Tuesday 7 June 2022

Sindh in history today (8th June). By.Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY By Dr. Dur Muhammad Pathan [I am here to create friendship between Past & Present & apprise Sindhis & their well-wishers of glorious past.] 8th June 8th June BIRTH DATES 1. Ahmed Khan Asif Misrani (Mitho Babur/Poet & Scholar/1922), 2. Fida Surhio (Tando Muhammad Khan/Writer/1932), 3. Vasdev Motiani (Karachi-> Ajmir/Social Worker/1936), 4. Abid Sindhi (Sujwal/Poet/1954), 5. Mushtaq Abbasi (Writer/1957), 6. Padmani Kamal (Poetess/1958) 7. Zakir Hussain Khati (Jati/Poet/1962), 8. Kaka Nizam Uddin(Hala/Poet/1963), 8th June DEATH DATES Shaikh Babu Muhmmad Suleman (Journalist & Politicians/1908) 8th June EVENTS 1843: Mir Hussain Ali Khan writes from Sassor to the Court of Directors. It is a short statement of his history, that gives an account of betrayal British and un - friendly attitude with Sindh Rulers. He ends his petition with request that 'restore me with honor and dignity to my country and relations. In return for which kindness I will obey and serve to British Govt. as long as I live.' 1850: The Sindh Govt. decides to build Travellers bungalows at Karachi and at places between Karachi and Thatta and Sanatorium at Karachi. Rough designs and estimates are submitted to the Govt. of Bombay for approval and sanction. 1917: Metharam Sajarasing inaugurates Publish Library at Rohri. It is opened by Satsri Dharamdas Mandal for Public. 1945: The freedom of India is one of the main measures advocated in the British Communist party election program. 1947: The All India Committee of the Hindu Mahasabha reiterates its opposition to partition of the country and declared that there will never be peace unless the separated are brought back into the Indian union and made its integrates parts. 1950: Pir Ali Muhammad Shah Rashdi resigns as the President of PNEC, and chapter is closed for Sindhis tohead and lead Journalists' community in the country. 1953: Thousands of people have sent appeals to the Governor - General for reviewing of the judgmentin Rawalpindi Conspiracy Case. 1956: Mirza Mumtaz Hussain Qazilbash, ex - minister Khairpur State is inducted in West Pakistan cabinet. kazi Fazul-u- Ullah, Mir Ali Ahmad Talpur and Abdul Sattar Pirzado are already ministers there. 1965: Second National Assembly under the 1962 Constitution, comes into existence. 197!: U.K recalls British Dy.High Commissioner from Dhaka. 1971: Eleven people are killed when police open fire on the labor procession in Karachi. 1989: Awami National Party snaps alliance with PPP. Negotiation with IJI start. 1991: Fifty passengers are killed in Rawalpindi bound Tezgam's collision with a goods train at Ghotki. Dr.Dur Muhammad Pathan Sindh in History today (8th June) اسان جي ترقئ نه ڪرڻ ۽ حالتن نه بدلائڻ جا سنڌ جي تاريخ اهو به هڪ سبب ٻڌائي ٿي ته اسان پنهنجي هڪ هٽي ۽ دوڪانداري قائم ڪرڻ لاء زنده ۽ مرحوم آدرشي شخيتن جي پوڄا ڪريون ٿا. انهئ آدرشي شخصيت کي هر درد جي دوا ۽ هر مسئلي جو حل چئي, پنهنجي نظرياتي ۽ فڪري گاڏئ کي هڪ هنڌ بيهاري ڇڏيون ٿا ۽ ارتقا جي عمل کي ڪندفهمئ جا ڪڙا هڻي, اڳتي هلڻ کان روڪي بيهاريون ٿا. اسان کان آدرش دوستي وسري وڃي ٿي ۽ راسخ عقيدي وارا شخصيت پرست بڻجي وڃون ٿا. حالانڪ هن دنيا ۾ الاهي ڪلام کان سواء ڪو حرف آخر ناهي ۽ اسان مان عقل ۽ علم ۾ ڪو به آخري شخص ڪونهي. مستقل ۾ ماضئ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏاها, سيبتا, بهادر ۽ بي باڪ انسان پيدا ٿيندا آھن. ان ڪري جڏهن اسان نئين نسل کي پنهنجي (مرحوم يا زنده) آدرش جو پيروڪار ۽ معتقد بڻايون ٿا ته هن کي شخصيت پرست ۽ غلام بڻايون ٿا. غلام پنهنجون حالتون ڪونه بدلائيندا آھن. ان ڪري شخصيت پرستئ بدران نئين نسل ۾ آدرشن/اصولن/قدرن/نظرين جي پوئواري ۽ سچائي ڪرڻ سيکارڻي آھي ۽ نئين نسل کي سمجهائڻو/ٻڌائڻو آھي ته اسان جو سياسي هادي/رهبر قوم کي جيڪو فلسفو/نظريو ڏئي ويو يا ڏئي رهيو آھي, نئين نسل کي ئي ان جي تشريح ڪرڻي آھي ۽ نئون نسل اڳ ۾ ٿيل اڻپوري ڪم جو اڳواڻ بڻجي پورائو ڪري. نئين نسل مان اڳواڻ تڏهن پيدا ٿيندا, جڏهن انھن ۾ ماضئ (هن کان اڳ) جي شخصيتن کي پرکڻ ۽ واقعن/حالتن سمجهڻ جي سگھ پيدا ٿئي. اها سگھ تاريخ پڙھڻ سان ئي پيدا ٿيندي آھي. اها سگھ رهبر ۽ رهزن جو فرق سمجهائيندي آھي ۽ اها سگھ واقعن جي سببن ۽ نتيجن جي ساڃھ ڏيندي آھي. ان لاء تاريخ پڙھڻ ”قومي فرض“ بڻجي پئي ٿو. آئون روزانو اچي, ان ڪري ئي اوهان کي تاريخ ٻڌائيندو آھيان. اڄ 8 جون جي حوالي سان اوهان سان هي ڳالهيون ڪرڻيون آھن: *************** توجه طلب واقعا *************** 8.6.1842: ايسٽ انڊيا ڪمپنئ حڪومت جي گورنر جنرل اڄ سليڪٽ ڪمٽئ کي خط لکي ٻڌايو ته افغانستان ۾ اسان جي فوجين جي جيڪا ڀينگ ٿي آھي, اهو ٻڌي مير حڪمرانن جو من وڌي ويو آھي ۽ اسان خلاف سازشن سٽڻ ۾ مصروف ٿي ويا آھن. هنن کي ٿوري ڇنڊ پٽڻ لاء سندن نالي خط لکي مون آئوٽرام کي ڏياري موڪليا آھن ۽ هو جڏهن مناسب ڄاڻندو ته منھنجا خط ميرن کي پهچائيندو. 8.6.1850: سرڪاري لکپڙھ مان پتو پئي ٿو ته ٺٽي ۽ ڪراچئ وچ ۾ سرڪاري بنگلن ۽ ڪراچئ ۾ سينٽوريم ٺھرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. 8.6.1945: برطانيه جون سڀ ڌريون هن دور ۾ انھئ ڳالھ تي متفق ٿي چڪيون هيون ته هندوستان مان هٿ پٽڻ گهرجن. اهو ئي سبب آھي جو برٽش ڪميونسٽ پارٽئ پنھنجي چونڊن واري مينيفيسٽو ۾ ھندوستان جي آزادئ کي به شامل ڪيو. 8.6.1947: 1940 کان پوء "آزادئ جي تحريڪ" ورهاڱي جي تحريڪ بڻجي وئي ۽ مسلم ليگ ان کي "پاڪستان جي تحريڪ" طور مسلمانن ۾ عام ڪيو. ڪيترين غير مسلم ليگي مسلمانن جي جماعتن کان سواء, ڪانگريس ۽ هندو مهاسڀا ورهاڱي جي مخالفت ڪئي. پر پوء ڪانگريس انھئ ڳالھ تي راضي ٿي ته هندوستان کي ڀلي ورهائجي. اڄ ”ھندو مهاسڀا" طرفان بيان جاري ٿيو ته ملڪ کي ورهائڻ بدران ورهاڱو چاهيندڙن سان ڳالهيون ڪري کين راضي ڪجي ته جيئن ورهاڱو نه ٿئي. 8.6.1950: علي محمد شاه راشدي فرنگي دور جي آخري ڏهاڪي ۾ انتهائي سرگرم ۽ نامور سياستدان ٿي رهيو. پاڪستان ٺھيو ته هن صحافت جي دنيا وسائي ۽ ڪيترو عرصو "پاڪستان نيوز پيپرس ايڊيٽرس ڪائونسل" جو صدر ٿيو. پر ڪانو مئا ڪونه هئا جو لولو حج تي پيو هلي. راشدئ خلاف وڏي تحريڪ هلي. تان جو اڄ ھن صدارت تان استعيفا ڏني. 8.6.1953: "راولپنڊي سازش ڪيس" ۾ ملزمن خلاف فيصلو آيو ته گورنر جنرل کي هزارين اپيلون ڪيون ويون ته ڏنل سزائن تي نظرثاني ڪري. [تان جو اڳتي هلي انھن سزائن تي عمل نه ٿيو] 8.6.1856: اولھ پاڪستان حڪومت ۾ قاضي فضل الله, مير علي احمد ٽالپور ۽ عبداستار پيرزادي کي وزير طور کنيون ويون. 8.6.1977: پي.اين.اي جي سيڪريٽري جنرل پروفيسر غفور احمد پڌرو ڪيو ته پي.ي.پي ۽ سندس پارٽئ وچ ۾ طئي ٿي چڪو آھي ته موجوده اسيمبليون جلد ٽوڙيون وينديون. [ ڀٽي جو تختو اونڌو ڪرڻ کان اڳ پي.پي.پي ۽ پي.اين.اي وچ ۾ سياسي مامرو گهڻي ڀاڱي حل ٿي چڪو هو. ] 8.6.1989: عوامي نئشنل پارٽئ وارن پيپلز پارٽئ سان سياسي ناتا ٽوڙي فيصلو ڪيو ته هاڻي آء.جي.آء وارن سان ياري رکبي. 8.6.1991: گهوٽڪئ وٽ تيزگام جو مال گاڏي سان ٽڪر ٿيو. هن حادثي ۾ 50 مسافر مري ويا. {8 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 8 جون 1884ع سوامي ڄيٺانند عرف سوامي اچل پرساد ناٿاڻئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 جون 1932ع ليکڪ فدا سرهيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 جون 1936ع سماجي ورڪر واسديو موٽياڻي (ڪراچي / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 8 جون 1954ع شاعر عبدالله عابد سنڌي جو ڏينهن آهي. 8 جون 1957ع ليکڪ مشتاق عباسي جو جنم ڏينهن آهي. 8 جون 1958ع ليکڪا پدمڻي ڪمل جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 8 جون 1590ع مذهبي عالم مخدوم عباس پاٽائئ جي وفات ٿي. 8 جون 1908ع صحافي شيخ بابو محمد سليمان جي وفات ٿي.

No comments:

Post a Comment