Tuesday 21 June 2022

Sindh in history today (22nd June). By. Dr. Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (22nd JUNE) 22nd June BIRTH DATES 1. Fatihchand Wasvani (Educationist & Writer/ birth 22th June 1894), 2. G.Allana (Karachi/Freedom Fighter & Poet/ birth 22th June 1906), 3. Narain Shyam (Naushero Feroz/Poet/ birth 22th June 1922), 4. Qaim-u-ddin Mangi (Journalist/ birth 22th June 1924), 5. Nizamuddin Memon (Shikarpur > Larkano/Social worker/ birth 22th June 1925), 6. Qalab Ali Tiklo (Writer/1926), Kirat Mihrchandani (Writer/ birth 22th June 1937), 7. Sikandar Sarwan (Writer & Social worker/ birth 22th June 1957), 8. Sultan Ahmad ‘Sultan’ (Poet/ birth 22th June 1960), 9. Rauf Paras Dayo (Ghotki/Poet/ birth 22th June 1964), 22nd June DEATH DATES 1. Mai Bakhtawar (First lady from Hari Movement/Killed by landlord/ death 22nd June 1947), 2. Syed Ali Akbar Shah (Mehar/Freedom Fighter, Poet & Social worker/ death 22nd June 1969), 3. Moulvi Allah Bux Tunio (Religious Scholar/ death 22nd June 1982). 22nd June EVENTS 1836: Colonel Pottenger sends report to the Government of India appraising it of the health condition of Mir Noor Muhammad Khan who was ill since days. (Source: His letter No.56). 1948: India introduces permit-system for who so ever from Pakistan will visit India. It was to curb the return of Indian Muslim migrants to India. (Source: Newspapers) 1949: NWFP Government impose ban on migration of Pathans to Sindh (Source: Newspapers). 1950: Khan M.Akram and Shaikh Muzaffar, both editors from Multan resign from Journalist Association headed by Pir Ali Muhammad Shah Rashdi. Pakistan journalism was the first sector that accepted and promoted ‘provincialism’ and other negative influences.(Source: Interview with Pir Ali Muhammad Shah Rashdi, by Dr.Pathan). 1966: Z.A.Bhutto gets unprecedented welcome as a Hero at Lahore Railway station. He had left Government due to differences with President Ayub on Tashkent Agreement. (Source: “Source-Material on Bhutto family”, compiled by Gul Hayay Institute). 1969: Pakistan Democratic Party is formed with the merger of four parties namely Awami League (Nasrullah Group), National Democratic Front, Nizam-i-Islam and Justice Party. (Source: Newspapers). 1972: In protest against economic policy of PPP Government, Stock Market start starts strike that will be observed for two days. (Source: Newspapers). 1978: Z.A.Bhutto appoints his daughter Benazir Bhutto as PPP Chairperson (Source: ‘Source-Material on Bhutto family”, Compiled by Gul Hayat Institute). Translation into Sindhi Sindh in history today (22th June). Slection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with interpretation. Reseach by Dr.Pathan. 22 جون جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 22.6.1840: سنڌ لاء فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ اڄ حيدرآباد مان پنهنجئ سرڪار کي ٻڌائي ٿو ته مير حڪمرانن شڪارگاهن کان سواء باقي درياه ويجهو ٻيلن مان ڪاٺ لاء وڻن وڍڻ جا پروانا ڏنا آھن, جيڪي مون انھن کي ڏياري موڪليا آھن, جيڪي سنڌوندئ ۾ اسان جا آگبوٽ ھلائن ٿا. هو هاڻي ضرورت وقت ۽ مطابق اتان جي ماڻھن کي جهنگل ڪٽڻ جو ٺيڪو ڏئي سگهندا ۽ آگبوٽ سروس لاء گهربل ڪوئلو/ڪاٺ/اينڌن حاصل ڪري سگهندا. 22.6.1840: هن دور ۾ فرنگين ميرن ۽ سنڌ بابت منظم نموني سان "انٽيليجنس رپورٽ" لکڻ شروع ڪئي, جيڪا پنهنجي سرڪار کي موڪليندا رهيا. اڄ حيدرآبادي ميرن بابت "انٽيليجنس رپورٽ“ ۾ لکيو ويو آھي ته مير نور محمد ۽ مير صوبدار خان ۾ انھئ ڳالھ تي اختلاف پيدا ٿيا آھن ته مير نور محمد ميرپور خاص جي حڪمران مير شير محمد ڏانھن ڏک ڏوراپي جو خط لکندي يا فرنگين سان هن جي شڪايت ڪندي مير صوبدار خان جو نالو وچ ۾ ڇو ٿو آڻي يا خط ۾ ڇو ٿو لکي. مير صوبدار خان جو چوڻ آھي ته هو ڄاڻي ۽ مير شير محمد ڄاڻي. ان ڪري خطن ۾ مون کي ڌر نه بڻايو. مير شير محمد سان منھنجا سٺا ۽ دوستئ وارا لاڳاپا آھن ۽ اهي ڪنهن غلطفهمئ ڪري خراب نه ٿيڻ گهرجن. 22.6.1920: آل انڊيا خلافت ڪميٽئ هندستان جي وائسراء کي درخواست لکي گهر ڪئي ته ترڪن سان "صلح جي شرطن" ۾ نرم رويو ۽ سٺو برتاء ڪيو وڃي. انھئ درخواست/گذارش نامي تي جن سنڌ مان دستخط ڪيا, اهي آھن: سيٺ حاجي عبدالله هارون, مولانا تاج محمود امروٽي, منشي امين الدين, شيخ عبدالمجيد سنڌي, پير اسدالله شاه ٽکڙائي, مولانا محمد صادق کڏي وارو, جان محمد جوڻيجو, پير رشدالله شاه, محمد هاشم مخلص ۽ خليق مورائي. 22.6.1949: جيئن ته سنڌ اڳ ئي پناهگيرن جي آمد ۽ آبادڪارئ جي بحران ۾ منجهيل هئي, انھئ صورتحال کي ڌيان ۾ رکندي سرحد (ڪي.پي.ڪي) حڪومت پابندي مڙھي ته پٺاڻ سنڌ ڏانھن هجرت نه ڪن. 22.6.1950: هي اهو دور هئو, جنهن ۾ پير علي محمد شاه جو ملڪي صحافت ۾ وڏو نالو هو. پر ٻولي ۽ علاقائيت وارين نفرتن سندس انھئ حيثيت کي ڇيهو رسايو. هو جنرلسٽ ائسوسيئيشن جو صدر هو. هن دور ۾ ھن خلاف صحافين ۽ ايڊيٽرن تحريڪ هلائي. اڄ ملتان جي ٻن ايڊيٽرن (خان محمد اڪرم ۽ شيخ مظفر) ”جنرلسٽ ائسوسيئيشن“ تان استعيفا ڏني. 22.6.1966: صدر ايوب سان اختلاف ڪري ۽ وزارت تان استعيفا ڏئي, ذوالفقار علي ڀٽو لاهور پهتو ته ريلوي اسٽيشن تي سندس تاريخي ۽ بي مثال آڌر ڀاء ڪيو ويو. 22.6.1969: اڄ ”پاڪستان ڊيموڪريٽڪ الائنس" نالي سياسي جماعتن جي هڪ ٻئي ۾ ضم ٿيڻ واري اتحاد جنم ورتو. انھئ ۾ نئشنل ڊيموڪريٽڪ فرنٽ, عوامي ليگ (نصرالله گروپ), نظام اسلام ۽ جسٽس پارٽي شامل ٿيون. 22.6.1972: پيپلز پارٽي حڪومت جي معيشت بابت پاليسين خلاف احتجاج ڪندي اسٽاڪ مارڪيٽ ٻن ڏينھن جي هڙتال شروع ڪئي. 22.6.1992: ڪراچئ ۾ فوجي عملدارن صحافين وٺي ايم.ڪيو.ايم جا ڪيترا "ٽارچر سيل" ڏيکاريا. ملڪي سياست ۾ دهشتگردئ جو هي هڪ ڀيانڪ روپ هو, جنهن ۾ سنڌين کي ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نشانو بڻايو ويندو هو. *************** {22 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 22 جون 1860ع شاعر سوامي گنگارام ڀاونداس (چڪ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 جون 1906ع شاعر، تاريخدان، سياستدان ۽ اڳوڻي ميئر ڪراچي جي الاناجو جنم ڏينهن آهي. 22 جون 1924ع صحافي قائم الدين منگي (پنجو ديرو) جو جنم ڏينهن آهي. 22 جون 1925ع تعليمي ميدان ۾ ڪاوشون ڪندڙ نظام الدين ميمڻ (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 جون 1926ع ليکڪ قلب علي ٽڪلو جو جنم ڏينهن آهي. 22 جون 1956ع سياستدان شاهه محمود قريشئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 جون 1957ع ليکڪ سڪندر سرواڻ (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 جون 1964ع ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ رئوف پارس دايو (گهوٽڪي) جو جنم ڏينهن آهي. 22 جون 1978ع ليکڪ ارباب پلهه جو جنم ڏينهن آهي. 22 جون 1983ع شاعر ساحل سيتائي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 22 جون 1947ع هاري تحريڪ جي شهيد بختاور لاشاريئ جي شهادت جو ڏهاڙو آهي. 22 جون 1969ع شاعر، سماجي اڳواڻ ۽ مذهبي اسڪالر سيد علي اڪبر شاهه (ميهڙ) جو لاڏاڻو ٿيو. 22 جون 1982ع مذهبي اسڪالر مولوي الله بخش تنيو انتقال ڪري ويو. 22 جون 1992ع مشهور لوڪ فنڪار ڍول فقيرجو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment