Wednesday 1 June 2022

Sindh in History ( June 2, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (2nd JUNE) 2nd June BIRTH DATES 1. Haji Muhammad Shah (Matiari/Saint/ birth 2nd June 1891), 2. Jhamatmal Bhawnani (Hyderabad/Writer/ birth 2nd June 1905), 3. Ghumansingh Dayaram (Nawabshah >Ajmir/Political Activist/ birth 2nd June 1921), 4. Ghulam Khan ‘Gohar’ (Poet/ birth 2nd June 1936), 5. Vasdev Nirmal (Karachi > Mumbai/Poet/ birth 2nd June 1936), 6. Muhammad Chhutal (Folklore Poet/ birth 2nd June 1941), 7. Ruki Punjabi (Writer/ birth 2nd June 1944), 8. Gul Muhammad Jakhrani (Sardar Malguzaar Jakhrai /Writer & Politician/ birth 2nd June 1957), 9. Ayub Gad (Larkano/Poet & Artist/ birth 2nd June 1960) 2nd June DEATH DATES 1. Muhammad Hassanjan Sarhandi (Saint/ death 2nd June 1946), 2. Tahalram Panjwani (Writer/ death 2nd June 1946), 3. Haji Imam Bux Jatoi (Jatoi/Politician & Poet/ death 2nd June 1956). 2nd June EVENTS 1838: Colonel Pottenger send request to Mir Noor Muhammad Khan that some boats coming from Punjab had been stopped and plundered at place called ‘Bakee Pattung’ by sepoys of Mir Ali Murad son of Mir Sobdar Khan and that act was direct breach of treaty . it was in interests of both the Governments that measures should be taken without delay for the punishment of the culprits. 1904: Philosopher, Social worker & Man of letter Diwan Dayaram Gidumal establishes ‘The Industrial Association’ at Hyderabad so as to promote home-industry and enhance industrial know-how. 1917: The Citizens’ Association of Hyderabad celebrates its second anniversary. It is presided over by Seth Harchandrai Vishindas and speakers of the occasion are Karamchand Gurmukhdas, Gopaldas Jhamatmal,Jethmal Parsram and Santdas Mangharam. 1929: 8th Annual Session of the Sindh Students’ Conference starts under the presidency of G.N.Gokhale. 1939: Twenty influential Muslim leaders, including the Premiers of Bengal and Punjab, suggest voluntary renunciation by Shias and Sunis of the right claimed by them to public recitation of the Tabarra and Madah-e-Sahaba, respectively. Such renunciation, the leaders urge, would offer a reasonable basis for an honorable settlement. 1948: Pakistan Newspapers’ Editors Council (PNEC) condemns Government restrictions on ‘Al-Waheed’ and ‘Sindh Observer’. 1950: More than 2031000 migrants have reached from India to Sindh. Very serious differences are emerged between Sindh and Central Governments. General impression in Sindh is taking place that they are being converted into minority and their social setup is being destroyed with intentions. They are not against migration of victimized Indian Muslims, but there should be equal distribution and settlement amongst all provinces. 1951: Reforms Committee recommends Provincial status for Baluchistan. 1955: For the first time perhaps in the history of Pakistan, a lady is hanged in Gujrat Jail for murder. 1958: Feroz Khan Noon, Prime Minister of Pakistan blames Khan Abdul Ghaffar Khan that he is opposing ‘One-Unit’ because, he wants to create ‘Pakhtonistan’. 1966: Opposition demands lifting of Emergency and condemns ‘Tashkant Declaration’. 1971: India is training 30,000 anti-Pakistanis from East Pakistan, discloses Pakistan. 1973: Pir Pagaro wants to see me killed, blames Jam Sadiq Ali, Sindh Minister for Local Bodies. 1979: Ghous Bux Bizenjo is elected President of newly formed Pakistan National Party (PNP). Dr Pathan: Sindh in history today (2nd June). 2.6.2022 تي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن سان گڏ اوهان جي حضور ۾ حاضر ٿيو آھي ته جيئن ٽالپورن, انگريزن ۽ موجوده دور جي چونڊ ”واقعاتي تاريخ" جا ڪي ورق ٻڌائي ۽ ولادتن خواه وفاتن جي معلومات ڏئي. اهو اسان جي علمي ادبي تاريخ ۾ ڪونه ٿيو آھي ته ڪو سالن کان وٺي, ڪنهن ناغي کان سواء سنڌ جي واقعاتي تاريخ ٻڌائي ۽ انھئ موضوع تي ويڊيو ٽاڪ رڪارڊ ڪري سنگت اڳيان پيش ڪري. هي شوق ڪونهي, پر قومي قرض آهي جيڪو لاهيان پيو. ڏکوئيندڙ صورتحال اها آھي ته اسان ماضئ/تاريخ کان منھن مٽيندا رهون ٿا ۽ بدلي ۾ روشن مستقبل اسان کان منھن ڦيريندو رهي ٿو. تاريخ اسان کي سمجهائيندي آھي ته وڏڙن جي احوالن کي پڙھي, اسان پنهنجي افعالن کي سڌاريون. قولن ۽ فعلن جي غلط يا درست هجڻ فيصلا تاريخ ڪندي آھي ۽ اهڙن فيصلن ڪرڻ جي اسان ۾ سگھ پيدا ڪندي آھي. تاريخ ٻڌائيندي آھي ته زنده قومن ڪيئن تباه ٿينديون آھن ۽ تباه ٿيندڙ قومون ڪيئن پاڻ بچائي سگهنديون آھن. اسان کي تاريخ ان ڪري پڙھڻ گهرجي. اچو ته ڏسون ته 2 جون جي واقعاتي تاريخ اسان لاء ڪهڙو سبق کڻي اچي ٿي. *************** 2.6.1838: ڪرنل پاٽينجر جي لکت مان پتو پئي ٿو ته پنجاب کان ايندڙ فرنگين جي واپاري ٻيڙن کي خيرپور جي حدن ۾ لٽيو ويو. ان ۾ مير مراد علي خان جا ماڻھون/سپاهي ملوث ھئا. اهو پتو پئي ٿو ته مولوي نصيرالدين ۽ سندس مريدن انھئ لٽ ڦر ڪائڻ ۾ پنهنجو اثر رسوخ هلايو ۽ سندن چوڻ تي سپاهين ٻيڙا لٽيا. پاٽينجر جي لکت مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته خيرپور جي مير علي مراد خان ۽ مير نصير خان خيرپورئ وچ ۾ پنجن ڳوٺڻ جي مالڪئ تي اختلاف شروع ٿيا ۽ ٻنهي ڌاريئي فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ کي معتبر ڄاڻي کيس فيصلي ڪرڻ جي گذارش ڪئي. 2.6.1848: ممبئي سرڪار جي سول ائنڊ ملٽري امتحان ڪميٽئ جي سيڪريٽرئ جو خط ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر ڏانھن رجوع ڪيو ۽ کيس تاڪيد ڪيو ويو ته سنڌ ۾ ٽن ميمبرن واري امتحان ڪميٽي جوڙيو ته جيئن سرڪاري ملازمت ڪرڻ وارن اميدوارن کان سنڌئ جو امتحان وٺن. [ ملازمن کان سنڌئ ۾ امتحان ايئن لازمي طور ورتو ويندو هو. سنڌئ جي لپي ٺاهڻ جو خيال اتان شروع ٿيو تان جو 1851 ۾ وڃي لپي ٺھي]. 2.6.1917: 1915 ۾ حيدرآباد ۾ “سٽيزنس ائسوسيئيشن آف حيدرآباد" قائم ٿي. هي هندن خواه مسلمانن جي گڏيل سماجي تنظيم هوندي هئي ۽ سنڌ جي مسئلن تي سرڪار جو توجه ڇڪرائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيائين. تنظيم فقط بيان بازي نه ڪندي هئي, پر پنهنجا ٺھراء پاس ڪري خطن يا ٽيليگرامن ذريعي ڪمشنر, گورنر ۽ گورنر جنرل/وائسراء ڏي موڪليندي هئي. اڄ ھن سماجي تنظيم جي ٻي سالگره ملهائي وئي. فنڪشن جي صدارت سيٺ ھرچندراء وشنداس ڪئي. [هن سماجي تنظيم جي قيام ۽ ڪارڪردگئ جو رڪارڊ ۽ ان سان لاڳاپيل سماجي ڪارڪنن جو احوال گل حيات ۾ موجود ۽ محفوظ آھي] 2.6.1929: سنڌ ۾ 1921 ۾ ”شاگرد تنظيم" جڙي. ان جا وڏا وڏا ساليانه ميڙ ٿيندا هئا. اڄ انھئ جي سهاري هيٺ ڪراچئ ۾ ”سنڌ اسٽوڊنٽس ڪانفرنس" جو اٺون ساليانو اجلاس ٿيو ۽ ان جي صدارت جي.اين.گوڪلي ڪئي. 2.6.1948: سنڌ جي اخبارن: "الوحيد" ۽ "سنڌ آبزرور" ڪراچئ جي علحدگي ۽ هندن جي زبردستي لڏپلاڻ تي وڏي واڪ لکڻ شروع ڪيو ته وقت جي سرڪار مٿن سختيون وڌيون. "پاڪستان نيوز پيپرس ايڊيٽرس ڪائونسل" سرڪار جي انھئ قدم تي سختئ سان تنقيد ڪئي. 2.6.1950: سنڌ سرڪار ۽ پاڪستان سرڪار جا پناهگيرن جي آمد ۽ آبادڪارئ تي سخت اختلاف ٿي پيا. گذريل پنجن سالن ۾ 2031000 پناهگير سنڌ پهتا ته سنڌ سرڪار دانھون ڪيون ته معاشي ۽ معاشرتي طور سنڌ جي ڀينگ شروع ٿي چڪي آھي. پاڪستان سرڪار ڳالھ کي ٿڌي ڪرڻ لاء اظھار ڪيو ته اسان لڏي ايندڙن مان واپس موٽي ويندڙن کي پرمٽ ڏينداسين [انڊيا اعلان ڪيو ته اسان ڪنهن کي به هتان ڌڪي نه ڪڍيو آھي. هاڻي ڪنهن کي واپس نه وٺبو] 2.6.1958: ملڪ جي وزير اعظم ملڪ فيروز خان نون اڄ خان عبدالغفار خان تي الزام ھنيون ته هو ون-يونٽ جي ان ڪري مخالفت ٿو ڪري جو کيس پنختونستان ٺاهڻو آھي. 2.6.1966: صدر ايوب جي زوال ۽ مخالفت جي ابتدا ٿي. "تاشقند معاهدي" خلاف سياستدانن وڏي واڪ ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ اڄ مطالبو ڪيائون ته ملڪ تان امرجنسي هٽائي وڃي. *************** {2 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 2 جون 1905ع ليکڪ جهمت مل ڀاوناڻي (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 جون 1921ع سياستدان گهنشام سنگهه ديارام (نوابشاهه / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 جون 1936ع شاعر گلاب خان گوهر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 جون 1936ع ليکڪ واسديو نرمل جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 جون 1941ع سگهڙ محمد ڇٽل جي پيدائش ٿي. 2 جون 1944ع ليکڪ رڪي پنجابي جو جنم ڏينهن آهي. 2 جون 1957ع سياستدان گل محمد جکراڻي (ڪنڌ ڪوٽ) جو جنم ڏينھن آھي. 2 جون 1971 تي ڳوٺ ڏنگر ۾ شاعر ذوالفقار هالار ڄائو [وڇوڙو:] 2 جون 1946ع بزرگ محمد حسن جان سرهندي جو لاڏاڻو ٿيو. 2 جون 1956ع رئيس امام بخش جتوئي جو انتقال ٿيو. 2 جون 1982ع اڳوڻو صدر فضل الاهي چوڌري انتقال ڪري ويو. 2 جون 1992ع اردو جي ترقي پسند اديب، محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر اختر حسين راڻيپوري جو انتقال ٿيو. 2 جون 2004ع گلوڪار مجيب عالم جو انتقال ٿيو. 2 جون 2006ع شاعر، ليکڪ ۽ پبلشر نثار حسيني(حيدرآباد) جي وفات ٿي.

No comments:

Post a Comment