Tuesday 28 May 2024

SINDH in history today (29th May). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {29th MAY} & GOOD DAY WISH. Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute. *********** Dr.Pathan wishes you Good Day. Translation of my poetry: [ Love and respect human-beings without conditions. Be sincere and make sacrifice so as you can make your Golden heart more beautiful. If you want peace of mind and dignity of soul, be humble & simple. Surrender your life before your beloved and protect it properly. Understand Self. Promote and project love, beauty and peace. Otherwise, you will definitely be sinfull, criminal and advocate of hatred & discrimination ] جي سپنا سوچون ۽ سر سونپین تان پوء آء، تن من روح سندو اٿئي ان ۾ ئي اصل بچاء،‏ نہ تہ دل دنیا يا ڪو دادلو ڪندء توکي داء،‏‎ ‎ ڪج پاڻ پرین ۽ پیار سان تون پڪو پرچاء، ھوتن بن هئ حياتي اٿئي پاپ وڏو پڇتاء, نہ ڏسندین ڪوسو واء، سرت ۽ سلام سان.‏‎ ‎ *********** Sindh (including Pakistan) in history today {29th May} EVENTS: 1843: The Governor of Sindh informs the Govt. of India that a servant of Mir Sher Muhammad has been executed for murdering a man. Perhaps this is the first ever execution taking place in Sindh. 1857:Mir Amir Bux son of Mir Faiz Muhammad Talpur is offered Govt. service as requested by him. 1927: The Resolution adopted by the All - India Congress is discussed in the meeting of the Sindh Provincial Hindu Sabhaheld at Hyderabad. It was also decided to launch public awareness movement in favour of anti -separation. 1930: In the meeting of Sindhi Muslim politicians held in Karachi with Sir Shahnawaz Khan Bhutto, it is resolved to hold Sindh Azad Conferences in District Head Quarters so the case and cause of the s 1950: Crack down on farmers starts in Multan. So many are arrested to give them tough time for conflicting their Landlords. 1952: Hassan Mahmood forms first ever Muslim League Ministry in Bahawalpur State. Sardar Muhammad Ajmal Laghari and Rao Hafiz -u- Rahman are taken as ministers. 1962: Begam G.Allana and other six ladies are elected as National Assembly members. 1963: Pakistan and Afghanistan agree to re- establish diplomatic relations. 1973: National Assembly disapproves demand for trial of the Ex - President Gen. Yahya Khan. 1979: Begam Nusrat Bhuttoand Benazir Bhutto is released 1988: President Gen. Zia dissolves National Assembly and removes Junijo cabinet. Prime Minister Junijo was on foreign visits. He found everything changed as he landed at Islamabad! SINDHI TRANSLATION OF POST: EVENTS FROM SINDH HISTORY (29th May) By: Dr. Pathan ** 1849ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر ميجر جيڪب جو جواب بمبئي حڪومت کي موڪلي ڏنو، فيبروري مهيني ۾ ڪشمور ۾ وڏي تعداد ۾ مري، بگٽي ۽ کيتران قبيلي جي ماڻهن حملو ڪيو هو، ان حوالي سان بمبئي سرڪار طرفان ميجر جيڪب کان وضاحت ۽ جواب طلب ڪيو ويو هو، هن کان ان حملي کانسواءِ شڪارپور ۾ افغانين جي مداخلت جي معاملي بابت پڻ راءِ گهري وئي هئي جيڪا پڻ بمبئي حڪومت کي موڪلي وئي. ** 1917ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽي جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سوسائٽي جا عهديدار چونڊيا ويا، ريجهومل ايڇ بي آڏواڻي ۽ پروفيسر پي ڪي شهاڻي ڪاليج جي اڳوڻن شاگردن مان چونڊيا ويا، جڏهن ته ڪاليج ۾ پڙهندڙ شاگردن مان منگهارام ملڪاڻي ۽ مرچنداڻي کي چونڊيو ويو، ان موقعي تي اهو به فيصلو ڪيو ويو ته مرزا قليچ بيگ جو ڊرامو فيروز دل افروز ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پيش ڪيو ويندو. ** 1927ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هندو سڀا جي حيدرآباد ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ بابت ڪانگريس جي پاليسي تي بحث شروع ڪيو ويو، ان موقعي تي اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ کي جيڪڏهن بمبئي کان ڌار ڪيو ويو ته تحريڪ هلائي ويندي. ** 1930ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سنڌي مسلمان اڳواڻن جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ شاهنواز ڀٽو، جي ايم سيد، محمد ايوب کهڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سنڌ آزاد ڪانفرنسون ڪرايون وينديون ته جيئن سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرائڻ جي حوالي سان عوامي راءِ جوڙي سگهجي. ** 1962ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بيگم جي الانا ۽ ٻيون 6 عورتون قومي اسيمبلي جون ميمبر ٿي ويون، بيگم جي الانا سنڌ جي تعليم واري وزير پيار علي الانا جي ماءُ ۽ ناليواري شاعر جي الانا جي گهرواري هئي، هوءَ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر پڻ رهي. ** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قومي اسيمبلي اڳوڻي صدر جنرل يحيٰ خان خلاف ڪيس هلائڻ وارو مطالبو رد ڪري ڇڏيو. ** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق جي حڪومت طرفان بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو کي آزاد ڪيو ويو، اقتدار تي قبضي کانپوءِ ڀٽو سميت سندس گهروارن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو هو. ** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي حڪومت کي برطرف ڪري ڇڏيو. جوڻيجو ملڪ کان ٻاهر ويل هو، سندس غيرموجودگي ۾ هن جي حڪومت کي برطرف ڪيو ويو، جوڻيجو اسلام آباد ايئرپورٽ تي پهتو ته سڀ شيون تبديل ٿيل هيون ۽ هو وزيراعظم نه رهيو. اڄوڪي ڏينهن 29 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 29 مئي 1890ع صحافي ۽ فريڊم فائيٽر لوڪرام شرما جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 مئي 1944ع شاعر غلام علي مٺل چنا جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 مئي 1940ع اڳوڻي صدر فاروق لغاري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 مئي 1970ع ليکڪا، شاعره ۽ ٽي وي ڪمپيئر زاهده تاج ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 29 مئي 1982ع شاعره، ڪالم نگار ۽ سياستدان فاطمه ڀٽو (شهيد مير مرتضى ڀٽو جي نياڻي) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 29 مئي 1785ع مير نور علي شاهه رضوي جو انتقال ٿيو. 29 مئي 1884ع سنڌي ٻولي جي ترقي لاء ڪم ڪندڙ انگريز ڪمشنر بارٽل فريئر جو انتقال ٿيو. 29 مئي 1933ع صحافي ۽ فريڊم فائيٽر لوڪرام شرماديهانت ڪري ويو. 29 مئي 1938ع مذهبي اسڪالر مخدوم ابوبڪر مهيسر جو لاڏاڻو ٿيو. 29 مئي 1952ع شاعر ۽ بزرگ پير تقي شاهه جيلاني جو لاڏاڻو ٿيو. 29 مئي 1985ع ليکڪ مير حاجي محمد بخش ٽالپر جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment