Monday 1 August 2022

Sindh in history today (2nd August). By. Dr.Pathan

Sindh in history today (2nd August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. 2nd August BIRTH DATES Kewal Motwani (Arazi > Sri Lanka/Social worker/1899), Jgar Sindhi (Rukan Purano/Poet/1932), ‘Khatim’ Janwri (Reti/Poet/1938), Preem Parkash (Sindh > Ahmadabad/Poet/1946), Abdullah Jarwar (Sahib Khan Jarwar/Journalist/1959), Liaquat Junijo (Thalo/Writer/1962), Abdul Qayoom ‘Khumir’ Jakhrani (Jacobabad/Poet/1963), Akbar Shah (Khero/Writer/1964), Barkat Ali Khajar (Kot Lal Bux/Political Activist/1968), Varyam Sindhi (Darweshani Panhwar/Writer/1971), Shaikh Farazi (Pherhi wara Arija/Poet/1973), Abdul Hai Bhutto (Mathelo/Poet, Writer /1975), Muhammad Ali ‘Manik’ (Tando Muhammad Khan/Poet/1978), Roz Kazmi (ajara/Poetess/1980), Muharram Kumbhar (Arija/Journalist/1980), DEATH DATES Mian Ghulam Shah Kalhoro (Ruler/1772), Pahlaj Jewani (Dahar/Poet/1973) EVENTS 1927; Serious Hindu-Muslim riots at Bettiah in Bihar arise over a Hindu Sabha procession resulted in eight casualties (seven Muslims & One Hindu) and in several persons being injured. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1927). 1938: Sir Haji Abdullah Haroon appeal to Muslim League organizations in Sindh to preserve the dignity and existence of the community by asserting themselves in the same way as the Congress Hindus. (Source; ‘Source-Material on Sindh Muslim League’, compiled by Gul Hayat Institute). 1945: Acharya J.B. Kripalani, General Secretary of the Congress, in a speech in Bombay says that the Muslim League had escaped all blames for the breakdown of the Simla talks because it was the pet child of British Imperialism. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1945). 1956: The West Pakistan Assembly adopts a resolution favouring separate electorate. (Source: Newspapers) 1957: Pakistan will never recognize Israel , says Hussain Shaheed Suharwardi, Prime Minister of Pakistan. (Source: Newspapers). 1971: East Pakistan Universities and Colleges re-open after five months. (Source: Newspapers). 1973: Wali Khan is elected UDF’s Parliamentary Party Leader. (Source: ‘Source-Material on NAP’, compiled by Gulhayat Institute). 1974: Z.A.Bhutto approves a University and Radio station for Khairpur. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1991: Fifteen PPP MNAs and MPAs meet Sindh Chief Minister Jam Sadiq Ali and express confidence in him. (Source: ‘Chronology of PPP’, compiled by Gul Hayat Institute). 2 آگسٽ جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 2.8.1841: اڄ فورٽ وليم مان ڪمپني حڪومت جو سيڪريٽري ٽي.ايڇ.ميڊوڪ ڏکڻ سنڌ ۾ مقرر ٿيل پنهنجي حڪومت جي پوليٽيڪل ايجنٽ کي لکي ٿو ته حيدرآبادي ميرن سان ڳالهاء ته اهي شڪارپور جي روز بروز بگڙندڙ حالتن کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪن. ٻئ صورت ۾ ان جو حل اهو آھي ته شڪارپور اسان جي حوالي ڪن.(ڊاڪيومنٽ نمبر 303). 2.8.1849: فرنگين کي حڪومت هلائيندي ڀريا ڇه سال ٿي ويا آھن, پر سندن حڪومت سنڌي عوام جي ڏر کان ڏڪڻ بند نه ڪيو. ڪراچئ ۾ سنڌن "ڪئمپ بازار" کي سدائين سنڌين کان خطرو رهيو ۽ اهي ڳالهيون ڪمشنر ۽ صوبائي حڪومت ۾ ٿينديون رهيون ته " ڪئمپ بازار" بچاء ڪيئن ڪجي. (حوالو: ممبئي سرڪار جو مراسلو نمبر 2445). 2.8.1927: سنڌ جي مٽي ئي ماڻھپي ۽ انسان دوستئ جي رنگ ۾ رتل آھي. ثابتي ڏسو: هن سال لاڙڪاڻي ۾ ھندو-مسلم فساد ٿيا, ليڪن انساني جانين جو احترام ڪيو ويو, ان ڪري ماڻهون نه مئا. پر بھار (انڊيا) ۾ اڄ سنگين هندو-مسلم فساد ٿيا جن جي نتيجي ست مسلمان ۽ هڪ هندو ماريا ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا. (حوالو: انڊين ائنيوئل رجسٽر ، واليوم -11 سال، 1927). 2.8.1933: ڪانگريس اڄ حڪومت خلاف "عدم تعاون تحريڪ“ جو آغاز ڪيو. سنڌي ڪانگريسين ان ۾ ڀرپور حصو ورتو. هئ تحريڪ 7 اپريل 1934 تائين هلي هئي.(حوالو: "ڪانگريس بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد"). 2.8.1938: سر حاجي عبدالله هارون سنڌ ۾ مسلم ليگي شاخن ۽ انهن جي ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته برادري جي وقار ۽ وجود کي بچائڻ لاءِ پاڻ کي ساڳئي طرح مثالي بڻايو ، جيئن ڪانگريس هندن جي ذھني ۽ نظرياتي تربيت ڪري شخصيت سازي ڪئي آھي. مسلم ليگ کي به اسان جي اهڙي طريقي سان شخصيت سازي جو ذريعو بڻايو. (حوالو ؛ ‘سنڌ مسلم ليگ تي گل حيات انسٽيٽيوٽ پاران مرتب ڪيل مواد'). 2.8.1945: سنڌي ۽ سنڌواسئ آچاريه جي بي ڪرپلاني ، ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽرئ ڪانگريس, مسلم ليگ ۽ سرڪار وچ ۾ ٿيل ڳالهين جي ناڪامئ تي تبصرو ڪندي ممبئي ۾ چيو ته مسلم ليگ شملا ڳالهين کي ناڪام بڻايو, ڇاڪاڻ ته اها پارٽي برطانوي سامراج جو پالتو ٻار آھي. (حوالو: انڊين ائنيوئل رجسٽر ، واليوم ٻيو ۽ سال1945). 2.8.1971: اڄ اوڀر پاڪستان جون يونيورسٽيون ۽ ڪاليجَ پنجن مهينن کانپوءِ ٻيهر کليا.اتي سياسي حالتن جي ابترئ سبب ايئن ٿيو. پر ڪووڊ جي نالي ۾ سنڌ جا سمورا تعليمي ادارا ڏيڍ سال کان مٿي بند رکيا ويا آھن. 2.8.1974: اڄ پيپلز پارٽئ جي حڪومت خيرپور لاءِ يونيورسٽي ۽ ريڊيو اسٽيشن منظور ڪئي. (حوالو: ‘ڀٽي خاندان تي گل حيات انسٽيٽيوٽ پاران مرتب ڪيل مواد'). 2.8.1991: اڄ پيپلز پاٽئ جا پندرهن ايم اين اي ۽ ايم پي اي سنڌ جي وڏي وزير ڄام صادق علي سان مليا ۽ هن تي اعتماد جو اظهار ڪيائون. (حوالو: اخباري رپورٽون ). [ولادتون]: 2 آگسٽ 1506ع بزرگ پير رڪن الدين سخي. 2 آگسٽ 1899ع ليکڪ ڪيول موٽواڻي. 2 آگسٽ 1918ع صوفي ۽ هندو ڌرم جي روحاني اڳواڻ دادا جشن واسواڻي. 2 آگسٽ 1932ع ليکڪ جگر سنڌي. 2 آگسٽ 1938ع شاعر خاتم جانوري. 2 آگسٽ 1946ع شاعر پريم پرڪاش (سنڌ / احمد آباد) . 2 آگسٽ 1959ع ليکڪ ۽ تعليمدان عبدالله جروار. 2 آگسٽ 1962ع ليکڪ لياقت علي جوڻيجو. 2 آگسٽ 1963ع شاعر قيوم خمر (جيڪب آباد). 2 آگسٽ 1963ع ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار ڊاڪٽر اعجاز سمون ( خيرپور). 2 آگسٽ 1964ع ليکڪ اڪبر شاهه. 2 آگسٽ 1971ع ليکڪ وريام سنڌي. 2 آگسٽ 1973ع شاعر شيخ فرازي. 2 آگسٽ 1975ع شاعر عبدالحئي ڀٽو. 2 آگسٽ 1978ع شاعر ماڻڪ ميمڻ (ٽنڊو محمد خان). 2 آگسٽ 1980ع شاعره روز ڪاظمي (باجارا). 2 آگسٽ 1980ع صحافي محرم ڪنڀر (آريجا). 2 آگسٽ 1980ع شاعر ۽ صحافي ڪفايت گُل (خيرپور ميرس). [وڇوڙو]: آگسٽ 1772ع سنڌ جو حڪمران ميان غلام شاهه ڪلهوڙو

No comments:

Post a Comment