chandio (Bhanbho Chandio/Writer & labour leader/1961), Vimi Ramchand Sadarangani (Adipur/Poetess/1971), Ali Zahid (Poet/1973), Waeem Gabol (Jarwar/Poet/1983), DEATH DATES Ain Qaf Shaikh (Hyderabad/Artist & Writer/1991), Abdul Razaq Mahar (Mahar/Fiction writer/2002). EVENTS 1888: The ‘Social Reforms Association’ of Hyderabad is registered under ‘Company Act-V1 of 1884’. The NGO was formed by Sadhu Hiranand, Raj Rashi Dyaram Gidumal, Diwan Navalrai, Diwan Tarachand and Khouromal Chandanmal Khilnani. This NGO established and run more than five girls schools in Hyderabad. (Source: Books on biographies of Sadhu Hiranand & Dyaram Gidumal). 1922: Sindh observes ‘Ghazi Kamal Pasha Day’ on the call of the Sindh Khilafat Committee. All branches hold public meetings and condemn anti-Turkey designs of countries those have imposed war on Turkey also. Speakers paid homage to the great leader of Turky and highlighted his life and achievements. (Source: The Daily Al-Wahid). 1947: Quaid-i-Azam Muhammad Ali Jinnah takes oath as the Governor-General of Pakistan. The oath is administered by Justice A.Rashid, Chief Justice of Lahore High Court. Liaquat Ali Khan forms his cabinet consisting of Sardar Abdul Rab Nishtar, Raja Ghazanfar Ali, Fazul Rahman, I.I.Chundrigar, Ghulam Muhammad and Jagandar Nath. No Sindhi is included in the cabinet. However the capital of Pakistan will be in Sindh. (Source: Newspapers). 1975: Bengalis kill their father of nation. Shaikh Mujeeb who fought for independence of his country is killed by army of his own country. (Source: Newspapers) 1984: There is fight for all between Sindh and Punjabi students of Sindh Medical College, Karachi. Punjabi Medicos demanded FIRs to be lodged and Sindhi students to face trial for so many days the issue got full coverage of the press. Hafiz Muhammad Ismail of Khada, editor of Al-Sadiq decided to to bring ‘Al-Sadiq Sindh Medicos’ Number’. Hafiz Muhammad Sidik Memon collected posters, pamphlets and other relevant literature ad Dr. Dur Muhammad Pathan made draft and compiled material. Government got the information and the press where the material was under printing press was taken in custody by the police. Hafiz Muhammad Ismail was arrested and he saved skin of Dr.Dur Muhammad Pathan and Hafiz Muhammad Sidik by giving statement that he was all alone for collection and compilation of the ‘Number’ under print. Research by Dr.Pathan. ( 15 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 15.8.1839: ايسٽ انڊيا ڪمپنئ فيصلو ڪيو ته سنڌوندئ کي آبي آمدرفت لاء ڪم آڻجي. ان ڪري اڄ اتر سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ راس بيل کي لکيو ويو ته انھئ منصوبي تي ڪم شروع ڪريو ۽ حڪومت ليفٽيننٽ ووڊ کي ان لاء "انڊس نيويگيشن“ جو سپريڊنٽ مقرر ڪرڻ گهري ٿي. 15.8.1840: اڄ شڪارپور جي اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ خط ذريعي راس بيل کي ٻڌايو ته ڪئپٽن برائون کي ڇڏائڻ لاء ميجر ڪلبورن جي اڳواڻئ ۾ فوجي دستو ڪوهان موڪليو پيو وڃي ۽ هن سان سيد بچل شاھ نالي هڪ بااثر ماڻھون به موڪلبو. [ سيد ميڙ وٺي وڃڻ جي چال انگريزن به هلي]. (حوالو: اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ جو خط نمبر 400) 15.8.1888: اڄ حيدرآباد جي ’سوشل رفارمس ايسوسيئيشن‘ کي ’ڪمپني ايڪٽ V1 آف 1884‘ تحت رجسٽرڊ ڪرايو ويو. هئ اين جي او جن قائم ڪئي,اهي هئا: ساڌو هيرانند ، راجي رشي ڏيارام گدومل ، ديوان نولراءِ ، ديوان تاراچند ۽ ڪوڙومل چندنمل کلناڻي. هن اين جي او حيدرآباد ۾ پنجن کان وڌيڪ گرلز اسڪول قائم ڪيا ۽ هلائيندا. (حوالو: ساڌو هيرانند ۽ ڏيارام گدومل جي سوانح عمري تي ڪتاب). 15.8.1922: سنڌ خلافت ڪميٽي جي سڏ تي اڄ سنڌ ۾ ‘غازي ڪمال پاشا ڏينهن’ ملهايو ويو. خلافت جي سڀني شاخن عوامي ميڙاڪا ڪيا .مقررين ترڪي جي عظيم اڳواڻ کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ ان جي زندگي ۽ ڪاميابين تي روشني وڌي. (حوالو: روزنامه الوحيد). 15.8.1947: قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جي گورنر جنرل جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو. هن کان حلف جسٽس اي رشيد ، چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ کڻايو. لياقت علي خان پاڪستان جي وزير اعظم طور پنهنجي ڪابينه ٺاهي جنھن ۾ سردار عبدالرب نشتر ، راجا غضنفر علي ، فضل الرحمان ، آءِ جي آءِ چندريگر ، غلام محمد ۽ جگندر ناٿ کي شامل ڪيو. ڪوبه سنڌي ڪابينا ۾ شامل نه ڪيو ويو. (ذريعو: اخبارون). 15.8.1975: شيخ مجيب جيڪو پنهنجي ملڪ جي آزادي لاءِ وڙهيو ۽ ملڪ آزاد ڪرايائين, اڄ پنهنجي ئي ملڪ جي فوج پاران قتل ڪيو ويو. (حوالو: اخبارون) 15.8.1984: سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ، ڪراچي ۾ پنجابي ۽ سنڌي شاگردن وچ ۾ سخت جهيڙو ٿيو. پنجابي ميڊيڪوز مطالبو ڪيو ته سنڌي شاگردن خلاف ايف آءِ آر درج ڪئي وڃي. ڪيترن ڏينهن کان ان مسئلي کي پريس جي ڀرپور ڪوريج ملي وئي. ڪراچي جي "الصادق" رسالي جي ايڊيٽر حافظ محمد اسماعيل ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي مشوري سان ‘الصادق" جو "سنڌ ميڊيڪوز نمبر" ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو. حافظ محمد صديق ميمڻ پوسٽر ۽ پمفليٽ هٿ ڪيا.ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ "سنڌ ميڊيڪوز نمبر" مسودو لکيو. رسالو پريس ۾ ڇپجي رهيو هو ته حڪومت کي کڙڪ پئجي وئي ۽ پوليس پريس تي ڇاپو هڻي منهنجي هٿ سان لکيل مواد قبضي ورتو ۽ ان کان پوء حافظ محمد اسماعيل ۽ حافظ محمد صديق ميمڻ کي گرفتار ڪيو ويو. هنن ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي بچائڻ لاء اها سچي نه ڪئي ته "الصادق جو اهو اسپيشل نمبر" ڪنهن جو لکيل ۽ ترتيب ڏنل آھي. هنن ڪيترو عرصو انھئ ڪيس ۾ تڪليفون ڏٺيون. *************** 15 آگسٽ تي جنم يا وفات وٺندڙ. *************** [ جنم ڏينهن]: 1769ع فرانس جي سپهه سالار ۽ شهنشاهه نپولين بوناپارٽ. 1887ع سياستدان ايسرداس رائسنگهاڻي. 1890ع ليکڪ ۽ سياستدان نارائڻ داس ملڪاڻي (حيدرآباد). 1895ع آزادي لاء جدوجهد ڪندڙ الله بخش گبول (ڪراچي). 1902ع شاعر انجم هالائي. 1914ع شاعر غني قاضي. 1924ع ليکڪ ڀوڄراڄ ڪرمچند ڇاٻڙا(شڪارپور / اندور). 1929ع ليکڪ ريلو گيهاڻي. 1932ع ليکڪ آنند ٽهلاراماڻي(ميهڙ / بڙودا). 1932ع ڪهاڻيڪار تيج موٽومل ڀاڳچنداڻي(دادو / ڪڇ). 1932ع شاعر ارشد هالائي(مانجهند). 1937ع شاعر وليرام ڪشناڻي (نوابشاهه / هندستان). 1937ع ليکڪ ڪرمچند ڪمار تيجواڻي (خانواهڻ / الهاسنگر). 1938ع اداڪار ۽ گلوڪار تلسي ناياڻي(مورو / جئپور). 1939ع خيرپور سان تعلق رکندڙ ليکڪ محمد علي حداد. 1949ع شاعر افضل قادري.1952ع شاعر صديق جوڻيجو. 1952ع صحافي محمد نواز جسڪاڻي. 1955ع شاعر ڊاڪٽر ادل سومرو(سکر). 1956ع ليکڪ دوست علي جيسر. 1958ع ليکڪ طاهر ڄامڙو. 1958ع ليکڪا تسليم ميمڻ (درٻيلو). 1959ع شاعر عبدالعزيز اثر سنڌي(جهمپير). 1961ع سياستدان ۽ مزدور اڳواڻ خالد چانڊيو. 1971ع شاعره ومي سدا رنگاڻي (آديپور). 1973ع شاعر علي زاهد (خانپور). [وڇوڙو]: 1975ع بنگلاديش جي باني ۽ وزير اعظم شيخ مجيب الرحمان. 1980ع ليکڪ ۽ تعليمدان الهه بخش نظاماڻي. 1991ع ليکڪ ع ق شيخ (حيدر آباد). 2002ع ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار رزاق مهر.

No comments:

Post a Comment