Friday 5 August 2022

Sindh in History today (6th August). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (6th AUGUST) [Sindh in history today (6th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan.] 6th August BIRTH DATES Makhdoom Abdul Latif Thattvi (Religious Scholar/1712), Seth Harchandrai Vishindas (Karachi/Freedom Fighter & president Sindh Hindu Sabha/1862), Dr.Pohomal Esardas (Politician/1913), Prof. K.D.Soomro (Larkano/Great Mathemician/1950), Inamullah Mahesar (Rafiq Mahesar/Social worker/1969), Yousif Laghari (Lundo Sharif/Poet/1967) DEATH DATES Moulvi Abdul Aziz Tharechani (Religious Scholar & Freedom Fighter/1950), EVENTS 1843: The Governor-General of India requests the Sindh Governor to handover three forts of Guttoorah, Shahgarah and Gurisa to His Highness Mir Ali Murad Khan (Source: letter No.289 from Governor-General). 1920: Following Khilafatis of Merokhan in response to call of their party tender their resignations: Allahdino (Police Department), Wadero Lutf Ali Khan, Wadero Rasool Bux Khan; Wadero Yar Ali Khan; Wadero Muhammad Bachal Tunio (All from School Board membership). (Source: ibd). 1928: Sindh Khilafat Committee decides to boycott local bodies elections and asks party members and followers not to take part. (Source: The Daily Al-Wahid). 1945: M.A.Jinnah, addressing a meeting in Bombay expressed the view that India should strive for a final constitutional settlement rather than grope for an interim agreement (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1945). 1946: Liaquat Ali Khan, Secretary All India Muslim League declares that the possibility of the formation of a Government at the center by the Congress should be a signal for the Muslim League to start its program of ‘Direct Action Day’ so that ‘we can resist it by all means and make the functioning of such a Government impossible’. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1946). 1947: Liaquat Ali Khan along with his family reaches Karachi by chartered Aeroplane. (Source: Newspapers). 1955: Major-General Iskandar Mirza is appointed Acting Governor-General, vice Malik Ghulam Muhammad proceeds on leave. (Source: ibid). 1974: Conservation and preservation of Mohen-Jo-Daro is ordered by Z.A.Bhutto. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1977: PNA leaders start reaching Lahore . Anti-Government movement to start soon.(Source: Newspapers). 1990: President Ghulam Ishaq dissolves National Assembly. Dismisses Cabinet, declares state of emergency.( Source: Presidential Order) 1993: PPP Co-Chairperson Benazir Bhutto resents Election Commission’s decision of producing of Identity Card at polling. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). Research by Dr.Pathan. ( 6 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 6.8.1843: اڄ هندستان جي گورنر جنرل سنڌ جي گورنر کي لکيو شاهڳڙه ۽ ٻه ٻيا قلعا جيسلمير جي راجا کان وٺي مير علي مراد خان جي حوالي ڪيو. (حوالو: گورنر جنرل مراسلو نمبر 288). 6.8.1920: خلافت ڪميٽئ طرفان فرنگي حڪومت طرفان هلايل "ترڪ موالات تحريڪ" ۾ حصو وٺندي اڄ ميروخان جي جن رهواسين استعيفائون ڏنيون, اهي آھن: الهڏنو (پوليس ڊپارٽمينٽ) ، وڏيرو لطف علي خان ، وڏيرو رسول بخش خان ؛ وڏيرو يار علي خان ۽ وڏيرو محمد بچل تونيو (سڀني اسڪول بورڊ جي رڪنيت تان ). (حوالو: اڄوڪي تاريخ جي "الوحيد" اخبار). 6.8.1928: سنڌ خلافت ڪميٽئ بلدياتي چونڊن جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪندي پارٽي جي ميمبرن ۽ پيروڪارن کي حصو نه وٺڻ جو تاڪيد ڪيو. انھئ سياسي فيصلي جو راز اهو هئو ته سرڪار مڪاني ادارن ۾ پنهنجا ميمبر ٿاڦي, سرڪاري اڪثريت بڻائيندي هئي. ان ڪري سياسي پارٽين جا چونڊيل نمائندا ڪو قومي مفاد وارو ڪردار ادا نه ڪري سگهندا هئا. (حوالو: روزانه "الوحيد"). 6.8.1946: اڄ لياقت علي خان ، سيڪريٽري آل انڊيا مسلم پنهنجي بيان ۾ اشارو ڏنو ته جيڪڏهن ڪانگريس مرڪزي حڪومت ٺاهي ته ان کي هلڻ نه ڏبو. بلڪ, "ڊائريڪٽ ايڪشن ڊي" ملهائي تاثر ڏبو ته مسلم ليگ اهڙئ حڪومت کي نه ٿي مڃي. (حوالو: انڊين ائنيوئل رجسٽر ، واليم ٻيو, سال 1946). 6.8.1947: اڄ لياقت علي خان پنهنجي آڪھ سميت چارٽرڊ هوائي جهاز ذريعي ڪراچي پهتو. [هو جلد پوء ملڪ جو اھو بااختيار وزير اعظم ٿيو, جيڪو ان وقت جي پاڪستان جي ڪنهن به خطي يا چونڊ-تڪ تان ڪو نه چونڊيو ويو هو] (حوالو: اخبارون). 6.8.1955: اڄ ميجر جنرل اسڪندر مرزا کي قائم مقام گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو ۽ هن کان اڳ وارو گورنر جنرل ملڪ غلام محمد موڪل تي ويو. [ملڪ هلائڻ جي حوالي سان ايڏيون وڏيون تبدليون ڪنهن آئيني جواز يا عوامي راضپي کان سواء ٿينديون رهيون. ايئن ملڪ آڱرين تي ڳڻجڻ جيترن ماڻھن جي ور چڙھي ويو] (حوالو: سرڪاري نوٽيفيڪيشن) 6.8.1977: اڄ پي اين اي اڳواڻ لاهور پهچڻ شروع ٿيا. ته جيئن ٻوڙي ٻڌي تازي سياسي صورتحال ۾ پنهنجو لائحه عمل تيار ڪري سگهجي. (ذريعو: اخبارون). 1990: صدر غلام اسحاق قومي اسيمبلي کي ٽوڙيو. ڪابينه کي ڊسمس ڪيو ۽ ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي. (حوالو: صدارتي حڪم نامو). 1993: پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بينظير ڀٽو پولنگ اسٽيشنن تي شناختي ڪارڊ ڏيکاري ووٽ ڏيڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي سخت اعتراض ڪيا. ڇو ته هوء سمجهي پئي ته ان سان چونڊن جا من-پسند نتيجا حاصل ڪيا ويندا, ۽ ٿيو به ايئن. ملڪ جي سياست تاريخ ۾ چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪرڻ جو نئون طريقو ايجاد ڪيو ويو. *************** ولادتون ۽ وفاتون *************** [جنم]: 6 آگسٽ 1712ع ٺٽي سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر مخدوم عبد اللطيف. 6 آگسٽ 1862ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻ ، سياستدان ۽ آزادي لاء جدوجهد ڪندڙ سيٺ هرچند راءِ وشنداس. 6 آگسٽ 1913ع سياستدان ڊاڪٽر پوهومل ايسرداس . 6 آگسٽ 1936ع ڪالم نگار ۽ ليکڪ حليم بروهي. 6 آگسٽ 1950ع ناميارو رياضيدان ڊاڪٽر ڪي ڊي سومرو (لاڙڪاڻو) . 6 آگسٽ 1954ع اسڪالر ڊاڪٽر غلام محمد لاکو. 6 آگسٽ 1967ع شاعر يوسف لغاري. 6 آگسٽ 1997 ع ناشاد رضوان. اديب ۽ ڪمپيرئر, حيدرآباد. [وڇوڙو]: 6 آگسٽ 1950ع مذهبي عالم مولوي عبدالعزيز ٿريچاڻي. 6 آگسٽ 2008ع اداڪار، صداڪار، ليکڪ، ڊائريڪٽر ۽ جي ايم پي ٽي وي عبدالڪريم بلوچ

No comments:

Post a Comment