Friday 10 June 2022

Sindh in history today (11th June). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (11th JUNE) 11th June BIRTH DATES 1. Sufi Qurban (Bozdar Wada/Poet/ birth 11th June 1919), 2. Abdul Razaq Memon (Gambat/ Political Activist/ birth 11th June 1923), 3. Kala Raisinghani (Karachi - Mumbai/ Actress/ birth 11th June 1926), 4. Mian Ghous Muhammad Pirzado (Kotri Kabir/ Writer/ birth 11th June 1935), 5. Jagdesh Lakhyani (Naryad/ Writer/ birth 11th June 1957) 6. Shahmir Gadahi (Journalist/ birth 11th June 1978). 11th June DEATH DATES 1. Syed Ali Akber Shah Sani (Rohiri/ death 11th June 1923) 2. Tarip Alam Abro (Kambar Ali Khan/ Writer/ death 11th June 2011). 11th June EVENTS Part.2 1917: In the election, Karachi Citizens' Association elects it following office - bearers: Harchandrai Vishindas (President), Wadhomal Udharam & Mir Ayub (V.Ps), Durgdas B.Advani & R.K.Sidhva (Hon.Secretaries), Dr.D.G.Advani (Public Health Incharge), Jeramdas Doulatram (Education Incharge). Jamshed Mehta, Abdul Rahman, G.G.Chagla, Framroze and seven others are taken as members of the Managing Committee. (Source: A Chronology of the British Sindh, compiled by Gul Hayat Institute) 1927: Harchandrai Vishindas while giving an interview to a representative of 'The Hindu' reiterates his opposition to the separation of Sindh from Bombay Presidency. Irony of fate is that he was the first Sindhi politician, who projected the idea of separation of Sindh from Bombay Presidency! (Source: Janab Guzaryam Jan Seen, by G.M.Syed) Part.2 1943: The Congress decides to contest the bye - election to the Frontier Assembly and the Peshawar Municipal elections. (Source: Indian Annual Register, Vol -1) 1948: Sindh Muslim League Council asks Assembly members and ministers to resign in protest, if, the Federal Govt. seems to be determined to separate Karachi from Sindh.. In real, it was a some sort of face-saving, Karachi stood snached and no body resigned. (Source: Newspapers). !949: Tribal Confederation boycotts 'Baluchistan Advisory Committee' constituted by the Pakistan Government. (Source: Ibd) 1954: Arbab Abdul Ghafoor of NWFP Awami league is arrested under section 40 of the FCR. It is irony of fate that pololitical leaders of NWEP, Sindh and Bengal (East Pakistan) got very tough time at early stage. (Source:Ibd) "سنڌ جي واقعاتي تاريخ-(11 جون)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [الف: ڪي واقعا]: 11.6.1832 ڪرنل پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي خيرپوري ۽ حيدرآبادي ميرن طرفان دستخط ٿيل معاهدا ڏياري موڪليا ۽ اهو لکيو ته ميرن واپاري ۽ تجارتي شئين تي خشڪئ رستي ڳاٽي ڀڳا محصول مڙھيا آھن, ان ڪري سنڌ جي تجارتي ۽ اقتصادي ترقي کي ڇيهو رسيو آھي ۽ هنن ميرن حڪمرانن جو اقتصادي اصولن ۽ ڳالهين ڏانھن ڪو ڌيان ڪونھي. سنڌوء مان اقتصادي ترقي جي فائدي وٺڻ بدران هنن جو سمورو ڌيان انھئ ڳالھ تي آھي ته سنڌو سندن شڪارگاهن کي شاداب رکي. پاٽينجر سنڌوء ڪنارن جي ڏکوئندڙ صورحال کان پنهنجئ حڪومت کي باخبر رکندي, ان جي آبي آمدرفت جي اهميت بابت تفصيلي رپورٽ به موڪلي ٿو. هو پنهنجئ سرڪار کي ٻڌائي ٿو ته جڏهن نادر شاه سنڌ تي ڪاهي آيو هو ته فقط هڪ شهر ٺٽي ۾ ئي لونگين ۽ اجرڪن ٺاهيندڙن پورهيتن جو تعداد چاليه هزار هو. هاڻي اها انڊسٽري ان اوج تي ناهي. پاٽينجر لکي ٿو ته سنڌ جي واپار جي تاريخ ۽ اهميت جي اندازي لڳائڻ لاء لنڊن جي "رائيل ايشياٽڪ سوسائٽئ جي رسالي" جو سال 1830-31 جو پرچو پڙھڻ گهرجي. 11.6.1857 سنڌ جي ڪمشنر اڄ صوبائي حڪومت کي لکيو ته فوجي ۽ تجارتي مفادن لاء اسان کي سکر کان ڍاڍر تائين ۽ ڪوٽڙئ کان ڊيسا تائين ريلوي لائين وڇائڻ گهرجي. ان لاء اجازت ڏني وڃي ته اسان ان جي سروي جو ڪم شروع ڪرايون. 11.6.1917 "ڪراچي سٽيزنس ائسوسيئيشن" هڪ فعال تنظيم هئي, جنھن ۾ ھندو, مسلمان ۽ پارسي ميمبر هوندا هئا. اڄ ان جون چونڊون ٿيون ۽ هي عهديدار چونڊيا ويا: هرچندراء وشنداس (صدر), واڌومل اڌارام ۽ مير ايوب (ٻئي نائب صدر), درگداس بي آڏواڻي ۽ آر.ڪي.سڌوا (ٻئي سيڪريٽري), جئرامداس دولترام (تعليمي مامرن جو سيڪريٽري). ان کان سواء ھڪ مئنيجنگ ڪيمٽي به چونڊي وئي. هن اين.جي.او جي قيام ۽ ڪارڪردگئ جو احوال گل حيات ۾ موجود آھي. 11.6. 1927 هرچندراء وشنداس اهو پهريون سنڌي سياستدان هو, جنھن سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي. اڳتي هلي هن انهئ تحريڪ جي مخالفت ڪئي. اڄ ”ھندو" اخبار کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ ممبئي کان جدا نه ڪبو. [ياد رهي ته هو پاڻ سنڌ جو پهريون سياستدان هئو, جنهن سنڌ کي الڳ ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي هئي] 11.6.1948 سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل اڄ اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن کي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن وفاق ڪراچي کسڻ جي ضد تان نه ٿو لهي ته اهي انھئ صورت ۾ احتجاج طور اسيمبلي ميمبر ۽ وزير استعيفا ڏين. [ياد رهي ته استعيفا ڪنهن نه ڏني, پر وفاق جي اهڙي فيصلي کي سنڌ سرڪار قبول ڪيو]. *************** 11 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون. *************** [جنم ڏينهن:] شاعر صوفي قربان علي “قربان” (بوزدار وڏا) 1919, ليکڪا ڪالا رائيسنگهاڻي (ڪراچي / بمبئي) 1926, ليکڪ ميان غوث محمد گوهر پيرزادو (ڪوٽڙي ڪبير) 1935, ليکڪ جڳديش لاکياڻي 1957, شاعر سلطان احمد علوي 1959 , صحافي شهمير خان گاڏهي 1978. [وڇوڙو:] , شاعر ۽ مصور طارق عالم ابڙو 2011.

No comments:

Post a Comment