Thursday 2 June 2022

Sindh in History( June 3, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (3rdJUNE) BIRTH DATES: ‘Sam’ AmbratraiJaisinghani (Tayab/Poet/ birth 3rd June 1903), Muhammad UsmanDiplai (Diplo >Hyderabad/Journalist, Writer & Freedom Fighter/ birth 3rd June 1908), Ismail bin Wasif (Hyderabad/Poet/ birth 3rd June 1931), Rahim Bux Memon (Hyderabad/Educationist/ birth 3rd June 1936), Agha Shahabuddin (Educationist/ birth 3rd June 1939), Shamisuddin ‘Sabir’ (Poet/ birth 3rd June 1952), KaziQamar (Naudero/Writer/ birth 3rd June 1954), Din Muhammad ‘Dinal’ (Badah/Poet/ birth 3rd June 1954), GhulabGulAbro (Writer/ birth 3rd June 1981). DEATH DATES: Akhund Muhammad Bachal (Poet/ death3rd June 1862), Molvi Muhammad Suleman ‘Waiz’ (Religious Scholar & Freedom Fighter/ death3rd June 1948), Dr.Atta Muhammad ‘Hami’ (SohoKanasra/Scholar & Poet/ death3rd June 1982) EVENT: 1936: Lahore merchants express their apprehension about Pandit Nehru’s Socialist doctrine and vainly endeavoured to persuade him that his propengada is inopportane. 1947: The Transfer of power plan is accepted by big parties and their leaders. It is announced and broadcasted by All-India Radio. 1948: It is beginning of unique era and provinces those took part in the Pakistan Movement are mishandeled politically. Ex-Premier of the United Bengal, Hussain ShaheedSarwardi is arrested. Investigations into 56 allegations leveled against Ex-Chief Minister of Sindh, Muhammad AyubKhuhro are started. 1949: Now Pakistan has its onw currency, therefore the coin of One Rupee of united India will not be curreny more in the country. 1956: PMAs of the West Pakistan Assembly to get Rs.300 per month as allowance. 1963: Two killed in Lahore riots, military is called to maintain law and order situation. 1970: Stage is set to abolish ‘One-Unit’. Government completes its paper work. 1971: Ayub is responsible to create critical conditions in East Pakistan with the result that people were pushed to anti-Pakistan camp. Says Z.A.Bhutto. 1977: PNA & PPP Government talks start. Section 144 is withdrawn and leaders are released. Sindh in History Today (3rd June). Research & Video Talk by Dr.Pathan. تاريخ قوم جي عوام, حڪمرانن ۽ ڌارين جي نفسيات جو هڪ مستند رڪارڊ آهي. ان مان اها به خبر پوندي آھي ته حالتون ماڻھن کي بدلائينديون آھن يا ماڻھون حالتن کي بدلائيندا آھن. سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته عام ۽ حڪمرانن جي سوچن ۽ لوچن ۾ زمين آسمان جو فرق رهيو آھي. ان جو فائدو سنڌ-دشمنن کي مليو, جن سنڌ جا پرڳڻا سنڌ مان ڪاٽي ورتا ۽ عوام جي پيرن هيٺان ڌرتي ڇڏرائي. ڪشمير تائين پکڙيل سنڌ ڪٽبي وڍبي اڄوڪي دور تائين پهتي آھي. گذريل زماني ۾ ڇڙ و ڇڙ عوام پنهنجي سوچ سان ويڙھاند ڪئي ۽ ڌارين کي ڏينھن جا تارا ڏيکاريا. پر پنهنجا جو پراون سان گڏ هئا, ان ڪري گهربل قومي نتيجا ڪو نه نڪتا. اڄوڪي دور ۾ اڻ-ڳڻيون پارٽيون عوام کي پليٽفارم مهيا ڪيو آھي. انھن وٽ جلوس ڪڍڻ ۽ ڪانفرنسن ڪرائڻ کان سواء مسئلن جي حل جو ٻيو چارو ڪونهي. سنڌ جي هر دور جي ڪهاڻي ( تاريخ) ساڳي آھي. ٽالپورن,انگريزن ۽ اسان جي دور جي صورتحال ساڳي آھي. تصديق ۽ شاهدئ لاء اڄوڪو منھنجو وڊيو ٽاڪ ڏسو. *************** 3.6.1839: ڪمپني حڪومت جو گورنر جنرل پنهنجي سيڪريٽرئ هٿان ايسٽ وڪ کي هدايت ڪري ٿو ته تون مير رستم علي خان ۽ مير مبارڪ خان کي شاه شجاع کي ڏن ڏيڻ بابت پنهنجي طرفان اها پڪ نه ڏي ته هو ڏن ڏيندا ته شاه شجاع سندن ملڪ يا ملڪ جي حصي جي وارثئ تان هٿ کڻندو. سڄو مامرو پوليٽيڪل اسسٽنٽ کي طئي ڪرڻ ڏي. هو ئي اسان جي هدايتن مطابق انھن ٻنھي ميرن کان ڏن گهرندو ۽ انھن کي شاه شجاع جي حڪمت عملي ٻڌائيندو. 3.6.1852: ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر جي گذارش مڃي ۽ اجازت ڏني ته ڪراچئ کان جيڪب آباد تائين روڊ ٺھرايو وڃي. [ذھن ۾ رکڻ جي ڳالھ اها آھي ته فرنگين جو سنڌ جي ترقئ لاء ڪو هنيانء ڪونه پيو ڦاٽي. هنن کي پرماريت جي اصول تي قائم ٿيل حڪومت کي بچائڻ لاء پنهنجئ فوج کي ڪن هنڌن تي تڪڙي پهچائڻ لاء روڊ رستا ٺھرائڻا هئا. 3.6.1944: منوهرداس ڪوڙومل جي صدارت هيٺ ڪراچئ جي شرناگتي هال ۾ ليکڪن جي گڏجاڻي ٿي. ان ۾ ڏيارام وسڻ مل, سوڀراج فانئ, آسانند مامتورا, ڄيٺمل پرسرام ۽ نوجوان شاگرد ليکڪن مان امر ٻڌاڻي, پريم جوتسنگ ۽ ڀڳوان ٿڌاڻئ شرڪت ڪئي. انھئ گڏجاڻئ ۾ ”سنڌو ساهت ڪلب" نالي ادبي تنظيم ٺاهي وئي ته جيئن وڏين شخصيتن جا ڏينھن ملهائجن ۽ ادبي موضوعن تي ليڪچر ڪرائجن. 3.6.1947: گڏيل هندستان جي وڏين سياسي پارٽين "اقتدار منتقل ڪرڻ وارو برطانوي منصوبو" قبول ڪيو. 3.6.1948: پاڪستان قائم ٿئي کي هڪ سال به ڪونه ٿيو جو جن صوبن ۽ شخصيتن پاڪستان تحريڪ ۾ مثالي ڪم ڪيو, تن خلاف وٽ پڪڙ شروع ٿي. سنڌ جي سابق وڏي وزير محمد ايوب کهڙي ۽ يونائيٽيڊ بنگال جي سابق وڏي وزير حسين شھيد سهروردئ خلاف سخت قدم کنيا ويا ۽ انڪواريون شروع ڪرايون ويون. اڄ سهروردئ کي ٻڌو ويو ته مٿس 56 الزام هڻي انڪواري ويهاري وئي. 3.6.1959: اولھ پاڪستان جي گورنر جاچ-ڪميٽي جوڙي ته جيئن اها سابق وزيرن ۽ ميمبرن طرفان ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪري. اقتدار ڌڻين کي مخالف سياستدانن کي سوڙھي ۽ بڇڙي ڪرڻ کان سواء جهڙوڪ ٻيو ڪم هئو ئي ڪونه. 3.6.1975: سنڌ ۾ ٻوڏ وڏي تباهي آندي. اڄ دهشت ڀريئي درياه ڪيترا ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا. 3.6.1977: ملڪ مان 144 قلم ھٽايو ويو ۽ مخالف ڌر/پي.اين.اي جي ٻڌل ماڻھن کي آزاد ڪيو ويو ۽ انهئ ماحول ۾ ڀٽي جي حڪومت ۽ مخالفن وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿيون. *************** {3 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 3 جون 1903ع شاعر سامي امرتراءِ جئي سنگهاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 جون 1908ع صحافي ۽ ليکڪ محمد عثمان ڏيپلائئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 جون 1931ع شاعر اسماعيل بن واصف (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 3 جون 1939ع ليکڪ آغا شهاب الدينجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 جون 1952ع شاعر شمس الدين صابر جو جنم ڏينهن آهي. 3 جون 1953ع ليکڪ قاضي قمر (رتوديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 جون 1954ع شاعر دين محمد دينل (باڊهه) جو جنم ڏينهن آهي. 3 جون 1959ع سياستدان زاهد علي ڀرڳڙي (حيدر آباد)جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 3 جون 1862ع اسڪالر آخوند محمد بچل جو لاڏاڻو ٿيو. 3 جون 1948ع مذهبي اسڪالر مولوي محمد سليمان واعظ جو لاڏاڻو ٿيو. 3 جون 1982ع شاعر، محقق ۽ استاد ڊاڪٽر عطا محمد حامي(خيرپور) وفات ڪري ويو. 3 جون 1989ع مذهبي اڳواڻ ۽ انقلابِ ايران جي رهنما آيت الله خمينئ جو لاڏاڻو ٿيو. 3 جون 1998ع سگهڙ محمد ملوڪ عباسئ جو انتقال ٿيو. 3 جون 2003ع اداڪار، هدايتڪار ۽ شاعر نياز ڀٽو کي قتل ڪيو ويو. 3 جون 2005ع راڳي ٻڍو فقير انتقال ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment