Monday 27 June 2022

Sindh in history today (28th June). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (28th JUNE) 28th June BIRTH DATES 1. Ramchand Lalwani (Ajmir/Painter/ birth 28th June 1948) 28th June DEATH DATES 1. Nawab Ghulam Hyder Laghari (Tajpur/ death 28th June 1866) 28th June EVENTS 1943: The Governor of Sindh apprise the Government of India of situation and his action taken upon the subject/issue of lands appertaining to the ‘Turban’ conceded to Mir Ali Murad Khan , as well as those belong to mir Rustam Khan which he had resigned to Mir Ali Murad Khan. (Source: Sindh Governor’s letter). 1844: Persian Chiefs request Government of Bombay Agha Khan be permitted to join them at Bampoor. This may be noted thar Sir Agha Khan had moved application for permission to visit Iran and other countries.He was treated as Persian Prince in those days. (Source: Bombay Government’s letter No.1967/139) 1921: The Sindh Swaraj Society is fored with Rais Ghulam Muhammad Bhugre as its President and Santdas Mangharam as Secretary. The Society is formed with double objects of combating official high handedness on one side and the evil aspects of Non-Co-Operation on the other. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1933: The meeting of Peoples Party is held at Karaci with Sir Shahnawaz Bhutto in chair and matters relating to its organization are discussed. (Source: ‘Source Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1940: All the District Local Boards in Sindh are asked by the Government to contribute towards ‘War loan Fund’ (Source: Official Directive). 1942: In his paper ‘Harijan’, Mahatma Gandhi writes under the heading ‘The Hurs in Sindh’, as under: “I have no doubt if I could have gone to Sindh, I might have been able to do something. I have done such things before, not without success. But I am too old for such missions. What little energy I have, I am storing up for what promises to be the last fight of my life”. (Source: “Harijan”) 1992: All MQM MNAs and MPAs resign in protest against army clean-up operation. (Source: Newspapers). TRANSLATION INTO SINDHI "تاريخ جو دانهون ٻڌو. نه ته اوهان جي ڪو دانھن نه ٻڌندو" *************** 28 جون جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) Sindh in history today (28th June). Slection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Reseach by Dr.Pathan. *************** توجه طلب واقعا *************** 28.6.1843: سنڌ جي قابض گورنر چارلس نيپيئر اڄ ڪمپني حڪومت کي مير علي مراد خان جي حق ۾ گواهي ڏيندي لکيو ته مير علي مراد کي جيڪو پرڳڻو مليو آھي, ان ۾ هڪ حصو کيس پڳدار هجڻ ڪري مليو آھي ۽ ٻيو حصو سندس پنهنجي ذاتي ملڪيت جو آھي. سندس وڏو ڀاء مير رستم علي خان هن جي حق ۾ حڪومت ڪرڻ تان دستبردار ٿيو هو. ان ڪري مير علي مراد حڪمران ٿيو. [نيپيئر کان اهڙي پڇا ڳاڇا ٿيڻ جو هڪ ڪارڻ ھئ به هئو جو ميجر آئوٽرام سندس سنڌ بابت روين ۽ پاليسين تي سخت تنقيد ڪئي هئي. انھئ تنقيد ۾ نيپيئر تي اهو الزام به هو ته هن مير رستم علئ کي نظرانداز ڪري مير علي مراد جي همت افزائي ڪئي هئي] 28.6.1844: آغا خان ۽ سندس مريدن انگريزن جي سندن ڏکين ڏينھن ۾ دل ورتي هئي. هئ اهو زمانو هو جڏهن فرنگي فوج ٺٽي, جهرڪن ۽ ڀرپاسي تي پنهنجو تسلط قائم ڪري رهي هئي. انگريزن جهرڪن وٽ پنهنجي آگبوٽس جو بندر به بڻايو هو. انگريز آغا خان کي "ايراني شھزادي" جي حيثيت ۾ تسليم ڪندا هئا ۽ کيس پينشن به ڏيندا هئا. آغا خان ايران وڃڻ لاء فرنگي سرڪار کي درخواست ڏني هئي. اڄ ايران مان به ممبئي سرڪار ڏي پارتون آيون ته کيس ايران اچڻ جي اجازت ڏيو. 28.6.1921: رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ جي ڪوششن سان "سنڌ سوراج سوسائٽي" قائم ٿي. پاڻ ان جو باني صدر ٿيو ۽ سنتداس منگهارام کي وري سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. هن سوسائٽئ ٺاهڻ جا ٻه مقصد هئا: 1). سرڪار جي اره زورائين ۽ عوام دشمنين خلاف آواز بلند ڪرڻ, ۽ 2). عدم تعاون تحريڪ جي منفي اثرن جي نشاندهي ڪري عوام کي جوش بدران هوش سان سياست ڪرڻ جو درس ڏيڻ. 28.6.1940: سنڌ سرڪار سنڌ جي سمورن ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ کي تاڪيد ڪيو ته اهي حڪومت کي "جنگي قرض فند" ڏين. [سنڌ جي گورنر سنڌ جي وڏي وزير خانبهادر الله بخش سومري تي بار رکيو ته هو سنڌ جي وڏيرن ۽ اپر ڪلاس وارن کان جنگي قرض/مالي مدد وٺي ڏئي. وڏي وزير جي چوڻ سان ڪيترن وڏيرن ڏوڪڙ ڏنا ۽ وڏي وزير کين پنهنجي دستخط سان کين "آفرين ناما" ڏنا] 28.6.1942: سنڌ ۾ حڪومت ته سنڌين جي هئي, پر حرن خلاف انگريزن باه ٻاري ڇڏي هئي. هر ڪو زباني وات خرچ ڪري پنهنجي سياسي قرض لاهڻ ۾ پورو هو, ليڪن شدت سان انگريزن جي مخالفت ڪرڻ ۽ حرن جي مدد ڪرڻ وارا اٽي ۾ لوڻ برابر به ڪونه هئا. اڄ گانڌئ پنهنجي "هريجن" اخبار ۾ حر تحريڪ ۽ حرن بابت جيڪو لکيو, ترجمي ڪرڻ کان سواء ان مان اقتباس هتي ڏجي ٿو: "I have no doubt, if I could have gone to Sindh, I might have been able to do something . I have done such things before, not without success. But, I am too old for such missions. What little energy I have, I am storing up for what promises to be the last fight of my life". 28.6.1977: ذوالفقار علي ڀٽي درست انديشو ڏيکاريو ته پي.اين. اي ڳالهين ۾ جمود کي جاري رکيو ته اهو جمهوريت ٽوڙي پاش پاش ڪندو. 28.6.1992: چوندا آھن ته چور جي ماء ڪنڊ ۾ روئي ۽ مٿان پئي ته چور لوڙھا ٽپي ڀڄي وڃي. سو سنڌ ۾ فوج طرفان آپريشن ڪلين اپ شروع ٿيو ته احتجاج طور ايم.ڪيو.ايم جي سمورن صوبائي ۽ قومي اسيمبلئ جي ميمبرن استعيفائون ڏنيون [ گروهي ٻڌي انھئ کي چئبو آھي. پر ياد رکڻ جي ڳالھ هئ آھي ته ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت خلاف, درياه مان حصي جي پاڻي وٺڻ جي حق لاء, سنڌي ٻولئ جي تاريخي حق لاء ۽ کنڀي کنيلن جي واپس ڪرڻ لاء يا ڪوڙن ڊوميسائلن ٺھڻ خلاف اسان جو ڪو صوبائي يا قومي اسيمبلئ جو ميمبر احتجاج ڪندي استعيفا نه ڏيندو] 28.6.2009: شڪارپور سنڌي ادبي سنگت ڪهاڻئ بابت ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو ۽ ٻولين جو ڏينھن پڻ ملهايو. هن تقريب ۾ ممتاز بخارئ, ڊاڪٽر خادم منگئ, خليل مورياڻئ, ضياء شاه, وحيد محسن, نسيم بخارئ ۽ عديل مهر وغيره شرڪت ڪئي. *************** {28 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 28 جون 1948ع آرٽسٽ رام لال چنداڻي (اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 28 جون 1866ع نواب غلام حيدر لغاري جو لاڏاڻو ٿيو.

No comments:

Post a Comment