Thursday 2 May 2024

SINDH in history today (3rd May). By. Dr.Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (3rd May) & GOOD DAY ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [Truth is beyond listening and believing in hypothesis. Time has an strength/ power to prove any thing true or false. Dear! Do not be only ear or tongue. Be always heart, full of beauty & love] جو چئین يا ٻڌین سپرین، سو سورنھن آنا سچ ناھي، وقت ئي وڏي واڪ ، سچ کي ثابت ڪري کولي ٻڌائي، الڪو ۽ اجائي اڻ تڻ لاھي، وٺ پاسو سرت سلام جو ************* EVENTS from history: 1841: Govt. of India asks Major Outram, its Political Agent for lower Sindh, to furnish report alongwith his opinion on the petition of Abbaju Thakor of Nagar Parkar regarding his claim on some villages. It is interesting to note that though, Sindh is still ruled by Talpurs but, matters are decided by others. 1850: Sindh Administration decides that Bugti Dato Mundrani, presently prisoner in Shikarpur jail must not be released in the greater interest of peace. 1851: The Sindh Commissioner requests the Bombay Govt. for permissiom and sanction of the erection of Bunglows on various places for travellors coming by Indus from Punjab, Bombay and England so as to ensure their protection. 1957: Pakistan defends and justifies its association with SEATO and other treaties of friendship. 1962: Pakistan and China agree to negotiate the demarcation of their common borders. 1963: Nearly 500 million dollars will be provided for the Tarbela Dam Project. An International agreement is signed in Washington. 1969: Gen. Yahya sends condolence message to Indira Gandhi/India on death of Indian President Dr.Zakir Hussain. 1973: Alleged conspiracy to subvert discipline and loyalty of Pakistan Army & PAF Personnel. More officers are held. 1989: MQM ministers resign from Sindh Cabinet. Protest against confinement of Altaf Hussain and others. Demand to change Hyderabad administration is also not meet. SINDHI TRANSLATION OF POST: ********** توجه طلب واقعا *************** 3.5.1841: نگرپارڪر جي اباجو ٺاڪر ڪيترن ڳوٺن جي مالڪئ تي مامرو ڪيو. پر سنڌ جي حڪمرانن بدران فرنگين وٽ داد رسئ لاء دانهيو. اڄ ڪمپني حڪومت ميجر آئوٽرام کي هدايت ڪئي ته هو ان سلسلي ۾ تفصيلي رپورٽ ٺاهي موڪلي. 3.5.1850: سنڌ جي ڪمشنر اڄ شڪارپور جي ڪليڪٽر کي لکيو ته تو بگٽئ ڏاتي مندراڻي کي جيڪا آزاد ڪرڻ لاء اجازت گهري آھي, اها منظور نه ٿي ڪري سگهجي. هن بدنام ڏوهارئ کي قيد ۾ ھجڻ گهرجي. 3.5.1850: سنڌ جي ڪمشنر ممبئي سرڪار کان سنڌوء ڪناري يا ان جي ڀر پاسي ڪجھ بنگلن ٺھرائڻ جي اجازت گهري ۽ ان لاء سبب ڄاڻايو ته ان مان انھن واپارين کي سهولت ملندي جيڪي سنڌ ۽ پنجاب کان ممبئئ ۽ انگلنڊ سان واپار ڪندا. 3.5.1919: رتيديري ۾ راء صاحب ديوان مولچند جي صدارت ۾ سرڪار پرستن جو ميڙاڪو ٿيو. ان ۾ سر شاهنواز ڀٽي هڪ ٺھراء پيش ڪيو, جنهن کي ديوان ڀوڄراج سيڪنڊ ڪيو ۽ ديوان هرداس مل ٽيڪو ڏنو. ٺهراء ۾ ”روولٽ ايڪٽ“ پاس ڪري لاڳو ڪرڻ تي سرڪار جي واکاڻ ڪئي وئي. ٺھراء جا لفظ ھي آھن: "We have read the Rowlaat Act. We fully sympathise with the Government in its codification , and we condemn the action taken by the agitators in recent disturbances". 3.5.1947: غلام احمد نظامئ جي صدارت هيٺ ڪراچئ ۾ ”سنڌي بزم ادب" طرفان مشاعرو ٿيو, جنھن ۾ الله بخش سرشار عقيلئ, محمد اسحاق, عبدالڪريم, محمد علي خالدئ, جمعي خان غريب پنهنجو ڪلام پيش ڪيو. [ياد رهي ته 1947 تائين ڪراچئ ۾ سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جون تمام گهڻيون سرگرميون ٿيون. ان کان پاسو جو بدليو ته اهي اٽي ۾ لوڻ برابر ٿي ويون] 3.5.1963: واشنگٽن ۾ ٺاه تي صحيون ٿيون ته تربيلا ڊيم پراجيڪٽ لاء پاڪستان کي 500 ملين ڊالر ڏنا ويندا. 3.5.1989: الطاف حسين تي ڪيس هلائڻ ۽ حيدرآباد انتظاميه کي نه بدلائڻ تي ناراض ٿي, ايم ڪيو ايم وارن وزيرن سنڌ حڪومت تان استعيفائون ڏنيون. *************** {3 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 3 مئي 1920ع سنڌ جي مشهور شخصيت ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي پيدائش ٿي. 3 مئي 1936ع شاعر عبدالقيوم “اُفق” جي پيدائش ٿي. 3 مئي 1936ع ڪراچي جي اديبه نعيمه جمعو تيجاڻي جي پيدائش ٿي. 3 مئي 1936ع انجنيئرنگ جي پارکو ۽ مھراڻ يونيورسٽيءَ جي پھرين وائيس چانسلر ايس ايم قريشئ جو جنم ڏينھن آھي. 3 مئي 1943ع اديب نياز هيسباڻي جي پيدائش ٿي. 3 مئي 1974ع جماعت اسلامي سنڌ جو امير مولانا اسد الله ڀٽو جي پيدائش ٿي. 3 مئي 1950ع مصور، شاعر ۽ اديب اياز عالم ابڙوجي پيدائش ٿي. 3 مئي 1962ع صحافي پاويل جوڻيجو جي پيدائش ٿي. 3 مئي 1973ع صحافي سرڪش سڌايو جي پيدائش ٿي. [وڇوڙو:] 3 مئي 1825ع ديني عالم آخوند عزيز الله ميمڻ(مٽياري) جو لاڏاڻو ٿيو. 3 مئي 1906ع شاعر ۽ صوفي درويش بچل شاهه(سکر) جو انتقال ٿيو. 3 مئي 1982ع سياستدان سيد خير شاهه جو انتقال ٿيو. 3 مئي 1977ع مشهور موسيقار ۽ راڳي ماسٽر محمد ابراهيم جو لاڏاڻو ٿيو. 3 مئي 1994ع مشهو رسنڌي ۽ اردو ڊرامن ۽ فلمن جي مشهور اداڪار منصور بلوچ جو انتقال ٿيو. 3 مئي 2015ع قومپرست اڳواڻ عبد الواحد آريسر جو لاڏاڻو ٿيو.****

No comments:

Post a Comment