Thursday 23 June 2022

Sindh in history today (24th June). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (24th June). Research by Dr. Dur Muhammad Pathan BIRTH DATES 1. Moulana Ghulam Mustafa Qasmi (Bhanbho Chandio/Religious Scholar, Freedom Fighter & Promoter of Research/ birth 24th June 1924), 24th June DEATH DATES 1. Pir Sahibdino (Bulri/Saint/ death 24th June 1913), 2. Kazi Abdul Rahman (Freedom Fighter & Journalist/ death 24th June 1958), 3. Kazi Fazlullak (Naushero Feroz > Larkano/Freedom Fighter & ex-Chief Minister/ death 24th June 1987), 4. Shoukat Khwaja (Writer/ death 24th June 2011) 24th June EVENTS 1843: Mian Ghulam Shah Kalhoro was the first Sindhi ruler, who granted permission to British people to establish factory in Sindh and a factory was established in Thatta. When sindh was occupied by Napier on behalf of the Government of India, Munshi Pentameters and his cousin claimed that the building of the factory was their property. Whereas Captain Wallace suggested that it should be converted into a travellers’ bungalow and Rs.one be charged for occupying it for a day. (Source: Captain Wallace’s letter to Major Outran). 1916: Hasanand Sunderdas Pamnani had opened ‘Saat Sri Dharamdas Shewa Mandal’ at Rohri so as to render social services, hold religious classes and teach Sanskrit. Two lectures were arranged in a month. Karamchand Hingorani, who was officer of education Departmeny (Assistant D.E) at Larkana, used to give his lectures. Today, he gives his lecture also. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1920: Khilafat Conference is held at Jacobabad with Moulana Taj Mahmood Amroti in chair. The high handedness of Jacobabad administarion is condemned at large and homage is paid to Khilafat leaders and workers of the District Jacobabad for being victimized at the hands of the Government. Pro-Government elements and landlords are warrned not to play in hands of anti-Islam & anti-people Government and avoid from violating norms & rights of society and Motherland. (The Daily Al-Wahid, Karachi). 1940: Moulana Muhammad Sadiq of Khada and Foujdar Umar Khan recorded their statement and evidence before the Masjid Manzilgah Inquiry court at Karachi. (Source: Inquiry Report). 1948: An agreement is signed between Sindh Government and Pakistan Government regarding the settlement of migrants in Sindh. (Source: Newspapers). 1954: Mir Bandh Ali, Qazi Abdul Manan; Syed Noor Shah; Syed Ghulam Hyder Shah; Ahmad Kham and Najamuddin are inducted in Sindh cabinet. One of the most important events is taking place today. Iftkhar Hussain Mamdot, who was dismissed as the Chief Minister of Punjab, is sworn in as the Governor of Sindh. (Source: Ibid). 1955: India and Pakistan announce ‘Water dispue agreement’. (Source: Newspapers). 1960: Any more violation of air space by or from Pakistan will be responded with iron hand and tough time, U.S.S.R warns. (Source: Newspapers). 1970: Islami Mutahida Mahaz is formed . It consists of Jamat-i-Islami, Jamiat-i-Ulema Pakistan; Pakistan Jamhoori Party anf Ahal-i-Hadith. (Source: ‘Source-Material on JUP’, compiled by Gul Hayat Institute). 1992: Salim Shahzad, Vice chairman of the MQM is arrested and FIR is lodged against Altaf Hussain (Source: Newspapers). 1996: Army is called out in Rawalpindi in a wake of Jamat-i-Islami’s march towards Islamabad protesting against the budgetary proposals. Source: ‘Source-Material on JI’, compiled by Gul Hayat Institute). TRANSLATION INTO SINDHI Sindh in history today (24th June). Chronological Slection of Events from two Centuries of Sindh History. Reseach by Dr.Pathan. 24 جون جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 24.6.1851: سنڌ جي ڪمشنر اڄ جيڪب آباد جي پوليٽيڪل ايجنٽ کي لکيو ته اهي بگٽي, جن اسان جي چوڪين تي حملو ڪيو هجي يا اسان جي فورس سان مزاحمت ڪئي هجي, انھن کي پڪڙي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ بدران احمد نگر جيل موڪليو. 24.6.1843: اسان جي اڳوڻن حاڪمن جي مهربانئ سان فرنگين کي سنڌ ۾ پنهنجا ڪارخانا/فيڪٽريون هڻڻ جي اجازت ملي. ناٿن ڪرو ميرن جي دور ۾ ڪراچئ/راڻي باغ/چڙيا گهر ڀرسان فيڪٽري ھنئي هئي. ان کان اڳ ٺٽو فرنگين, ڊچن ۽ پورچگيزن جي ڪوٺين ۽ ڪارخانن جو هنڌ رهيو. نيپيئر سنڌ تي قبضو ڪري گورنر ٿيو ته ٺٽي جي منشي پيتامرداس ڪليم داخل ڪيو ته ٺٽي ۾ جتي فرنگين فيڪٽري قائم ڪئي هئي, اها سندس جاء/ملڪيت آھي. پوء ان تي ڪئپٽن ويلس جاچ پڙتال ڪئي. هن چيو ته اها عمارت پيتامبر کي ڏيڻ بدران انھئ جي مرمت ڪرائي مسافر خانو بڻائجي ۽ واپارين کي هڪ روپيو ڏهاڙئ جي مسواڙ تي رهڻ لاء ڏجي. 24.6.1916: هاسارام سندرداس پمناڻي, جيڪو پوء ڪانگريسي سنڌ اسيمبلي ميمبر ٿيو ۽ مسجد منزلگاه وارن فسادن جي نتيجي ۾ ماريو ويو, سو روهڙئ جو مشھور ڌرمي ۽ سماجي سڌارڪ ماڻھو هو. هو اتان "ڌرم درشن" جي نالي سان ماهوار رسالو به ڪڍندو هو ۽ انھئ رسالي جو مڪمل سيٽ گل حيات ۾ موجود آھي. اڄ ھاسارام پمناڻئ روهڙئ ۾ ”ست سري ڌرمداس شيوا منڊلي" قائم ڪئي. جنهن پليٽ فارم تان مهيني ۾ ٻه دفعا ڌرم, سنسڪرت ٻولي ۽ سماج جي موضوعن تي ليڪچر ٿيندا هئا. اڄ نامور تعليمدان ڪرم چند هنگوراڻئ انھئ منڊلي ۾ ليڪچر ڏنو. 24.6.1920: اتر سنڌ, خاص طور تي جيڪب آباد ضلعي ۾ حڪومت خلافيتن تي ڏاڍيون سختيون شروع ڪيون. انھئ گنڀير صورتحال کي نظر ۾ رکندي خلافتي اڳواڻن جيڪب آباد ۾ ”خلافت ڪانفرس" سڏائي, جنهن جي صدارت مولانا تاج محمود امروٽئ ڪئي. هن ڪانفرنس اتان جي خلافيتين جا حوصلا بلند ڪيا. بئريسٽر جان محمد جوڻيجي انھئ موقعي تي پنهنجا سرڪاري القاب ڦٽا ڪيا ۽ مولانا تاج محمود امروٽئ پنهنجي سخت لهجي وارئ تقرير ۾ وڏيرن ۽ زميندارن کي انتباه ڪيو ته سرڪار جي هٿن ۾ کيڏڻ ۽ استعمال ٿيڻ ڇڏي ڏيو. 24.6.1940: مسجد منزلگاه مامري تي ٿيل خون فساد جي انڪواري ڪرڻ لاء سرڪار ٽريبيونل ٺاهيو هو. اڄ ڪراچئ ۾ کڏي واري مولانا محمد صادق ۽ فوجدار عمر خان انھئ ٽريبينل اڳيان پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا. 24.6.1948: اسان جي اقتدار ڌڻين خوشئ خوشئ سان سچي ۽ پڪي پاڪستاني هجڻ جي شاهدئ ۽ شوق ۾ ڪراچي وفاق جي حوالي ڪئي. انھئ لکت جي مس ئي اڃا ڪانه سڪي ته اڄ وفاق ۽ سنڌ سرڪار پناهگيرن جي سنڌ ۾ آبادڪارئ وارئ ايگريمينٽ ڪئي. 24.6.1954: افتخار ممدوٽ, جنهن کي پنجاب جي وڏ-وزارت تان ڊسمس ڪيو ويو هو, اهو اڄ سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. 24.6.1955: پاڪستان ۽ انڊيا باهمي پاڻئ واري مامري تي ٺاه ڪيو [ انڊيا کي نديون وڪرو ڪيون/ڏنيو ويون ۽ سنڌ سدائين لاء پاڻئ جي اڻاٺ جو شڪار ٿي وئي. انھئ ٺاه جي روشنئ ۾ پاڪستان مختلف ڊيم ٺاهڻ منصوبه بندي ڪئي ۽ انھئ تي ڪم شروع ڪرايو. ان ڪري سنڌ اڃا پاڻئ جي کوٽ جو وڌيڪ شڪار ٿي] 24.6.1970: پاڪستان جي ديني سياسي جماعتن پاڻ ۾ گڏجي "اسلامي متحده محاذ" قائم ڪيو. ان ۾ شامل ٿيندڙ پارٽيون هيون: جماعت اسلامي, جميعت العلماء پاڪستان, پاڪستان جمهوري پارٽي ۽ اهل حديث. 24.6.1996: جماعت اسلامئ فيصلو ڪيو ته سرڪار طرفان پيش ڪيل عوام-دشمن بجيٽ خلاف اسلام آباد طرف مارچ ڪبو. حڪومت انھئ صورتحال کي منھن ڏيڻ لاء آرمئ کي گهرائي ورتو. *************** {24 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 24 جون 1880ع سياستدان لوڪومل گوبند بخش ملڪاڻي (حيدر آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 جون 1890ع مذهبي اسڪالر ۽ سياستدان مولوي پير محمد اسماعيل جان جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 جون 1905ع ليکڪ چرن داس گرسهاڻي (ڀريا / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 24 جون 1926ع ناليواري عالم ۽ اسڪالر مولانا غلام مصطفى قاسمي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 جون 1964ع پ پ پ جي عورت اڳواڻ راءِ ناز بوزدار(پنو عاقل) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 24 جون 1958ع صحافي قاضي عبدالرحمان جو لاڏاڻو ٿيو. 24 جون سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قاضي فضل الله جو انتقال ٿيو. 24 جون 2016ع ڪلاسيڪل راڳي الهڏنو خاصخيلي ٽنڊي الهيار ويجهو روڊ حادثي ۾ انتقال ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment