Saturday 20 August 2022

Sindh in history today (20th August). By.Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (20th AUGUST) [ Sindh in history today (20th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan.] 20th August BIRTH DATES Shah Muhammad ‘Ajab’ (Dhamraha/Poet/1924), Dr.Madad Ali Qadri (Larkano/Scholar/1933), Ghulam Hyder Nizamani (Hayat Nizamani/Singer/1933), Moti Kalwani (Sindh > Baroda/Artist/1942), Shamsuddin Qazi (Bakho Khuhawar/Political Activist/1952), Khadim Ali ‘Mushahid’ (Abri/Poet/1956), Nawaz Soomro (Poet/1960), Renoka Ramchandani (Mumbai/Dancer/1961), Hakeer Rind (Shahpur Chakar/Poet/1966), Ghulam Shabir Depar (Menho Depar/Poet/1970), S. Imdad Bukhari (Sujawal/Poet/1974), Yaseen Mashori (Daim Khan Mashori/Journalist/1976), Shahid Kaloi (Bahadur Kaloi/Writer/1985). DEATH DATES Syed Hizbullah Shah ;Miskeen; Takht Dhani (Saint Poet/1890), Hassan Ali Effendi (Karachi/Founder of Sindh Madressah/1895), Com.Ghulam Qadir Junijo (Dokri/Political Activist/2011) EVENTS 1838: The Government of India asks Colonel Pottenger to apprise it of result of his negotiations with Sindh Rulers and suggest the Government the best mode of transmitting troops to Sindh and what extent of transport would be obtained either at mouth of Indus or at Thatta. (Source: Letter No.143). 1839: In his minutes, the Governor-General of India records his views about army of Indus and its political prospects.(Source: indicated). 1919: It is the victory of the Allies, but our Upper Class is running and rushing to congratulate Government! Udernomal Kauromal (Vice President of the Taluka Local Board Jamesabad), Mukhi Ganoomal ( of Jamesabad) and Parsaram Banbumal ( of Jamesabad) send the message of congratulation to the Government of Bombay. (Source: The Sindh Official Gazette). 1921: Aman Sabha is formed at Rohri to support Government and combat Non-Co-Operation Movement launched by the Sindh Khilafat and Congress. Syed Ali Akbar Shah is elected President. Whereas Pleader Hassanand, Seth Chandiram and Radha Kirshan are elected as Vice President, General Secretary and Treasurer respectively (Source: The Daily Gazette). 1923: Lalchand Amardinomal Jagtiani started conducting classes on the life, achievements and poetry of Shah Abdul Latif Bhitai. Arrangement is made in the Night School of Preem Mandli of Karachi (Source: The Daily Gazette). 1972: Council Muslim League terms ‘Simla Agreement’ as set back to the ideology of Pakistan (Source: Newspapers). "سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(20 آگسٽ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ڪجھ واقعا] 20.8.1838: ڪمپني سرڪار اڄ ڪرنل پاٽينجر کان معلوم ڪيو ته هن جي سنڌ جي حڪمرانن سان ڳالهين جو ڪهڙو نتيجو نڪتو ۽ فرنگي فوج سنڌ ڏانهن موڪلڻ جو بهترين طريقو ڪهڙو هوندو ۽ سنڌوندئ جي ڇوڙ ۽ ٺٽي کان انھئ جي سامان ڍوئڻ جو ڪهڙو بندوبست ٿي سگهي ٿو. (حوالو: ڪمپني سرڪار جو مراسلو نمبر 43). 20.8.1839: ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل پنهنجي منٽس Minutes ۾ سنڌو ۾ فوج پهچائڻ, رکڻ ۽ ان جي سياسي امڪانن بابت پنهنجا ويچار رڪارڊ ڪيا. [فرنگين جي اها انتظامي روايت هوندي هئي ته هو جيڪو به فوجي يا سياسي قدم کڻندا هئا ته اهي رڪارڊ تي رکندا هئا.] 20.8.1841: ڪمپني حڪومت جو گورنر جنرل اڄ “سيڪريٽ ڪميٽئ" کي لکي ٻڌائي ٿو ته مير شير محمد خان اسان جي آئوٽرام سان معاهدو ڪيو آھي ته هو سنڌ ۾ فوج رکڻ لاء اسان کي ساليانو پنجاه هزار رپيا خراج ڏيندو ۽ پرڳڻن بابت حيدرآبادي ميرن سان مامرا اسان جي پوليٽيڪل ايجنٽ جي فيصلن جي روشنئ ۾ حل ڪندو. (حوالو: مراسلو نمبر 64). 20.8.1919: اتحادين جي فتح ٿي ۽ ترڪئ کي شڪست آئي ته سنڌ جي سرڪاري ۽ درٻاري ماڻھن جو مڪو مچي ويو. هنن تارون ڪري فرنگي سرڪار کي مباڪن مٿان مبارڪون ڏنيون. اڄ جن سرڪار کي مباڪباد جون تارون موڪليون، اهي آھن: اڏيرومل ڪوڙومل (تعلقي لوڪل بورڊ جيمس آباد جو نائب صدر) ، مکي گنومل (جيمس آباد) ۽ پرسارم بنبومل (جيمس آباد). (ذريعو: دي سنڌ آفيشل گزٽ). 20.8.1921: اڄ روهڙئ ۾ سرڪار-پرست سياسي پارٽي "امن سڀا" قائم ڪئي وئي. امن سڀا ان ڪري قائم ڪئي وئي ته جيئن خلافت ۽ ڪانگريس پاران شروع ٿيندڙ عدم تعاون تحريڪ کي روڪي سگهجي ۽ عوام کي سرڪار خلاف هلندڙ تحريڪن کان پري رکجي. سيد علي اڪبر شاهه کي امن سڀا جو صدر چونڊجي ويو, جڏهن ته وڪيل هاسانند ، سيٺ چنديرام ۽ راڌا ڪرشن کي بالترتیب نائب صدر ، جنرل سيڪريٽري ۽ خزانچي طور چونڊيو ويندو آهي. (حوالو: ڊيلي گزيٽ). 20.8.1923: لالچند امرڏنيمل جڳتياڻي شاه عبداللطيف ڀٽائي جي زندگي ۽ شاعرئ تي ڪلاس وٺڻ شروع جو آغاز ڪيو. ڪراچي جي پريم منڊلي جي نائيٽ اسڪول ۾ انھن ڪلاسن جو انتظام ڪيو ويو. هن ڪيترو عرصو اهي ڪلاس ورتا. (حوالو: ڊيلي گزيٽ اخبار). 20.8.1972: اڄ ڪائونسل مسلم ليگ ”شمله معاهدي“ کي نظريه پاڪستان خلاف هڪ سازش قرار ڏيندي, ان تي سخت تنقيد ڪئي. (حوالو: اخبارون) { 20 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1924ع شاعر شاهه محمد عجب. 1933ع اسڪالر ڊاڪٽر مدد علي قادري. 1933ع اديب، شاعر، محقق ۽ نقاد رشيد ڀٽي. 1933ع لطيف جي راڳي غلام حيدر نظاماڻي. 1942ع اداڪار موتي ڪلواڻي (بڙودا). 1945ع راڳي اشرف علي ٻرڙو(قنبر). 1952ع سياسي ورڪر شمس الدين قاضي. 1956ع شاعر خادم علي مشاهد. 1960ع شاعر نواز سومرو. 1966ع شاعر حقير رند. 1970ع شاعر غلام شبير ڏيپر. 1974ع شاعر امداد بخاري (سجاول). 1976ع صحافي ياسين مشوري. [وڇوڙو]: 1890ع صوفي شاعر سيد حزب الله شاهه مسڪين تخت ڌڻي. 1895ع سماج سڌارڪ ۽ سنڌ مدرسي جي باني حسن علي آفندي. 1988ع سياستدان، سماجي ۽ مذهبي شخصيت ارباب الهجڙيو. 2011ع سماجي ورڪر ڪامريڊ غلام قادر جوڻيجو (ڏوڪري).

No comments:

Post a Comment