Wednesday 31 August 2022

Sindh in History today (31st August). Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (31st AUGUST. Sindh in history today (31st August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. EVENTS 1939: Colonel Pottenger advises his Government for concentration of force at Sukkur. (Source: Letter No.635-A). 1844: The Sindh Governor asks the Government of India for permission to open a school at Hyderabad for teaching the English language to the children of Baloch chiefs. He request for approving annual grant of Rs.3,000 for the same purpose. (Sindh Governor’s letter No 213). 1920: Posters and Banners are visible on main spots of big cities. Sindh Khilafat has given call for strike on 1st August. Sindhi Muslims are advised to took part in the strike and prove wort as Muslim and lover of the Motherland. (Poster published by Sindh Khilafat). 1946: Liaquat Ali Khan, in statement asked Muslims throughout the India to observe ‘Black Day’ by hoisting black flags on houses and places of business on September 2, to register the Muslims’ silent contempt at the installation in office the Hindu Congress. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1946) 1947: Boundary Award is unjustified and has been imposed upon us, says the Governor-General of Pakistan (Source: Newspapers). 1949: The First ever Convocation of Sindh University is held. The Prime Minister of Pakistan presides over. (Source: ibid). 1972: We are ready to sit on opposition benches, if Mujeeb is ready to make modifications in his 6-points, says Z.A.Bhutto, Chairman of the PPP. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1991: Benazir Bhutto meets Chief of Army Staff Asif Nawaz Junjua. (Source: ibid). "سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(31 آگسٽ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪجھ واقعا ] 31.8.1839: ڪراچي شھر ۽ ٻيٽ فيبرورئ 1839 ۾ انگريزن پنهنجي هٿ ڪيا. هاڻي سندن نظر سکر تي آھي. اڳ ۾ راس بيل صلاح ڏني ته سکر ۾ فرنگي فوج گڏ ڪرڻ شروع ڪجي. اڄ پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي خط لکي انھئ صلاح جي تائيد ڪئي. (حوالو: پاٽينجر جو خط نمبر A-635). 31.8.1842: انگريز راڄ جي واپارين سنڌ ۾ واپار شروع ڪيو ته انھن مان ڪن ٺڳئ جو ٺاه ڪري سنڌ جي حڪومتن کي محصول نه ڏنو. سيٺ نربرام به انھن مان هڪ هو. جنھن پتڻ تي کيس محصول ڏيڻ گهربو هئو, هي اتان پنھنجو سامان خشڪئ کان ٽپائي وٺندو هو. خيرپور حڪومت جي عملدارن کيس پڪڙي سوگهو ڪيو ته ليفٽيننٽ برائون مير رستم خان سان خط و ڪتابت ڪئي. مير جواب ڏنس ته محمد تنيئي کي توڏي موڪليان ٿو, جيڪو مامري تي تو سان ڳالهائيندو. اوهان جي واپارئ ٺڳئ سان محصول بچائڻ گهريو آھي ۽ اهو ثابت ٿيو ته کيس ڀرڻو پوندو. (حوالو: مير رستم علئ جو مراسلو. ڊاڪيومينٽ نمبر 23). 31.8.1844: سنڌ جي فرنگي گورنر نيپيئر ڪمپني حڪومت کان منظوري گهري ته حيدرآباد ۾ ٻروچڻ جي ٻارن ۽ ٻين کي انگريزي پڙھائڻ لاء اسڪول کولڻ جي اجازت ڏني وڃي. (حوالو: گورنر جو مراسلو نمبر 213). 31.8.1946: لياقت علي خان هندستان جي مسلمانن کي اپيل ڪئي ته اهي 2 سيپٽمبر تي پنهنجي گهرن ۽ دوڪانن تي ڪارا جهنڊا هڻي خاموش احتجاج ڪن ته اسان "هندو ڪانگريس" جي مڙھيل حڪومت کي ڪو نه ٿا مڃون. (حوالو: انگريزئ ۾ نڪرندو ڇهماهي رسالو "انڊين ائنيوئل رجسٽر", سال 1946 واليوم 2). 31.8.1949: اڄ سنڌ يونيورسٽئ جو پهريون ڪانوڪيشن ٿيو, ۽ ان جي صدارت پاڪستان جي وزير اعظم ڪئي. 31.8.1972: " اسان مخالف ڌر جي بئنچن تي ويهڻ لاء تيار آھيون, رڳو مجيب الرحمان پنهنجي ڇهن نقطن تي نظرثاني ڪري"- ذوالفقار علي ڀٽي جو بيان. {31 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1916ع هندستاني شاعره ۽ ليکڪا امرتا پريتم. 1915ع سياستدان ۽ اڳوڻو وفاقي وزير مير علي احمد ٽالپر. 1920ع ليکڪ لوڪ نوتاڻي (ڀريا / بڙودا). [وڇوڙو]: 1909ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالقادر ڇڇر. 1940ع بزرگ حاجي پير شاهه. 1943ع مذهبي اسڪالر مولوي عبدالغفور مهر. 1971ع ليکڪ رام چند ڀوراڻي. 1982ع مشهور تاريخدان، آرڪيالاجسٽ ۽ انگريز عملدار ايڇ ٽي لئمبرڪ. 1997ع دلين تي راڄ ڪندڙ برطانوي شاهي گهراڻي جي ملڪه ليڊي ڊيانا. 2007ع سياستدان ڄام علينواز خان انڙ

No comments:

Post a Comment