Friday 3 May 2024

SINDH in history today (4th May). By. Dr.Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (4th May) & GOOD DAY ********* Dr.Pathan whises you Good Day. [Dear! I am aware of my countless limitations, faults and mistakes. I believe values and ideology as tradition and without understanding their cause and reason. My all efforts are only for my interests. Ego, hatred and discrimination are foundations of my behaviour and attitude . You are an ideal and role-model. Would you kindly bring change in my heart and mind with your vision & wisdom and beauty & love, please? ] نہ ڪا سونھن نہ سرت نہ سوچن لوچن منجه سرھاڻ، اوقات اهي ئي جو ڪڍجي قدرن نظرين جي نقلي ڪاڻ, پوء رانول راضي ٿئي اوڳڻن ۽ عیبن تي ڇو ۽ ڇاڪاڻ؟ نینھن بجاء جي انا نفرت تان پوء ٿئي نہ ڪا روح رھاڻ, تون خوبین جي کاڻ, ڪا تبديلي آڻ سار ي سلام سان. ************* SINDH including Pakistan) IN HISTORY TODAY {4th May} Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan EVENTS: 1839: Lieutenant Leckle writes to Colonel Pottenger informing him that British fleet has been detained at Sehwan under orders of Sindh Rulers. 1845: It is beginning of the imposition of treaty by the British on Mir Ali Murad Khan Talpur, ruler of the Khairpur state. He raises objections but, all in vain. His friends of yesterday are behaving as his masters. Very un-trustworth role is being played by them. 1921: A public meeting is held at the Eidgah ground of Karachi. It is presided over by Muhammad Khan, whereas is addressed by Lalchand Amardinomal Jagtiani, Durgdas B.Advani; Manilal Vyas; Chunirai Virbhdas;Jetley; Sundardas Valabhdas and others. The meeting congratulates Sawami Govindanand and other victimized leaders and workers of the Non-Cooperation Movement on their patriotic work and sacrifiece. It is decided that ‘Dedanta Ashram’ of Sawami Govindanand will be looked after by a committee during his absence because of being in jail. 1927: Judgment in the case of a pamphlet containg objectionable material and use of ugly language against Holy Prophet (PBUH) is delivered by Justice Kunwar Dalipsing of the Lahore High Court. The accused Rajpal, the publisher of that pamphlet is set free. The same pamphlet with same was later on translated and published by Nathoram in Sindh. He was killed in court by Ghazi Abdul Qayoom in Karachi. 1930: Sir Shafi and M.A.Jinnah are in Sukkur and are invited by Haji Abdullah on lunch. M.A.Jinnah was there to plead case of Pir of Pagaro. 1938: A letter written by Syed Budhal Shah appears in the issue of Al-Waheed, in which he has criticised the role being played by G.M.Syed in the Sindh Legislative Assembly. He terms anti-Ghulam Hussain Hidayatullah activities of G.M.Syed as line of action designed by Hindu politicians. 1947: M.A.Jinnah, Liaquat Ali and Gandhi meet the Viceroy and discuss with him the communal situation in the Frontier, Asam,Bengal and Punjab. 1954: Pakistan Government rejects the Russian protest made on March 27, against US-PAK Military cooperation. 1971: PPP Chief, Z.A.Bhutto, calls for transfer of power to the elected representatives before the next budget. 1977: PPP Government charges Asghar Khan of subverting armed force’s loyalty by writing ‘open letter to officers’. 1989: Jam Sadiq Ali is granted interim bail in Hur murder case. SINDHI TRANSLATION OF POST: ************* 4.5.1839: پاٽينجر جي اسسٽنٽ لفٽيننٽ ليڪيئ اڄ خط لکي کيس ٻڌايو ته سنڌ جي حڪمرانن سيوهڻ ڀرسان سنڌوندئ ۾ اسان جو آگبوٽ پڪڙي پنهنجي قبضي ۾ ورتو آھي. 4.5.1845: اهو ئي نيپيئر هو, جنھن کي سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ اتر سنڌ ۾ مير علي مراد خان اخلاقي ۽ سياسي ساٿ ڏنو ۽ مائٽن کي ناراض ڪري, هن جي مدد ڪئي. اٺ جنهن وڻ هيٺان ويهي, ان کي ئي کائي. نيپيئر به ايئن ڪيو. اڄ ھن مير علي مراد خان خلاف "نونهار ٺاه" وارو ڪيس ٺاهي گورنر جنرل کي موڪليو ۽ لکيو ته مير علي مراد خان مير رستم علي خان سان اهو ٺاه ڪري, ان ۾ پنهنجئ مرضئ سان ڦير گهير ڪئي هئي. 4.5.1848: سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوء انگريزن کي قلات جي خان سان زمين جي مالڪئ جو مسئلو پيدا ٿيو. نيٺ اهو مسئلو نوشهري جي سابق ڪاردار قيصر خان جي مشوري تي حل ٿيو. قيصر خان مير نصير خان جو مقرر ڪيل ڪاردار هو. هن ڳالھ جو ڇينهرو هينئن ڪيو ته جيڪا زمين بيگارئ جي پاڻئ تي آباد ٿئي, اها سنڌ جي آھي ۽ جيڪا زمين بارانئ تي آباد ٿئي, اها قلات جي آھي. اڄ اها ڳاله شڪارپور جي ڪليڪٽر سنڌ جي ڪمشنر ڏي لکي موڪلي. 4.5.1912: حيدرآباد ۾ شرعي استادن جي تنظيم "انجمن معلم شرع" جي مولوئ حاجي حمادالله جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻي ۾ پنج هزار کان وڌيڪ مسلمانن شرڪت ڪئي. هن ۾ ٺٽي جي قاضي فضل الله جي تجويز ۽ گونئ تعلقي جي زميندار قاضئ حاجئ اسدالله جي تائيد سان ٺھراء پاس ڪري ڪراچئ جي ڪليڪٽر لارينس کي وڌائيون ڏنيون ويون. ڇو ته هن مسلمانن کي سيڪيولر تعليم ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. [هئ ڳالھ اها نشاندهي ڪري ٿي ته انگريزن جي حڪومت وارئ اڌ صدئ کان پوء ديني عالمن اهو محسوس ڪيو ته سنڌي مسلمانن کي سيڪيولر/انگريزي تعليم به پرائڻ گهرجي. هن کان اڳ خاص مسلمان اها تعليم وٺندا هئا]. 4.5.1921: ڪراچئ جي "ڊيلي گزيٽ" اخبار جي اڄوڪي پرچي ۾ عيدگاه ميدان ۾ ٿيل ڪالهوڪي عوامي ميڙاڪي جو تفصيل شايع ٿيو. لکيو ويو آھي ته هن ميڙاڪي جي صدارت محمد خان ڪئي. جڏهن ته لالچند امرڏنيمل جڳتياڻئ, درگداس بي آڏواڻئ, مني لال وياس, چئنراء ورڀنداس, جيٽلي, سندرداس ولڀداس ۽ ٻين پنهنجي تقريرن ۾ سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي پڪڙي جيل وجهڻ وارئ سرڪاري پاليسئ جي ندا ڪئي. سوامي گووندانند پڻ انھئ سرڪاري دهشتگردئ جو نشانو ٿي جيل ڪاٽي رهيو هو. گڏجاڻئ ۾ ٺھراء پاس ڪري کيس وطن دوستئ تي مبارڪ ڏني وئي ۽ اهو چيو ويو ته انصاف جون تقاضن پوريون ڪرڻ بدران سرڪار اره زورائي ڪري رهي آھي. 4.5.1927: نٿورام کي عبدالقيوم ڪورٽ ۾ ڪيس هلندي قتل ڪيو هو. هن هڪ ڪتاب ترجمو ڪري ڇپرايو هو, جنهن ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ گستاخي ٿيل هئي. نٿورام جيڪو ڪتاب ترجمو ڪيو هو, ان جو ليکڪ راجپال پنجابي هو. هن خلاف به پنجاب جي هاء ڪورٽ ۾ ڪيس هليو. اڄ لاهور هاء ڪورٽ جي جسٽس ڪنور دليپسنگ ليکڪ ۽ پبلشر راجپال کي ڪيس مان آزاد ڪيو. 4.5.1930: سورهيه بادشاه پير پاڳاري جي ڪيس ۾ وڪيل ٿيڻ لاء محمد علي جناح سکر آيو ته سيٺ حاجي عبدالله هارون کيس لنچ ڏني. چوڻ ۾ ايندو آھي ته جناح ان ڪري وڪالت نه ڪئي, ڇو ته کيس پڪ ٿي وئي هئي ته انگريز حڪومت هر حالت ۾ پير پاڳاري کي آزاد نه ڪندي. 4.5.1938: سنڌ جي مسلمانڪي سياست ۾ سر غلام حسين هدايت الله اختلافن ذريعي پنهنجو سياسي دڳ ٺاهيو. پهريون "يونائيٽيڊ پارٽي" ٺھي ته هن سر شاهنواز ڀٽي ۽ سر حاجي عبدالله هارون سان عهدن جي مامري تي اختلاف ڪري وڃي پنهنجي "مسلم پوليٽيڪل پارٽي" ٺاهي. ان کان پوء سر غلام حسين هدايت الله ۽ جي.ايم.سيد وڏي عرصي تائين هڪ ٻئي جا سياسي حريف رهيا. اڄ ”الوحيد" جي پرچي ۾ سيد ٻڍل شاه لکيو ته جي.ايم.سيد اجايو سر غلام حسين جي حڪومت خلاف دشواريون پيدا ڪري رهيو آھي. سالن جا سال اختلافن جو اهو سلسلو جاري رهيو, تان جو جي.ايم.سيد کي سندس انھئ سياسي حريف ڌڙي مسلم ليگ کان ٻاهر ڪڍرايو. 4.5.2003: معصوم سنڌئ جي صدارت هيٺ سنڌي ادبي سنگت جي قمبر شاخ جي دستوري گڏجاڻي ٿي. هن گڏجاڻئ ۾ راشد بروهئ, جوش ٻرڙي, آتش سنڌئ, دين محمد ڪلهوڙي, رياضت ٻرڙي, شبير حسين شبير, قمرالدين قمر, ڀائو در محمد, مشتاق ٻرڙي, حڪيم چانڊيئي, مٺل کوسي ۽ يونس لاشارئ شرڪت ڪئي. ************* {4 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} ************ [جنم ڏينهن:] 4 مئي 1930ع شاعر محمد اسحاق ”مُجاهد“ جي پيدائش ٿي. 4 مئي 1958ع اديب عاجز منگي جي پيدائش ٿي. 4 مئي 1962ع گاجي کهاوڙ سان تعلق رکندڙ صحافي شير محمد کهاوڙ جي پيدائش ٿي. 4 مئي 1963ع هالا جي شاعر ارباب ”عزم“ جي پيدائش ٿي. 4 مئي 1966ع سگهڙ عالم خان ڀان جي پيدائش ٿي. 4 مئي 1976ع صحافي عاجز شهزاد جي پيدائش ٿي. [وڇوڙو:] 4 مئي 1977ع شاعر فقير دُر محمد هيسباڻي جو انتقال ٿيو. 4 مئي 1996ع شاعر تنها سيف بخاري(هالا) جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment