Friday 12 August 2022

Sindh in history today (13th August). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (13th AUGUST) [ Sindh in history today (13th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ] 13th August BIRTH DATES Muhammad Ibrahim Joyo (Abad/Writer & educationist/1915), Suleman Shan ‘Salm’ (Dubar/Poet/1918), Hazaro Khan ‘Mujahid’ (Ghogharo/Poet/1924), Harolal ‘Satayal’ (Badah > Ulhasnagar/Poet & Singer/1931), Hamidah Khuhro (Aqil/ex-Minister/1936), Parso G. Gidwani (Dadu >Poono/Scholar/1937), Hameedah Qazi (Shikarpur/Poetess/1960), Rabia Akram (Hyderabad/Radio Program Manager/1962), DEATH DATES Makhdoom Zia-u-ddin Muhammad (Khuhra/Religious Scholar/1817), Sumerah Zareen (Shikarpur/Story writer/1977). EVENTS 1843: Sindh Governor, Sir Charles Napier, while writing to the Governor-General of India criticizes the role played by Major Outram in Sindh. He writes that Major Outram had many years lived on terms of personal contacts with Sindh Rulers, and I vainly imagined he had some influence with them- an influence which it was my duty to call into play in the hopes of preventing war. I therefore sent him to Hyderabad, but I saw that the Amirs were making use of him to ensure the destruction of the force under my command. (Source: ‘Correspondence related to Sinde’). 1939: The Daily Al-Wahid of Karachi carries a letter of Ali Gohar Lahori of Larkano, in which he has informed that he has donated Rs.50 to the Masjid Manzilgah Restoration Committee through Qazi Fazlullah and is ready to pay more if desired by the Committee. (Source: indicated). 1954: It is the for the first time that the National Anthem of Pakistan is broadcasted by the Radio Pakistan (Source: Newspapers). 1963: Malik Amir Muhammad Khan, General Moosa Khan and Z.A.Bhutto are awarded ‘Hilal-i-Pakistan’ by President Ayub. It is amazing to note that none of them had natural death and all were killed. (Source: Newspapers). 1972: Khair Bux Mari is elected as president of NAP Balochistan (Source: ibid). 1973: Z.A.Bhutto is elected as the Prime Minister of Pakistan. He second to none in a way that being a civilian, he became Chief Martial law administrator He availed all important positions such as Minister, Deputy Prime Minister and President. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). Research by Dr.Pathan. ( 13 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 13.8.1832: ڪرنل پانٽيجر سنڌ منجهان پنهنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته: 1). مير مراد علئ وعدو ڪيو آھي سنڌ سرحد/پارڪر وٽ فرنگين کي ڦريندڙ ماڻھون پڪڙي اسان پاٽينجر حوالي ڪنداسين. هو کين ٻن مهينن جي سزا به ڏئي سگهي ٿو, 2). شڪارپور مان خبر ملي آھي ته پنجاب مان ڪرپالسنگ چئن هزارن جو لشڪر وٺي ديره غازي تائين پهتو آھي. ان تي مير پريشان ٿي ويا آھن ۽ ديره غازي خان پنهنجا جاسوس موڪليا اٿن ته ڪرپالسنگ جي نيت جو پتو لڳائن, 3). مير مراد علي خان ڪابل جي دوست محمد خان ڏي سوکڙيون پاکڙيون موڪلي کيس دوستي رکڻ ۽ رنجيت سنگ طرفان شڪارپور تي ڪاه ڪرڻ وقت/صورت ۾ مدد گهري آھي. 13.8.1838: پاٽينجر اڄ مير نور محمد ۽ ايران جي شاه وچ ۾ ٿيل خط و ڪتابت هٿ ڪري پنهنجئ سرڪار ڏي ڏياري موڪلي. 13.8.1843: نيپيئر, ٺڳئ ۽ دهمان سان سنڌ تي قبضو ته ڪيو, پر سندس ئي نگرانئ ۾ ڪم ڪندڙ پوليٽيڪل ايجنٽ آئوٽرام هن جي ڳچئ ۾ پئجي ويو. آئوٽرام هن لاء جتي ڪٿي باه ٻاري ڇڏي ته نيپيئر سفارتڪارئ ۽ جنگ جا اصول لتاڙي ميرن سان فريب ڪيو. ڳالھ ايتري وڌي وئي جو گورنر جنرل به نيپيئر کان پڇاڻو ڪيو. اڄ نيپيئر کيس لکي ٿو ته آئوٽرام مون کان ڪيترا سال اڳ سنڌ ۾ رهيو. هو ميرن کان بي جاء متآثر هو. مان آئوٽرام جي صلاح سان هلان ها ته منھنجي لشڪر کي ماريو وڃي ها ۽ مان ڪسجي وڃان ها. مير کيس استعمال ڪري رهيا هئا ته تڪڙي جنگ نه لڳي ته جيئن هنن کي وڙھڻ جي تيارئ جو وقت ملي وڃي. 13.8.1851: ڪئپٽن ميڊوز ٽيلر "هندوستان جي آڳاٽن ماڳ مڪانن, غارن ۽ مندرن بابت رپورٽ" تيار ڪئي هئي. ممبئئ سرڪار اها اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي ڏياري موڪلي ته هن روپرٽ جي آڌار تي سنڌ جي آثاريه قديميه ۽ ماڳن مڪانن بابت رپورٽ تيار ڪري موڪليو ته سنڌ جي شاندار ماضئ بابت ڪا ڀروسي جوڳي معلومات ملي سگهي ۽ اها محفوظ ڪري سگهجي. 13.8.1851: ڪراچئ کان پنجاب تائين آگبوٽ ھلائڻ لاء اڄ ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر سرڪاري خواهش کان آگاه ڪندي, منصوبي تي تيزئ سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڏني. 13.8.1939: مسلم ليگ "مسجد منزلگاه" جو مامرو کڙو ڪري سنڌ جي ڪيترن وڏيرن, اميرن ۽ پيرن کي پنهنجي پاسي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. جيڪي پنهنجئ نيڪ نامئ لاء تحريڪ جي حق ۾ بيان ڏيندا رهيا. انھئ دور جون اخبارون سندن اهڙن بيانن سان ڀريون پيون آھن. اڄوڪئ "الوحيد" ۾ لاڙڪاڻي واري علي گوهر لاهورئ جو خط/بيان ڇپيو ته هن قاضي فضل الله معرفت "مسجد منزلگاه ريسٽوريشن ڪميٽئ" کي 50 روپيا ڏياري موڪليا آھن ۽ ضرورت پئي ته اڃا وڌيڪ مالي مدد ڪرڻ لاء حاضر آھيان. 13.8.1954: پاڪستان جو "قومي ترانو" سڀ کان پهريون دفعو اڄ ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿيو. قومي تراني کي ٺھندي ست سال ورتائون. قومي ترانو حفيظ جالنڌرئ لکيو, جيڪو خيرپور ۾ درباري شاعر ٿي رهيو ۽ تراني جي ڌن غلام علي چاڳلا ٺاهي هئي. 13.8.1963: ايوب-حڪومت اڄ ملڪ امير محمد خان, جنرل موسا ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي "هلال پاڪستان" جو تمغو ڏنو. عجيب اتفاق آھي ته تمغي وٺندڙ انھن ٽنهي ماڻھن جو طبعي موت نه ٿيو ۽ هو ماريا ويا. 13.8.1979: مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل ضياء الحق ته اڳتي "متناسب نمائندگي/پروپورشنل ريپريزنٽيشن" جي بنياد تي پارٽيون چونڊجي اچن. [مطلب سيٽن بدران ووٽن جو تعداد پارٽين جي پوزيشن متعين ڪري]. سندس اها صلاح ڪنهن به سياسي پارٽئ قبول نه ڪئي. *************** ولادتون ۽ وفاتون *************** 13 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 13 آگسٽ 1915ع دانشور ۽ ڏاهي محمد ابراهيم جويو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 آگسٽ 1918ع شاعر سليمان شاهه سالم جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 آگسٽ 1924ع شاعر هزارو خان مجاهد جو جنم ڏينهن آهي. 13 آگسٽ 1931ع شاعر، اداڪار ۽ گلوڪار هارو لال ستايل (باڊهه / الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي. 13 آگسٽ 1936ع سياستدان، تاريخ نويس ۽ استاد ڊاڪٽر حميده کهڙو جو جنم ڏينهن آهي. 13 آگسٽ 1937ع محقق ۽ اسڪالر ڊاڪٽر پرسو گدواڻي(دادو / پونو) جو جنم ڏينهن آهي. 13 آگسٽ 1960ع شاعره حميده قاضي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 13 آگسٽ 1817ع اسڪالر مخدوم ضياءُ الدين محمد جو انتقال ٿيو. 13 آگسٽ 1977ع ڪهاڻيڪاره ثميره زرين(شڪارپور) جي وفات ٿي. 13 آگسٽ 1992ع ڪهاڻيڪار ايشور چندرجي ديهانت ٿي. 13 آگسٽ 1999ع ٻاراڻي ادب لاء ڪم ڪندڙ ليکڪ اڪبر جسڪاڻيجي وفات ٿي. 13 آگسٽ 2000ع جديد موسيقي جي مشهور پاڪستاني گلوڪاره نازيه حسن جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment