Friday 24 June 2022

Sindh in history today (25th June). By.Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (25th JUNE) 25th June BIRTH DATES 1. ’Shaiq’ Bukhari (Poet/ birth 25th June 1922), 2. Muhammad Talib Bharit (Bharit/Social worker/ birth 25th June 1939), 3. Ghulam Mustafa Channo (Writer/ birth 25th June 1968), 4. Muhammad Urus Otho (Mirpur Bathoro/Poet/ birth 25th June 1971), 5. Hafeez Soomro (Thull/Poet/ birth 25th June 1986). 25th June DEATH DATES 1. Akhund ‘Fazul’ (Poet/ death 25th June 1912), 2. Haji Abdullah ‘Waqif’ (Poet/ death 25th June 1976). 25th June EVENTS 1844: The Government of India transmits copy of a letter from the Secret Committee to Sindh Governor and requesting him to ascertain whether it was the desire of the ex-Amirs of Sindh to leave Sindh and join their husnands. This may kindly be noted that ladies declined to leave Sindh for the purpose of residing with their husbands. (Source: Government of India’s letter No.451). 1856: Govrnment is interested to preserve and document Antiquities of Sindh. The Commissioner, Sindh requests Government of Bombay for appointment of Captain henre of the 1st European Regment as Photograper on the pay of Rs.300.(Source: Commissioner, Sindh’s letter No.289). 1945: Acharya J. B.Kriplani, General Secretary of the Congress addressing a press conference on the ‘Wavell proposal’ at Lucknow, says if the coalition at the center was to be based on Hidu-Muslim parity than elements other than Muslim League and Congress should also have been invited in the leaders’ conference. (Source: Indian Annual Register, Vol-1, 1945). 1927: Seth Harchandrai Vishindas presides over a public meeting held in the Khalikdina Hall, which passes a strongly worded resolution against the separation of Sindh from Bombay Presidency. This may kindly be noted that he was the first Sindhi politician who promoted the idea of separation of Sindh from from Bombay Presidency. (Source: The Daily Gazette,Karachi). 1953: British do not want to see democracy in Pakistan, says Moulvi Tamizuddin, the first president of the Pakistan Constituent Assembly. (Source: Newspapers). 1954: Justice Muneer Ahmed famous for his decision in favour of the Government in Tamizuddin case, is appointed as Chief Justice of Pakistan (Source: Ibd). 1955: Report on the murder of Liaquat Ali Khan is released. It suggests that there is no evidence whatsoever to suggest that any political motive was behind the act. (Source; Newspapers). 1966: Pakistan and Afghanistan will be connected with Railway. An agreement is signed by both countries. (Source: Newspapers). 1970” Presidential Order abolishing One-Unit can not be challenged in any court, new Ordinance is promulgated. (Source: Newspapers). 1972: Simla Agreement will be discussed and approved by the National Assembly, Z.A.Bhutto intends to take representatives into confidence. (Source: “Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1990: Mohen-Jo-Daro International Airport is innagurated. (Source: Newspapers) TRANSLATION INTO SINDHI Sindh in history today (25th June). Slection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Reseach by Dr.Pathan. 25 جون جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 25.6.1843: ليفٽيننٽ رابرٽ مقابلي ۾ مير شير محمد جي ڀاء کي سيوهڻ ۾ پڪڙي گرفتار ڪيو ته انھئ ڪاميابئ تي ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل اڄ چارليس نيپيئر کي مبارڪ ڏني. 25.6.1844: جڏهن ٺڳئ سان سنڌ تي قبضو ڪري, مير حڪمرانن کي پڪڙي جنگي قيدي بڻائي جلاوطن ڪيو پيو وڃي ته انھن ميرن جي ديرن (ونين) ورن سان گڏ وڃڻ ۽ وطن ڇڏڻ کان انڪار ڪيو هو. اڄ وري سنڌ جي گورنر نيپيئر کان ڪمپني حڪومت پڇا ڪئي ته جاچ وٺي ڏي ته ڪنهن ڪنهن جا ديرا پنهنجي ورن ڏي وڃڻ لاء تيار آھن. ڇوته سندن ور وطن واپس ورندا ئي ڪونه ۽ ونين کي ورن کان پري ڇو رکيو وڃي. 25.6.1856: سنڌ جي وقتي ڪمشنر ممبئي سرڪار کي لکيو ته اسان سنڌ جي قديم آثارن جي منظرن, عمارتن تي ٿيل عڪس نگارئ ۽ ڪاشئ جي ٿانون/سرن جي چٽسالي ۽ ڪاٺ تي اڪريل جاميٽري گرافس وغيره کي فوٽوگرافئ ذريعي محفوظ ڪرڻ گهرون ٿا ۽ ان لاء يورپين ريجمينٽ جي ڪئپٽن هرن جون خدمتون ورتيون آھن. اوهان مهرباني ڪري کيس 300 روپين جي ماهوار پگهار تي مقرر ڪري ڏيو. [سنڌ جي وڻن ٽڻن, پکي پکڻن, جيتن جانورن, گلن ٻوٽن, عمارتن وغيره جا فوٽو ڪڍي سنڌ جي "تصويري تاريخ" مرتب ڪري سگهون ٿا. پر اهڙي شعور اچڻ لاء اسان جي ادارن ۽ افراد کي شايد اڃا گهڻو وقت لڳندو] 25.6.1927: ڪراچئ جي خالق ڏني هال ۾ ھندن جو وڏو جلسو ٿيو, جنهن جي صدارت سيٺ ھرچندراء وشنداس ڪئي. هن پنهنجي صدارتي تقرير ۾ سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪرڻ جي شديد مخالفت ڪئي. [ياد رهي ته هرچندراء وشنداس اهو پهريون سنڌي سياستدان هو, جنهن سڀ کان پهريون سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. پوء ھئ ئي انھئ جو وڏو مخالف ٿي بيٺو. مذھبي مت ڀيد جي اثر ۾ ڪيترن هندن اها سياسي غلطي ڪئي ته سنڌ ملڪ کي هو صوبي جي حيثيت ۾ به ڏسڻ نه پيا گهرن. سنڌي مسلمان اپر ڪلاس انھئ مخالفت مان سياسي فائدو ورتو ۽ ڳالهيون ڪري هندن جي شرطن مڃڻ کان سواء حڪمران ٿيڻ لاء سنڌ کي صوبائي حيثيت وٺي ڏني. ان دور جي هندو توڙي مسلمان سياستدانن ايئن غلطيون ڪيون] 25.6.1945: هن دور ۾ سنڌ-ڄائو آچاريه ڪرپلاڻي آل انڊيا ڪانگريس جو جنرل سيڪريٽري هئو. لارڊ ويول تجويز پيش ڪئي هئي ته مرڪز ۾ ھندن ۽ مسلمانن تي ٻڌل مخلوط حڪومت قائم ڪرڻ گهرجي. آچاريه ڪرپلاڻئ لکنو ۾ ان تي تبصرو ڪندي چيو ته پوء فقط ڪانگريس يا مسلم ليگ سان سرڪار ڳالهيون نه ڪري, پر ٻين مسلم ۽ غير مسلم اڳواڻن جي ڪانفرنس ڪوٺائي, انھئ مخلوط حڪومت وارئ تجويز کي سڀني لاء قبول ڪرڻ جوڳو بڻائجي. [ ياد رهي ته انگريزن کي هندستان ڇڏڻ کان سواء ڪا واٽ ئي ڪانه هئي. انھن تڪڙي جان ڇڏائڻ لاء انھن غلام ملڪن جو حق نظرانداز ڪيو, جن کي هنن غلام بڻايو. اصول مطابق انھن غلام ملڪن کي آزاد ڪرڻ گهربو هو. اها سوچ غلام ملڪن (جيئن سنڌ) جي سياستدانن کي به ڪانه آئي ۽ ٻه وڏيون پارٽيون ملڪ کي ٻن ٽڪرن ۾ ورهائڻ تي بضد ٿي ويون] 25.6.1955: لياقت علي خان جي قتل بابت قائم ڪيل انڪواري رپورٽ پڌري ٿي. ان ۾ چيو ويو ته سندس موت پٺيان ڪنهن سياسي دشمنئ جو عمل دخل ڪونهي. [ياد ڪرڻ جي ڳالھ هئ آھي ته ابتدا ۾ لياقت علي خان ملڪ جو بي تاج وزير اعظم رهيو. قائداعظم ۽ سندس وچ ۾ شديد اختلاف پيدا ٿيا,انھن به هن جي حيثيت کي نه گهٽايو. لياقت علي خان روس جي دعوت ٺڪرائي, آمريڪا جو دورو ڪيو ۽ واپسئ تي ڪميونسٽن خلاف باه ٻاري. هن "راولپنڊي سازش ڪيس" کي اڀاريو ۽ ان ۾ انھئ زماني جي فوجي افراد به شامل هئا. فيض احمد فيض به فوج ۾ رهيو. لياقت علي خان پنهنجئ مرضئ مطابق يڪ طرفو, ڪنهن کي اقتدار ۾ شريڪ ڪرڻ کان سواء بااختيار وزير اعظم ٿيڻ چاهيو هو ۽ سندس انھئ رويئي هن لاء مسئلا پيدا ڪيا] 25.6.1970: وفاقي سرڪار آرڊيننس لاڳو ڪيو ته صدر طرفان ون-يونٽ ٽوڙڻ واري حڪم نامي کي ڪنهن به ڪورٽ ۾ چئلينج نه ڪري سگهبو. [ وفاق جي خاص حڪمت عملئ ڪري "ون-يونٽ" مڙهيو ۽ ٽوڙيو ويو هو. ڪا به ائنٽي ون يونٽ تحريڪ ون يونٽ مڙھڻ جو دڳ روڪي سگهي. اهڙئ ريت ڪنهن به "ون-يونٽ ٽوڙيو تحريڪ" ڪري ون-يونٽ ڪونه ٽٽو. جڏهن اوڀر پاڪستان کي ئي پاڻ سان گڏ رکڻو ۽ کڻڻو ڪونه هو ته پوء مغربي پاڪستان ۾ ”ون-يونٽ" جي ڪا ضرورت ڪانه هئي. "ون-يونٽ" خلاف سنڌ ۾ مثالي تحريڪ هلي ۽ ان تحريڪ ۾ ڏنل قربانين جي بي قدري نه ڪري سگهجي. پر "ون-يونٽ" انھئ تحريڪ ڪري ختم نه ٿيو. ان ڪري اسان کي ڏسڻ سوچڻ گهرجي ته اسان جون تحريڪون گهربل مقصد ڇو نه ٿيون ماڻي سگهن] 25.6.1972: ذوالفقار علي ڀٽي بيان ڏنو ته مان جيڪو "شملا معاهدو" ڪري آيو آھيان, ان تي عوامي نمائندن کي اعتماد ۾ وٺبو ۽ قومي اسيمبلئ ۾ بحث ڪبو. 25.6.1990: مهين جو دڙو انٽرنئشنل ايئرپورٽ جو افتتاح ٿيو. *************** {25 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 25 جون 1922ع شاعر سائق بخاري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 25 جون 1929ع تعليمي ماهر ۽ محقق ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي (ايم اي قاضي)جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 25 جون 1939ع سماجي اڳواڻ محمد طالب ڀُرٽ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 25 جون 1968ع ليکڪ غلام مصطفى چنا جو جنم ڏينهن آهي. 25 جون 1971ع شاعر محمد عرس اوٺو (ميرپور بٺورو) جو جنم ڏينهن آهي. 25 جون 1978ع باليووڊ جي سنڌي اداڪار آفتاب شوداساڻئ جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 25 جون 1976ع شاعر حاجي عبدالله واصف جو انتقال ٿيو. 25 جون 2009ع پاپ موسيقي جي بي تاج بادشاهه مائيڪل جيڪسن جو انتقال ٿيو

No comments:

Post a Comment