Wednesday 22 June 2022

Sindh in history today (23rd June). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (23rd JUNE) 23rd June BIRTH DATES 1. Kazi Abdul Nabi Shikarpuri (Religious Scholar/ birth 23rd June 1834), 2. Muhammad Bux ‘Hafiz’ (Poet/ birth 23rd June 1938), 3. Laxmi Jevati (Writer/ birth 23rd June 1940), 4. Jairamdas Bajaj (Journalist/ birth 23rd June 1954) 23rd June DEATH DATES 1. Moulvi Ghulam Rasool Tunio (Religious Scholar/ death 23rd June 1901), 2. Moulvi Muhammad Suleman Banvi (Religious Scholar & Freedom Fighter/ death 23rd June 1941), 3. Hakim Moeen-u-ddin (Religious Scholar & Freedom Fighter/ death 23rd June 1948), 4. Moulvi Muhammad Suleman ‘Waiz’ (Religious Scholar & Freedom Fighter/ death 23rd June 1948) 23rd June EVENTS 1832: The Bombay Government allows Colonel Pottenger to assemble army for routing out free-booters in eastern Sindh. (Source: Letter No.154) 1843: Lieutenant Gordon, in charge of the ex-Amirs of Sindh recommends to the Secretary to the Governor of Bombay that allowance should be made to Amirs/detained Talpurs as under: Provisioning 13 ex-Amirs and 98 attendants (Rs.8.000), Monthly wages to servants (Rs.3000), Clothing (1500), Establishment of carriages, horses etc (Rs.2500), Mir Nasir Khan of Hyderabad (Rs.2800), Mir Rustam Khan of Khairpur (Rs.2500), Mir Sobdar Khan (Rs.2500), Mir Muhammad Khan (Rs.2000), Mir Hussain Ali s/o Mir Mir Muhammad (Rs.1400), Mir Muhammad Khan (Rs.600), Mir Yar Muhammas (Rs.400), Mir Nasser Khan of Khairpur (Rs.700), Mir Hussain Ali s/o Mir Nasser Khan of Hyderabad (Rs.500),Mir Abbas Ali s/o Mir Nasser Khan of Hyderabad (Rs.300), Mir Fatih Khan s/o Mir Sobdar Khan (Rs.500), Mir Muhammad Ali s/o Mir Sobdar Khan (Rs.300) and Mir Ali Bux s/o Mir Rostam Khan (Rs.500)- (Source: ‘Correspondence related to Sinde’) 1922: The meeting of Aman Sabha- anti Khilafat & Congress-is held at Tando Muhammad Khan with K.B.Jam Mitta Khan in chair. About 20 landlords, Pirs and Mukhis address the meeting and ask people not to join any agitation against the Government. Moulvi Abdul Aziz is awarded Turban and Longi for his services in this regard. This meeting is attended by the Deputy Collector and Mukhtiarkar of Shadadpur, Diwan Kirpaldas,Dyaram Ghanomal,Seth Radha Kirshin,Shamdas, Diwan Wadhomal and Diwan Tekchand. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1934: R.K.Christia, a Sindhian lady is awarded the degree of Ph.D by the London University. She got education in D.J.Sindh College and served in ‘Women College’, Lahore. She did Ph.D. on the topic of ‘Action of Bacteria on the corrosion of metals’.(Source: The Daily Gazette, Karachi). 1948: Pakistan Government takes over the administration of Karachi from Sindh Government. Most of Sindhi politician are happy and take it as their service to Pakistan, but majority of Sindhi believe it as fall of Karachi. (Source: Newspapers). 1956: Government of Pakistan decides to celebrate 23rd March as a national day. This decision is taken nine years after the creation of Pakistan! (Source: Newspapers). 1988: Pir Pagaro offers PML leadership to President Zia. (Source: Ibid). TRANSLATION INTO SINDHI Sindh in history today (23rd June). Slection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with interpretation. Reseach by Dr.Pathan. 23 جون جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 23.6.1832: ممبئي سرڪار سنڌ ۾ مقيم سفارتڪار ڪرنل پاٽينجر کي هدايت ڪئي ته فوجي ماڻھن جي مدد سان انھن ماڻھن خلاف فوجي ڪاروائئ جي تياري ڪر, جيڪي سنڌ جي اڀرندي سرحد تي اسان جي ماڻھن ۽ واپارين کي ڦريندا لٽيندا رهن ٿا. [ياد رهي ته انهن ڪاروائين ۾ کوسا, واگهيلا ۽ ٻيا سنڌي ماڻھون سرگرم هئا. ڏوهي طبيعت هئڻ سان گڏ سندن دل ۾ سنڌ دوستي هئي. هو نه پيا چاهن ته فرنگي آزادئ ۽ پنهنجئ مرضئ سان سنڌ ۾ ناپاڪ قدم رکن] 23.6.1841: آئوٽرام پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌائي ٿو ته مير شير محمد سان معاهدي بابت ڳالهيون مڪمل ٿي چڪيون آھن. هو ايسٽ انڊيا ڪمپنئ کي ساليانو 50000 ڪمپني روپيا خراج ڏيندو ۽ حيدرآبادي ميرن سان سندس سمورا مامرا اسان معرفت حل ڪرائيندو. سندس ننڍڙي پٽ مير فتح خان کي مون سان ملائي ويا آھن. مون منشي علي اڪبر کي ميرپور موڪليو آھي ته معاهدي تي دستخط ڪرائي اچي. 23.6.1843: سنڌ جي سابق حڪمرانن کي جنگي قيدي بڻائي پهريون ساسور جيل ۾ رکيو ويو. ان وقت ليفٽيننٽ گورڊن سندن نگرانئ ۽ خيال رکڻ لاء انچارچ مقرر ڪيو ويو. قيدي ميرن لاء ھن ريت ماهوار الائونس مقرر ڪيو ويو: مير نصير خان, حيدرآبادي (2800 روپيا), مير رستم خان (2500 روپيا), مير صوبدار خان (2500 روپيا), مير محمد خان (200 روپيا), مير حسين علي ولد مير محمد خان (1400 روپيا), مير محمد خان (600 روپيا), مير يار محمد (400), مير نصير خان خيرپوري (700 روپيا), مير حسين علي ولد مير مير نصير حيدرآبادي (500 روپيا), مير عباس علي ولد مير نصير حيدرآبادي (300 روپيا), مير فتح علي ولد مير صوبدار خان (500 روپيا), مير محمد علي ولد مير صوبدار (300 روپيا) ۽ مير علي بخش ولد مير رستم علي خان (500 روپيا). ان کان سواء سڀني ميرن جي نوڪرن جو ماهانو معاوضو (3000), ميرن ۽ سندن نوڪرن جي لٽي لباس لاء ماهوار معاوضو (1500 روپيا) ۽ ٽانگا ۽ گهوڙا رکڻ لاء (2500 روپيا). 23.6.1843: ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جو گورنر "سيڪريٽ ڪميٽئ" کي رپورٽ ڏيندي لکي ٿو ته سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ سنڌ ۾ مير علي مراد خان فقط اهو ماڻھو هئو, جنهن اسان سان وفاداري ڪئي ۽ اسان جي مدد ڪئي. هن کي پڳ ۽ تخت سندس وڏي ڀاء مير رستم علئ جي هٿ کڻڻ ڪري مليو هو. اسان انھئ ڳالھ جو خيال رکون ٿا ته هن جي دشمنن هٿان سندس وار به ونگو نه ٿئي. [ياد رهي ته جڏهن فرنگين جا پير پختا ٿيا ۽ سنڌ جا حڪمران بڻيا ته پنهنجي يار وفادار مير علي مراد خلاف انڪواري ڪرايائون] 23.6.1851: ميونسپالٽئ کان اڳ سنڌ جي وڏن شھرن ۾ ”ڪنزروينسي بورڊ“ هوندا هئا ۽ اهي ميونسپالٽين جهڙو ڪم ڪندا هئا. اڄ ڪراچئ جي "ڪنزروينسي بورڊ” سنڌ ڪمشنر کي گذارش ڪئي ته بندر روڊ ٺھرائي ڏيو ۽ سرڪاري ملازمن جي ڪالونين کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي. 23.6.1922: خانبھادر ڄام مٺا خان فرنگي سرڪار سان وفاداري ڏيکاريندي ٽنڊي محمد خان ۾ "امن سڀا" قائم ڪئي هئي ته جيئن انھئ پليٽ فارم کي خلافتين خلاف ڪتب آڻجي ۽ عوام ۾ فرنگين جي وفادارئ کي عام ڪجي. اڄ سندس صدارت ۾ اتي "امن سڀا" عوامي ميڙاڪو ڪوٺايو, جنهن ۾ لڳ ڀڳ 200 ماڻھون آيا. هن گڏجاڻئ ۾ شهدادپور جي ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مختيارڪار به شرڪت ڪئي. انھئ موقعي تي ديوان ڪرپلداس, ڏيارام ڳهڻومل, سيٺ راڌا ڪرشن, شامداس, ديوان واڌومل ۽ ديوان ٽيڪچند تقريرون ڪيون ۽ ماڻھن کي تاڪيد ڪيو ته خلافت ۽ ڪانگريس کان ڀڄي پاسو ڪيو. 23.6.1934: ڊي.جي.ڪاليج مان پڙھي نڪتل ۽ لاهور جي عورتن واري ڪاليج جي استادياڻي, سنڌ واسڻ آر.ڪي. ڪرسٽيا سنڌ جي پهرين مائئ لنڊن يونيورسٽئ مان پي ايڇ. ڊي ڪئي. سندس تحقيق جو عنوان هو "Action of Bacteria on the corrosion of Metals". 23.6.1942: گڏيل هندستان جي نامياري سياستدان ملڪي حالتن تي تبصرو ڪندي مسلم ليگ تي تنقيد ڪندي چيو ته هن پارٽئ جڏهن کان "پاڪستان" جو مطالبو شروع ڪيو آھي ته دليون ورهائجڻ لڳيون آھن ۽ ماڻهون فسادن جي ور چڙھي ويا آھن. 23.6.1948: پاڪستان سرڪار ڪراچئ جو انتظام پنهنجي هٿ ۾ کنيون. ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي سياستدانن مخالفت ڏيکاري, ڪافي سياستدانن خاموشئ ۽ خوشئ جو اظھار ڪيو ته سنڌ پاڪستان جي ڪم آئي. 23.6.1956: ملڪ ٺھڻ جي نون سالن کان پوء سرڪار فيصلو ڪيو ته اڳتي 23 مارچ ”قومي ڏينھن" طور ملهايو ويندو. 23.6.1988: پير پاڳاري ضياء الحق کي پاڪستان مسلم ليگ جي صدر ٿيڻ جي آڇ ڏني. ************** {23 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 23 جون 1834ع قَاضي عبدالنبي شڪارپوري جي پيدائش ٿي. 23 جون 1938ع شاعر محمد بخش ”حافظ“(نوان جتوئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 جون 1940ع شاعره لڪشمي جيوتي (ڪراچي / الهاس نگر) جي پيدائش ٿي۔ 23 جون 1954ع ڪشمور سان تعلق رکندڙ صحافي جئه رام داس بجاج جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 23 جون 1901ع مذهبي عالم مولوي غلام رسول تنيو جو انتقال ٿيو. 23 جون 1941ع مذهبي عالم مولوي غلام محمد ٻنوي جو انتقال ٿيو. 23جون 1948ع عالم مولوي محمد سليمان واعظ جو انتقال ٿيو. 23 جون 1948ع عالم حڪيم معين الدين خيانروي جو انتقال ٿيو. 23 جون 1974ع مولوي نذير حسين جتوئي (لاڙڪاڻو) جو انتقال ٿيو. 23 جون 1980ع اندرا گانڌي جو پُٽ سنجي گانڌي هڪ جهاز حادثي جو شڪار ٿي ويو. 23 جون 1989ع سياستدان ايم اي قريشئ جو لاڏاڻو ٿيو. 23 جون 2004ع مذهبي عالم عزيز الله جروار جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment