Saturday 25 June 2022

Sindh in history today (26th June). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (26th JUNE) 26th June BIRTH DATES 1. Syed Najiullah Shah Rashdi (Pir Jo Goth/Poet/ birth 26th June 1893), 2. Charandas Thakurdas (Bhirya > Mumbai /Writer/ birth 26th June 1905), 3. Noor Abbasi (Bhrya/Journalist/ birth 26th June 1927), 4. Iqbal Sheno (Ibrahim Ji/Poet/ birth 26th June 1953), 5. Imdad Hyder Solangi (Khan Solangi/Writer/ birth 26th June 1976), 26th June DEATH DATES 1. Tahilram Lokomal (Journalist/ death 26th June 1946), 2. Ghuam Ali Chagla (Karachi/Muscian/ death 26th June 1950), 3. Tilokchand (Bharya > Ajmir/Journalist & Freedom Fighter/ death 26th June 1955) 4. Muhammad Ramzan ‘Azad’ (Poet/ death 26th June 1973), 5. Syed Ghulam RasoolShah (Mirpurkhas/Journalist/ death 26th June 1982), 6. Moulvi Muhammad Qasim Pirzado (Mad/Religious Scholar/ death 26th June 1985), 7. Mujrim Laghari (Jhudo/Poet/ death 26th June 2005), 8. Ahmad Khan M‘Madhosh’ (Poet/ death 26th June 2010), 9. Dhol Faqir (Artist/ death 26th June 1992), 26th June EVENTS 1857: The Collector of Shikarpur is asked by the Commissioner to submit report about ‘ferries service’ started between Sukkur and Rohri and Sadar Bazar and Pir Subra. ( Source: Sindh Commissioner’s letter No 1092). 1929: Sir Sankaran Nair criticisms status and work of the Simon Commission., says that members of its Central Committee had no knowledge of either the views of the members or of the lines on which they were likely to report. (Source: Indian Annual Register, Vol-1, 1929). 1940: The meeting of the Primary Muslim League of Goza is held with Moulvi Ghulam Muhammad Buriro in chair. The meeting congratulates the All-India Muslim League for adopting of ‘Pakistan Resolution’ at Lahore. (Source: Daily Al-Waheed, Karachi) 1947: The Sindh Legislative Assembly, at a special sitting, decided by 33 votes that Sindh should join the new constituent Assembly (Source: Indian Annual Register, Vol-1, 1947). 1950: Sindh Chief Minister announces Carpet Industry for Rohri. Whereas Punjab Chief Minister announces Engineering college in Mulatan. What difference it makes? (Source: Newspapers). 1977: PNA handed over its draft of demands to the Government and demands response as soon as possible. (Source: Ibd). 1991: Thirteen people including four women and seven children of a family are slaughtered in Lahore (Source: Newspapers). 1992: MQM top brass including Azim Tarq is arrested. (Source: ‘Source-Material on MQM’, compiled by Gul Hayat Institute). 1994: Country-wide strike is observed by Traders. The Business community is not happy with economic and financial policies of the Government. (Source: Ibid) TRANSLATION INTO SINDHI .Sindh in history today (26th June). Slection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Reseach by Dr.Pathan. 26 جون جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 26.6.1842: سنڌ ۾ مقرر ٿيل فرنگي اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ اڄ سکر مان پنهنجئ سرڪار کي مير شھداد خان, مير نصير خان ۽ مير محمد خان جا اهي خط ڏياري موڪلي ٿو, جيڪي هنن ميجر آئوٽرام کي لکيا آھن. حيدرآبادي مير ميجر آئوٽرام کي ساڳي ڳالھ لکن ٿا ته اسان کي فرنگي سرڪار جي نئين ٺاه تي ڪوئي اعتراض ڪونھي. پر فرنگي سرڪار کي خيال ۾ اها ڳالھ رکڻي پوندي ته اسان ٻروچن جا رسم رواج هندستان جي باقي ماڻھن کان مختلف آھن. ٻي ڳالھ هئ آھي ته فرنگي سرڪار اسان خلاف ڪيل ڪا ڪنھن به ماڻھوء جي دانھن تي توجه نه ڏيندي ۽ هن جي پٺڀرائي نه ڪندي. 26.6.1857: جڏهن اڃان روهڙي-سکر پل نه جڙي هئي ته سرڪار ٻيڙيون/آگبوٽ هلائي عوام کي اچ وڃ جي سهولت فراهم ڪندي هئي. اڄ سنڌ جي ڪمشنر شڪارپور جي ڪليڪٽر کان پڇيو ته عوام کي اهڙي سهولت ڏيڻ عيوض حڪومت کي ڪا جوڳي آمدني به ٿئي ٿي يا اهو خساري جو ڪم آھي. 26.6.1940: هي اهو زمانو آھي جنهن ۾ سنڌ جي لوڪلبورڊن کي وقت جي سرڪار رموٽ ڪنٽرول سان ڪانه هلائيندي هئي. پر "ساليانيون لوڪلبورڊ ڪانفرنس" ڪوٺائيندي هئي, جن ۾ مشترڪه حڪمت عملي جوڙي, ان تي عمل ڪيو ويندو هو. اڄ جيڪا ڪراچئ ۾ لوڪلبورڊ ڪانفرنس ٿي, ان ۾ روڊن رستن ٺاهڻ واري ڳالھ تي هم خيالي پيدا ڪئي وئي. ڇو ته سنڌ جا روڊ مختلف لوڪلبورڊس جي حدن مان گذرڻا هئا. 26.6.1940: آل انڊيا مسلم ليگ لاهور ۾ ”پاڪستان ٺھراء"پاس ڪيو ته سنڌ مسلم ليگ ۽ ان جي شاخن انھئ ٺھراء جي پٺڀرائپ ۽ تائيد ۾ گڏجاڻين ڪرڻ ۽ جلوسن ڪڍڻ ۾ ويرم نه لڳائي. اڄ گوزه ۾ پرائمري مسلم ليگ طرفان عوامي ميڙاڪو ٿيو, جنهن جي صدارت مولوي غلام محمد ٻگهيئي ڪئي. ان تي "پاڪستان ٺھراء" جي ڀرپور تائيد ڪئي وئي. [آهي ڪو جو اهو ٻڌائي ته سنڌ کان ٻاهر ڪهڙن ڳوٺن م اهڙا تائيدي جلسا ٿيا. خاص طور تي پناه وٺندڙن ۽ پاڪستان ٺاهڻ جي وڏي واڪ ڳاله ڪندڙن کي اهڙيون تاريخي شاهديون آڏو آڻڻ گهرجن] 26.6.1947: 1943 ۾ جي.ايم.سيد جي ڪوشش سان سنڌ اسيمبلئ "پاڪستان پلان" جي تائيد ڪئي. اڄ وري سنڌ اسيمبلئ خاص اجلاس سڏائي پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلئ ۾ شامل ٿيڻ جو ٺھراء پاس ڪيو. 26.6.1947: هندوستان جي ورهاڱي جو وڏو اثر پنجاب ۽ بنگال تي پيو ۽ اهي ورهايا ويا. اڄ بنگال جي ورهاڱي بابت "بنگال سيپريشن ڪائونسل" جي گڏجاڻي ٿي ۽ بنگال ورهائڻ بابت ڳالھ ٻولھ ٿي. 26.6.1950: سنڌ ۽ پنجاب هڪ ئي ملڪ جا ٻه صوبا آھن. ليڪن حڪمرانئ جي حوالي سان وڏن وزيرن جي سوچن ۽ لوچن ۾ زمين آسمان جو فرق آھي. اڄ پنجاب جو وزير اعلان ٿو ڪري ته پنجاب ۾ انجنيئرنگ ڪاليج کولبو. سنڌ جو وڏو وزير اڄ اعلان ٿو ڪري ته روهڙئ ۾ غاليچن ٺاهڻ جي فئڪٽري کولي ويندي. هڪ وڏو وزير پنهنجي صوبي ۾ انجنيئر پيدا ڪرڻ ٿو گهري ۽ ٻيو وڏو وزير مزدورن جو تعداد وڌائڻ ٿو گهري. 26.6.1992: حڪومت ايم.ڪيو.ايم ۾ ٽاڪوڙا وڌا. ڪراچئ ۾ پارٽئ جي اڳواڻ عظيم طارق ۽ ٻين ڪيترن کي گرفتار ڪيو ويو. 26.6.1994: ملڪ جي حڪمرانئ ۽ حڪومتون ڊاهڻ ٺاهڻ ۾ ڪڏهن ڪامورا شاهئ جا هٿ نظر ايندا آھن ته ڪڏهن سگهارين قوتن جي خواهش محسوس ٿيندي آھي. پر اسان واپاري ۽ تجارتي برادرئ جا هٿ ۽ چھرا ڏسي نه سگهندا آھيون. در اصل انھئ برادرئ جا ڏوڪڙ ۽ ٻوڪڙ حڪومتن جي ٺاهڻ ڊاهڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪندا آھن. پاڪستان ۾ سياسي تبديلئ جا محرڪ اهي ۽ رهيا آھن ۽ اڪثر حڪومتن ۾ صدر يا گورنر جي عهدي جا ڌڻي اهي ئي رهيا آھن. اڄ تجارتي برادرئ حڪومت جي معيشي ۽ مالياتي حڪمت عملين تي احتجاج ڪندي ملڪ گير هڙتال ڪئي. *************** {26 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 26 جون 1893ع شاعر ۽ بزرگ سيد نجي الله شاهه راشدي (پير ڳوٺ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 جون 1927ع ليکڪ نور عباسي (ڀريا) جو جنم ڏينهن آهي. 26 جون 1944ع راڳي ڀڳت ارجن ڪنواڻي(گمبٽ / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي. 26 جون 1953ع شاعر اقبال شينو(دادو) پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 جون 1970ع شاعره پرهه سڪينه گاد (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 26 جون 1274ع مشهور اسلامي مفڪر ابو جعفر محمد نصير الدين طوسي جو انتقال ٿيو. 26 جون 1946ع سياستدان تهلرام لوڪومل جي ديهانت ٿي. 26 جون 1950ع موسيقار غلام علي چاڳلا (ڪراچي) جو انتقال ٿيو. 26 جون 1955ع صحافي تلوڪچند شرما (ڀريا / اجمير) جي ديهانت ٿي. 26 جون 1973ع شاعر محمد رمضان آزاد جو انتقال ٿيو. 26 جون 2005ع شاعر مجرم لغاري (جهڏو) جو انتقال ٿيو. 26 جون 2010ع مشهور شاعر احمد خان مدهوش(جوهي) جو لاڏاڻو ٿيو. 26 جون 2016ع صوفي راڳي جمال الدين فقير لاڏاڻو ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment